جديد ٽيڪنالاجي جا فائدا ۽ نقصان

سنڌو ميمڻ

جديد ٽيڪنالاجي سان ڀريل معاشرو جنهن ۾ ضرورت جي هر شيءِ موجود آهي، جن مان اسان کي فائدو به آهي ته نقصان به.

جهڙوڪ: ”ايئر ڪنڊيشن“ جنهن مان اسان کي وقتي ٿڌڪار ته ملي ٿي پر ان ٿڌڪار جو اثر اسان جي جسم ۽ هڏن کي نقصان پهچائي ٿو.

اسان جي گهر جا وڏڙا ايئرڪنڊيشن هوندي به گهر جي اڱڻ ۽ پڌر ۾ کٽون رکي انهن تي سمهندا آهن، ۽ انهن جو اهو چوڻ هوندو آهي ته جيڪا قدرتي هوا لڳندي آهي ان جو فائدو آهي ۽ مصنوعي هوا مان نقصان.

ٻي ٽيڪنالاجي”فرج“ آهي، جيڪي پهچ وارا ماڻهو آهن انهن ته فرج خريد ڪيو پر جن ويچارن جي پهچ کان اهي شيون ٻاهر آهن، اهي چپ ڪري قدرتي ذريعن سان انهن شين جو فائدو وٺندا آهن.

اُهي ويچارا غريب ٿڌو پاڻي پيئڻ لاءِ به مٽ ۽ گُهگهيون ڀري ڪنهن وڻ جي ٿڌي ڇانو يا پکن جي هيٺان رکندا هئا ۽ پوءِ اهو پاڻي پيئڻ جي استعمال ۾ آڻيندا هئا.

فرج نه هئڻ جي ڪري ماڻهو جيڪو به کاڌو وغيره پچائيندو هو اُن وقت تازو کائي وٺندو هو ۽ بيمار به گهٽ ٿيندو هو پر فرج جي اچڻ سان ماڻهو بچيل کاڌو فرج ۾ رکندا آهن ۽ ٻه ٽي ڏينهن استعمال ڪندا آهن انهي سان صحت تي اثر پوي ٿو.

هن دور جو ماڻهو ڏسون ته انهن کي آسائشون به گهڻيون ته وري انهن کي بيماريون به گهڻيون. اڄ ڪلهه ماڻهو طاقت وارو کاڌو ايترو نٿا کائين جيتريون دوائون ٿا واپرائين. انهن جو جيڪڏهن پيٽ چيرينداسين ته انهن جي پيٽ مان پورو ميڊيڪل اسٽور نڪرندو.

اڄوڪي دور ۾ ”ٽي وي“ ڏسڻ سان اسان کي هر قسم جي معلومات ملي ٿي، اسان کي گهر ويٺي ئي هر جڳهه هر ڳوٺ جي ڄاڻ ملي ٿي. خاص ڪري اڄ ڪلهه جي ميڊيا ته ايتري ترقي ڪري وئي آهي وئي جتي به ڪجهه به اڃا ٿئي مس ٿو ته هر نيوز چينلن تي اها خبر، ان ڳجهه جي صورتحال براهه راست عوام تائين پهچائي وڃي ٿي.

ان سان گڏ معلوماتي کوڙ سارا پروگرام پڻ هلن ٿا، جن مان اسان کي ڄاڻ ۽ معلومات پڻ ملي ٿي.

ان سان گڏ رڌ پچاءَ وارا پروگرام به ڏيکاريا وڃن ٿا جن سان گهر ۾ رهندڙ عورتون ۽ ڇوڪريون پڻ فائدو حاصل ڪن ٿيون ۽ ائين انهن جي ڄاڻ ۾ گهر ويٺي اضافو ٿئي ٿو.

پر ٽي وي جو اسان جي ننڍي نسل تي تمام گهڻو اثر پوي ٿو، ڇو جو معلوماتي پروگرامن سان گڏوگڏ اڄ ڪلهه ته اهڙا پروگرام ۽ فلمون اچن ٿيون جيڪي اسان جي ننڍي نسل تي ڪافي غلط ۽ خراب اثر ڇڏين ٿيون.

ان کان پوءِ ”ڪمپيوٽر“ ۽ “انٽرنيٽ“ جنهن رهيو کويو نور به چٽ ڪري ڇڏيو آهي پر اهو به ناهي ته انٽرنيٽ جا رڳو نقصان ئي آهن. بلڪل نه .....؟

انٽرنيٽ جا انيڪ فائدا به آهن، انٽرنيٽ جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته اسان جي پڙهائي ۾ اسان کي ڪافي نه بلڪه تمام گهڻي مدد ملي ٿي.

ڪابه اهڙي شيءِ ناهي جيڪا انٽرنيٽ تي ڳولهيون ۽ نه ملي. ننڍي کان ننڍي لفظ کان وٺي وڏي کان وڏي بيماري تائين جي باري ۾ اسان کي انٽرنيٽ تان معلومات ملي ٿي.

جنهن جي مدد سان اسان کي ان مسئلي جو حل ملي ٿو، اڄڪلهه ته وري فيس بوڪ، اسڪائپ تي ماڻهو ڪٿي به ويهي، ڀلي اهو ملڪ کان ٻاهر هجي يا ڪٿي به، جنهن وقت چاهي وڊيو ڪال جي ذريعي ڳالهائي سگهي ٿو نه صرف اهو پر هاڻي ته خريداري به آن لائين ڪري سگهجي ٿي.

اهي سڀ انٽرنيٽ جا فائدا آهن هاڻي هڪ نظر نقصانن تي به وڌي وڃي نقصانن جي فهرست ۾ اول نالو اچي ٿو ”فيس بوڪ“ جو ان تي جيترو لکون ٿا اهو گهٽ آهي ڇو جو ”فيس بوڪ“ واحد اها شيءِ آهي جنهن سان صرف نقصان ئي آهن. انٽرنيٽ تان اسان کي پڙهائي لاءِ الاهي ساري معلومات ته ملي ٿي پر اها پڙهائياڄڪلهه ڪير ٿو ڪري ......؟

هر وقت اسان ۽ اسان جو نوجوان نسل فيس بوڪ تي مصروف آهي جو ٻي ڪنهن شيءِ ڏانهن ڌيان ئي نٿو وڃي.

انٽرنيٽ کوليندي ئي اسان اول ڪم فيس بوڪ تي ڪندا آهيون، ڀلي ان کان وڌيڪ ڪو ڪم ضروري ڇو نه رهيل هجي. بس هڪ دفعو فيس بوڪ کلي پوءِ ته دنيا اونڌي ٿي وڃي پر انهن جي اک ڪمپيوٽر مان نڪرندي ئي نه.

نوجوانن سان گڏوگڏ اسان جي ننڍي نسل کي به ايترو ته فيس بوڪ جو چسڪو لڳل آهي جو اسان کان به وڌيڪ انهن کي ڄاڻ هوندي آهي، فيس بوڪ جي سيٽنگ اهي ٻار اسان کي ٻڌائيندا آهن ته فيس بوڪ هينئن هلائبو آهي.

هاڻي ٿورو موبائيل فون تي به لکيو وڃي، ان لاءِ فيس بوڪ تان لاگ آئوٽ ٿيون ٿا ۽ موبائيل کي ڪيون ٿا آن، موبائيل فون جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته جيڪڏهن ڪا ايمرجنسي اچي ٿي وڃي ۽ اسان کي ڪنهن ۾ ڪم ٿو پوي يا اسان ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي ٿا وڃون ته هڪدم اسان موبائيل فون جي ذريعي پنهنجي گهروارن ۽ دوستن سان رابطي ۾ اچي ٿا وڃون يا هاڻي عيد تي عيد ڪارڊ بجاءِ هاڻ موبائيل فون تي دوستن ۽ عزيزن کي ايس ايم ايس ڪيا وڃن ٿا.

هاڻي ڪجهه نقصان زير نظر به ڪيا وڃن. اها ته ظاهري ڳالهه آهي ته موبائيل فون جا نقصان به هوندا آهن نقصان اهو آهي ته موبائيل فون جي مدد سان ئي اسان جي ملڪ ۾ دهشتگردي عروج تي پهتي آهي.

ٻيو نقصان آهي اسان جو يعني نوجوان نسل جو، جيڪي اٿندي ويهندي، گهمندي، ڦرندي مطلب ته هر وقت موبائيل جو استعمال اسان لاءِ ته ڄڻ انتهائي ضروري ٿي ويو آهي.

اسان کي موبائيل فون جي ايتري ته عادت پئجي چڪي آهي جو رات جو جيڪڏهن ڪهڙي به وقت اک کلندي آهي ته اول هٿ موبائيل ڏانهن ويندو آهي.

اکيون به ناهن کلنديون پر پوءِ به ڏسڻو ضرور هوندو آهي. ايتري قدر جو اسان ليڪچر جي دوران به موبائيل فون استعمال ڪندا آهيون، بجاءِ استاد کي ٻڌڻ جي، ان سان اسان جي پڙهائيءَ جو به نقصان ته موبائيل فون جي تيز روشني سان اسان جي اکين کي به نقصان. باقي رهي سهي ڪسر ڪال پيڪيجن پوري ڪري ڇڏي.

هي هيون اسان جي جديد دور جون ڪجهه جديد ٽيڪنالاجيون اڃان به گهڻو ڪجهه آهي لکڻ جي لاءِ پر انهن مان ڪجهه هي زِير نظر ٿي سگهيون آهن.

اسان جي معاشري ۾ ته اڃا به جديد ۽ نيون نيون ٽيڪنالاجيون ايجاد ٿيون آهن ۽ ٿينديون پر چوندا آهن ته: ”جيڏا اُٺ تيڏا لوڏا“

مطلب ته اهي ٽيڪنالاجيون اسان کي جيڏا فائدا ڏينديون، تيڏا نقصان به ڏينديون آهن. ظاهر آهي هر سڪي جا ٻه پاسا هوندا آهن.

هڪ پاسو جيڪڏهن اسان کي کٽرائيندو آهي ته ٻيو پاسو وري هارائيندو به آهي. اهڙي طرح انهن ٽيڪنالاجين جا فائدا ته آهن پر نقصان به آهن. هاڻي اهو انهن کي استعمال ڪرڻ وارن تي آهي ته اهي انهن مان فائدا ٿا وٺن يا نقصان يا وري ٻئي.*