مفروضن جا ماريل ماڻهو

عبدالسلام سپڙو

سنڌ ۽ سنڌ واسين جي نصيب ۾ حيلن، وسيلن ۽ ذريعن جي کوٽ رهي آهي ۽ جڏهن به ڪنهن قوم جو اهڙو حشر ٿيندو آهي يا ڪيو ويندو آهي ته پوءِ اها قوم اڻ ڏٺين قوتن ۽ معجزن ۾ ايمان رکڻ شروع ڪندي آهي.

هن جي لوچ ته گهٽجي ويندي آهي پر سوچ ۾ اضافو اچي ويندو آهي. انهيءَ سوچ جو بنياد وري وهم ۽ وسوسا بڻجي پوندا آهن ۽ هر ڪنهن فرد جي بصيرت مفروضن تائين محدود ٿي ويندي آهي. اسان جو اهو ئي حشر آهي ۽ اسان انهيءَ موڙ تي پهچي چڪا آهيون.

مفروضا، وسوسا ۽ وهم اسان جي زندگيءَ جي هرهڪ شعبي ۾ واهيرا ڪري ويٺا آهن. ان ڪري اسان حالتن، واقعن ۽ فردن جي جاچ پڙتال سائنسي بنيادن تي ڪري نه ٿا سگهون، پر ان جي برعڪس انهن بابت پاڻ ڪو نه ڪو مفروضو ٺاهي، انهيءَ تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهون ٿا.

تاريخ ۽ تحقيق جي سند اسان جي انهيءَ مفروضاتي سوچ ڪري مُرجهي پئي آهي. سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد انهيءَ مفروضاتي روين جي ور چڙهي اسان کان اوجهل ٿي ويو آهي.

اسان جي مفروضاتي سوچ جو اهو عالم آهي جو سابق وزير اعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽي کان زندهه رهڻ جو حق کسيو ويو، سندس مزار جڙي وئي، پر ڪيترا ماڻهو ڪيتري وقت تائين اهو مڃڻ لاءِ تيار ڪونه رهيا ته ڪو سابق وزير اعظم هاڻي هن دنيا ۾ ڪونه رهيو آهي.

ڌاڙيل پرو چانڊئي تي مُئي کان پوءِ پڙ پون ٿا ۽ هن جي حياتيءَ تي فلم ٺهي ٿي. اهو سڀ ڪجهه اسان جي مفروضاتي سوچ جو نتيجو آهي.

اسان جي انهيءَ سوچ الائي ڪيترن آدرشي انسانن کي معمولي انسان بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ڪيترن ڏوهارين کي متقي ماڻهن کان به مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي.

پڙهيل هجي يا اڻپڙهيل، اڪثر ماڻهو اهڙي سوچ رکن ٿا ۽ انهيءَ سوچ جي بنياد تي قائم ڪيل نظرين، قدرن ۽ اصولن لاءِ وڏيون وڏيون قربانيون ڏين ۽ وٺن ٿا. ڪن حالتن ۾ ته ڳالهه ويڙهه ۽ ڄنڊا پٽ تي به پهچي وڃي ٿي.

مفروضاتي سوچ رکڻ اسان جي ڄاڻ سڃاڻ ٿي پئي آهي، بلڪه اسان انهيءَ سوچ جا غلام بڻجي چڪا آهيون.

اهوئي سبب آهي جو ڪنهن ڳالهه جو آڳو پيڇو ڪونه ٿا جاچيون ۽ عقل جون اکيون ٻوٽي ويهي ٿا پاڻ مرادو ان جا روحاني راز ڳولهيون.

اسان ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏسڻ کانسواءِ ۽ ملڻ کانسواءِ هن سان انتها درجي جي محبت يا نفرت ڪيون ٿا. اسان انهيءَ موڙ تي اچي پهتا آهيون، جو هاڻي عقل به اسان تي ماتم ڪري ٿو.

هن عذاب مان جند ڇڏائڻ کان سواءِ اسان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي ڪنهن به قسم جي ترقي ڪري نه ٿا سگهون ۽ ڪنهن صورت ۾ سچ ۽ ڪوڙ، حق ۽ ناحق، ظلم ۽ رحم بلڪه تضادن جي تميز ڪري نٿا سگهون.

اسان کي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻي آهي ته پاڻ کي ئي اڻ هوند مان هوند ڪرڻي آهي، ۽ پاڻ کي ئي پنهنجو محتسب ٿي جيءُ ۾ جهاتي پائي ڏسڻو آهي. اسان کي پنهنجي سوچ ۽ لوچ ۾ توازن پيدا ڪرڻو آهي.

پاڻ کي فقط ۽ فقط سوچڻ تي ئي سندرو ٻڌڻو ڪونهي، بلڪه ان کان ٻيڻو ٽيڻو لوچڻو آهي. اسان جيترو پاڻ کي مصروف رکنداسين، اوترو ئي مفروضن تي ٻڌل سوچ جو معيار ۽ اندازو گهٽبو ويندو.

بلڪه اهڙي صورت ۾ اسان پنهنجن ڏاهن، مدبرن ۽ مفڪرن کي به ٻُڌڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪنداسين. هاڻي ته هر ڪو پاڻ کي عقل جو اڪابر  بلڪه ”عقلِ ڪلُ“ ڄاڻي ٿو ۽ ڪنهن جي ڪا چڱي ڳالهه، صلاح ۽ نصيحت ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي.

مغربي ملڪن ۾ صلاح مشورو ئي زندگيءَ جي هر ڪنهن شعبي ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. وڏا وڏا سرمائيدار، عملدار ۽ سياستدان قانوني، سياسي ۽ اقتصادي ماهرن کان مشورا وٺندا آهن.

 اهي ڪي ايڏا بيوقوف ڪونه آهن ۽ نه وري سندن عقل تي تالا لڳل آهن. هنن وٽ ڏاهپ ۽ عقلمنديءَ جو قدر آهي ۽ پاڻ کي ”عقلِ ڪُل“ نه ٿا ڄاڻن.

اسان جيڪي  پاڻ کي عقل جا اڪابر ڄاڻون ٿا ڪنهن کي به ٻڌڻ لاءِ تيار ڪو نه آهيون، مغربي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ اسان زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ پٺتي آهيون، ان ڪري پوئلڳ بڻجي چڪا آهيون.

اسان جو ڇوٽڪارو انهيءَ ۾ آهي ته اسان جنهن شعبي ۾ آهيون، فقط انهيءَ شعبي جي دائري تائين سوچيون ۽ ٻئي شعبي ۾  ڄنگهه نه اٽڪايون، اسان جيڪڏهن شاگرد آهيون ته پنهنجون سوچون به شاگرديءَ جي حدن تائين محدود هجن.

اسان جيڪڏهن استاد آهيون ته اسان جون سوچون به انهيءَ رنگ جون هجن. لطيف سائينءَ جي ڏوراپي ”جي ڪوڙو تون ڪفر سين، ته ڪافر ڪيم سڏاءِ“ کان بچڻ لاءِ اسان پنهنجي قول، فعل ۽ ڪردار ۾ اهي نظر اچون، جيڪي آهيون. اهڙي صورت ۾ اسان ٻهروپي ۽ ڏهروپي ٿيڻ کان بچي وينداسين ۽ اسان جي شخصيت اڌ ڪاٺ جي ۽ اڌ لوهه جي نظر نه ايندي.

ايئن ڪرڻ سان اسان نه فقط مفروضاتي سوچ رکندڙ شخصيت ٿيڻ کان بچي وينداسين بلڪه حقدار کي حق به ڏينداسين، اهو هن روپ ۾ ته استاد کي استاد ڄاڻينداسين، والدين کي والدين تسليم ڪنداسين، سياستدان کي سياست ڪرڻ ڏينداسين ۽ ڏاهي کي ڏاهو ڄاڻينداسين. پاڻ ”عقلِ ڪُل“ جي عذاب کان بچي وينداسين ۽ هڪ اڌوري اڻپوري وجود ۾ اڻڳڻين شخصيتن کي جن جيان واسو ڪرڻ نه ڏينداسين.*