حيدرآباد ۾ تيزي سان وڌندڙ ترقياتي ڪم

ناديه پٺاڻ

هن دؤر کي جديد دؤر چيو وڃي ٿو، هن دؤر ۾ دنيا ۾ ترقي ٿي رهي آهي، پوءِ اها مختلف قسم جي ٽيڪنالاجي هجي يا نئين نسل جي سوچ، اهي سڀ شيون جديد ۽ نيون نظر اچن ٿيون.

هن دور جو ماڻهو  نئين ۽ خوبصورت شيءِ ڏسڻ پسند ڪري ٿو. خاص طور تي اهي جڳهيون جتان انسان جو گذر ۽ اٿڻ ويهڻ ٿئي ٿو.

حيدرآباد شهر ۾ رهندڙن جي ڳالهه ڪريون ته يقيناً انهن جي به اها ئي خواهش هوندي ته اسان جو شهر به پاڪستان جي ترقي يافته شهرن ۾ شمار ٿئي، هن وقت حيدرآباد شهر ۾ ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن.

هتي ڪافي پليون ٺهرايون ويون آهن، جنهن سان ٽريفڪ جو نظام بهتر ٿيو آهي، شهر جي خوبصورتي لاءِ چوراها ۽ پارڪ پڻ ٺهرايا ويا آهن، کائڻ پيئڻ جي لحاظ کان هتي ننڍين هوٽلن کان وٺي وڏيون خوبصورت ريسٽورنٽ به موجود آهن، جتي ماڻهو شوق سان اچن ٿا، ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته حيدرآباد جا ماڻهو گهمڻ ڦرڻ کان وڌيڪ کائڻ پيئڻ جا شوقين آهن يا ته هتي جو کاڌو لذيذ آهي يا ته هتي گهمڻ ڦرڻ لاءِ بهتر جڳهه نه هئڻ سبب ماڻهو ريسٽورنٽ ۽ هوٽلن جو رخ ڪن ٿا. ان ڪري هتي ڪافي خوبصورت ريسٽورنٽس جي اڏاوت ۾ تيزي ايندي وڃي ٿي.

جيڪڏهن حيدرآباد جي ترقي ۾ ڪنهن مخصوص علائقي تي نظر وجهون ته يقيناً آٽو ڀان روڊ حيدرآباد جي ترقي ۽ خوبصورتي ۾ اضافو ڪري ٿو.

هتي وسيع ۽ خوبصورت ريسورنٽس، پيزا پوائنٽ، لاروش، ڊي گريويٽي ڪيفي، آسڪريم سينٽر، بيري لشز، او پي ٽي پي مشهور آهن.

ان کان علاوه هن روڊ تي خوبصورت بوتيڪ جهڙوڪ کاڌي، بريز ۽ گل احمد سان گڏوگڏ بورجان، فش پوائنٽ، ديسي هٽ، هش پپيز، مڪڊونل، اسٽائلو ۽ سب وي جهڙيون مشهور جڳهيون واقع آهن.

ان کان علاوه ڪجهه پروجيڪٽ به زير تعمير آهن، جنهن جي ٺهڻ سان حيدرآباد به ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن جي فهرست ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.

هتي شاپنگ مال سان گڏوگڏ 3D سينيما به وجود ۾ ايندا، جتي روڊ پارڪنگ ۽ لفٽ جهڙيون سهولتون پڻ ميسر ڪيون وينديون.

غير آبادي وارا علائقا به آباد ٿي رهيا آهن، جهڙوڪ: ڪوهسار جو علائقو آهي، جيڪو ويران جنگل ڪوٺرايو ويندو هو، پر ڏسندي ئي ڏسندي هتي پلاٽنگ شروع ٿي وئي ۽ آبادي به وڌندي وئي، هن وقت اتي ڪروڙين روپين جا گهر آهن.

حيدرآباد ۾ ترقياتي ڪم جاري آهي ۽ شهرين کي اميد آهي ته حيدرآباد به هڪ ڏينهن سنڌ جو خوبصورت ترين شهر ٿي ويندو.*