سنڌ۾ لائبريرين جي ڪوٽ

جان محمد شيخ

لائبريري جنهن کي اسان ڪتب خانا به چوندا آهيون. لائبريريون پڙهيل لکيل مهذب قومن جي معاشري ۾ ائين هونديون آهن جيئن انسان ۾ ساهه جي رڳ هوندي آهي.

 دنيا جون ترقي يافته قومون لائبريرين کي پنهنجي جان ۽ پنهنجي مال کان وڌيڪ محفوظ رکنديون آهن، پر افسوس اسان جي معاشري ۾ ڪنهن به ماڻهو جو لائبريرين طرف ڌيان نه آهي، اسان جي معاشري ۾ لائبريرين جو تعداد اڳ ئي تمام گهڻو آهي ۽ ٻيو ته اهي ڏينهون ڏينهن تباهي جي ڪناري پهتيون آهن.

دنيا ۾ اڄ ڏينهن تائين جيڪي به انقلاب آيا آهن اهي انقلاب صرف ۽ صرف لائبريرين جي ڪري ئي آيا آهن.

حضرت علي ڪرم الله وجہ جو قول مبارڪ آهي ته: جنهن قومن کي اوهان تباهه ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوهان انهن قومن جي تعليم تباهه ڪيو، اُهي قومون خودبخود تباهه ٿي وينديون.

اڄ جيڪا سنڌ جهالت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي اُها صرف ۽ صرف لائبريرين جي طرف ماڻهن جو رجحان گهٽ هجڻ جي ڪري آهي، آءُ وڏي حيرت سان هن معاشري کي ڏسندو آهيان ته چار يونيورسٽين سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي، لياقت يونيورسٽي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي مرڪز واري شهر حيدرآباد ۾ ڪتاب ته ريڙهن ۽ فٽ پاٿن تي وڪرو ٿين ٿا پر افسوس جو جوتا وري وڏن وڏن ايئرڪنڊيشنز دڪانن تي وڪرو ٿيندا آهن.

تڏهن ته علامه آءِ آءِ قاضي چيو هو ته جيڪا قوم سستا ڪتاب خريد ڪرڻ ۾ عيب سمجهي ۽ مهانگا ڪتاب نه پر جوتا خريد ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري ته ان قوم کي علم کان وڌيڪ جوتن جي ضرورت آهي.

سنڌ ۾ هن وقت هر تعلقي ۾ لائبريري آهي پر ان طرف ماڻهن جو ڌيان گهٽ آهي. ان باوجود به ان لائبريرين ۾ علم سان چاهه رکندڙ پري پري کان ڪهي اچن ٿا.

جيڪڏهن حڪومت لائبريرين کي تعلقي سطح کان يونين ڪائونسل تائين آڻي ته ان سان تعليم ۾ تمام گهڻي بهتري ايندي ۽ انهن ماڻهن کي تمام گهڻي آساني ٿيندي جيڪي ماڻهو علم جي اُڃ اجهائڻ لاءِ پري پري تائين پنڌ ڪري لائبريرين ۾ اچن ٿا.

اسان جا سول سوسائٽي جا نمائندا سياسي، سماجي، صحت، امن امان ۽ ٻين مسئلن تي ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ اسڪولن ۾ سيمينار ته ڪرائيندا آهن پر افسوس جو انهن ڪڏهن به لائبريرين بابت ماڻهن کي تعليم ڏيڻ ۽ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ سيمينار نه ڪرايو آهي.

اسان جي معاشري ۾ ڪم ڪندڙ سول سوسائٽي، سياسي سماجي تنظيمون پنهنجي شهرن ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ، پاڻي جي کوٽ، بدامني ۽ اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ جي خلاف ريليون ڪڍي ڌرڻا هڻنديون آهن کان ويندي شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال به ڪرائيندا آهن پر افسوس جو ڪڏهن به نه پڙهيو آهي ۽ نه ٻڌو آهي ته ڪنهن شهر ۾ لائبريري جي قيام لاءِ ڪو احتجاج ڪيو ويو هجي.

اسان سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي، لياقت يونيورسٽي ۽ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي انتظاميه کي گذارش ڪنداسين ته هاسٽلن تي رهندڙ شاگردن جي سهولت لاءِ هاسٽلن ۾ به لائبرريون قائم ڪرائي ڏنيون وڃن ته جيئن شاگرد پري وڃڻ بجاءِ اتي ئي پڙهي سگهن، وڏو ڏک انهن شاگرد تنظيمن تي به آهي، جيڪي هر ننڍي وڏي مسئلي جو حل هاسٽل گيٽ بند ڪري ڌرڻو هڻڻ ۾ سمجهندا آهن پر لائبريري لاءِ ڪڏهن ڪنهن تنظيم ڪو احتجاج نه ڪيو.

اسان جون حڪومتون مختلف شعبن ۾ ترقي لاءِ وڏيون وڏيون ٽيمون جوڙينديون آهن، وڏا وڏا اعلان ڪنديون آهن، پر افسوس لائبريرين جي ترقي لاءِ اڄ ڏينهن تائين ڪوبه قدم نه کنيو ويو آهي.

دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ لائبريرين جو سڄو سسٽم ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو ويو آهي پر اسان جي سنڌ جي موجوده لائبريرين مان ڪنهن هڪ کي به ڪمپيوٽرائيزڊ نه ڪيو آهي، جنهن جي ڪري ڪوبه ڪتاب ڳولڻ ۾ اسان کي اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ ٽائيم لڳي وڃي ٿو ۽ مينوئل نظام ڪري اڄ تائين الائي ڪيترا ڪتاب گم ٿي ويا آهن.

ڄامشورو جنهن جي آبادي لڳ ڀڳ 4 لک تائين آهي هتي به ڪا پبلڪ لائبريري قائم نه ڪئي وئي آهي ڪيڏي نه حيرت انگيز ڳالهه آهي جو جنهن شهر ۾ ڪتاب ٺهندا هجن، جيڪو شهر سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جهڙي عظيم اداري سان نوازيل هجي ان شهر ۾ پبلڪ لائبريري نه هجي اهو ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي.

جيئن ته اسان جي ضلعي سانگهڙ جي تعلقي ٽنڊو آدم ۾ پڻ ٽي لائبريريون موجود آهن جنهن مان ٻه گورنمينٽ پبلڪ لائبريريون آهن ۽ باقي هڪ خانگي لائبريري آهي.

جيڪا وڪيل عبدالحڪيم کوسو پنهنجي شهيد پٽ اي ايس آءِ محمد علي کوسو جي ياد ۾ ان جي نالي سان قائم ڪرائي آهي. جنهن ۾ هن وقت به تقريباً 4000 جي لڳ ڀڳ ڪتاب موجود آهن.

ان کان علاوه ٻه ٻيون لائبريريون پڻ ٽنڊو آدم ۾ موجود آهن، جنهن مان هڪ عبداللطيف لائبريري جي نالي سان آهي جيڪا ميونسپل ڪميٽي جي طرفان قائم ڪرايل آهي، جنهن ۾ تقريباً 9000 جي لڳ ڀڳ ڪتاب موجود آهن. ۽ ٻي نيو علي ڳڙهه ڪاليج ۾ آهي جنهن ۾ پڻ تمام گهڻي مقدار ۾ ڪتاب موجود آهن.

انڪري سنڌ جي سڄاڻ ڌرين کي گهرجي ته هن اهم مسئلي تي سوچين ۽ لائبريرين کي عام ڪرڻ لاءِ جلد از جلد ڪي اُپاءَ وٺن ۽ حڪومت کي آءٌ نماڻي گذارش ڪندو هلان ته لائبريرين کي يونين ڪائونسل سطح تائين قائم ڪرايو ۽ هر پرائمري اسڪول ۽ هاءِ اسڪول ۾ پبلڪ لائبريريز قائم ڪرايو، جيڪڏهن اوهان ايترو ڪجهه نٿا ڪري سگهو ته خدارا 2007ع ۾ سڙي ويل گشتي ڪتب خاني جي گاڏين کي ٺهرائي ۽ وڌيڪ گاڏيون ڏئي ڪري انهن کي پابند ڪيو ته اهي ننڍن وڏن اسڪولن ۾ وڃي ڪري ڪتاب پهچائين ۽ اها به گذارش ٿا ڪريون، اوهان کي ته سنڌ جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ لائبريري بابت سيمينار منعقد ڪرائي ماڻهن ۾ لائبريري طرف وڃڻ جو رجحان وڌايو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ آءٌ اوهان سڀني پڙهندڙن کي گذارش ڪندس ته لائبريرين بابت سيمينار ڪرايو، جڏهن ماڻهو تعليم طرف وڌندا ته پوءِ امن به ٿيندو ۽ ماڻهو پنهنجو حق وٺڻ به سکندا.*