تماڪ جو استعمال موت جو ٻيو وڏو سبب

اسد ڀٽو

تماڪ جو استعمال انساني زندگي لاءِ ڪيترو خطرناڪ آهي، ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته صحت جي عالمي اداري موجب ”تماڪ جو واهپو دنيا ۾ موت جو ٻيو وڏو سبب بڻجي ويو آهي ۽ ان جي واهپي سبب هر سال 60 لک ماڻهو مري وڃن ٿا.

اندازو آهي ته جيڪڏهن ان سلسلي ۾ جوڳا انتظام نه ورتا ويا ته 2020ع تائين اهو تعداد هڪ ڪروڙ تائين پهچي ويندو. اهو به چيو وڃي ٿو ته انهن مان 70 سيڪڙو موت پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن ۾ واقع ٿيندا“.

پاڪستان ۾ صحت جي عالمي اداري موجب هر سال هڪ لک ماڻهو تماڪ واپرائڻ سبب مرن ٿا، پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو مرد ۽ 8 سيڪڙو عورتون تماڪ واپرائين ٿيون.

هن وقت تماڪ واپرائڻ جا ڪيترائي طريقا موجود آهن. جن ۾ سڀني کان عام سگريٽ ڇڪڻ آهي. ان کان سواءِ وڏا ماڻهو پائپ ۽ سگار استعمال ڪندا آهن ته غريب پن جي ٻيڙي پيئندا آهن.

حقو ڇڪڻ ۽ هاڻي شيشي جو شوق به عام آهي، تماڪ ۾ 7 هزار کان به وڌيڪ ڪيميڪلز شامل هوندا آهن. جيڪي صحت لاءِ نقصانڪار آهن.

اهي دل ۽ دم جي بيمارين کان سواءِ ڪينسر جي مرض کي پڻ جنم ڏئي سگهن ٿا. تماڪ جي دونهين ۾ نڪوٽين موجود هوندي آهي.

جيڪو تماڪ جي عادت پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، نڪوٽين دل تي به اثر ڪندي آهي. جنهن ڪري دل جي ڌڙڪن وڌي ويندي آهي، نڪوٽين جي ڪري دل جون ناليون سُسَڻ لڳن ٿيون ان سان گڏ تماڪ ۾ ٽار به هوندو آهي، جيڪو انسان جي ڦڦڙن تي دونهين جو ڪارو تهه چاڙهي ڇڏيندو آهي، ان ڪري ساهه کڻڻ ۾ مشڪل ٿيندي آهي.

دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تماڪ چين پيدا ڪري ٿو شايد اهو ئي سبب آهي ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ 30 سيڪڙو تماڪ واپرائيندڙ چين ۾ ئي آباد آهن.

ڀارت تماڪ اُپائڻ ۽ واپرائڻ ۾ ٻي نمبر تي آهي. جتي دنيا جا 10 سيڪڙو تماڪ ڇڪيندڙ موجود آهن، تماڪ جي سڀ کان وڏي ”چائنا نيشنل ڪمپني“ دنيا جو 33 سيڪڙو تماڪ وڪڻي رهي آهي.

ويهين صديءَ ۾ 10 ڪروڙ ماڻهو تماڪ واپرائڻ جي ڪري مري ويا ۽ هلندڙ صديءَ ۾ هڪ اندازي مطابق هڪ ارب ماڻهو تماڪ نوشي جي ڪري موت جي منهن ۾ وڃڻ وارا آهن.

افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته تماڪ ڇڪڻ جي نقصان کان واقف هوندي به ان جي واهپي ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي.

رپورٽن موجب دنيا ۾ روزانو 15 سئو ماڻهو تماڪ واپرائين ٿا، دنيا ۾ هن وقت هڪ ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ تماڪ واپرائيندڙ موجود آهن.

پاڪستان اندر تماڪ سبب پيدا ٿيڻ وارن مرضن ۾ پڻ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي. ملڪ ۾ ڦڦڙن، ڳلي ۽ معدي جي ڪينسر جي وڌندڙ شرح ان جو هڪ مثال آهي.

افسوس جو ملڪ ۾ تماڪ جي وڌندڙ واهپي جي ڪري ٿيندڙ نقصان کي روڪڻ لاءِ ڪي به سنجيندا ڪوششون نه پيون ڪيون وڃن.*