قمبر ۾ گدلاڻ ۽ اسانجون ذميواريون

صابر علي ٻرڙو

قمبر شهر سنڌ جو تاريخي شهر آهي، قمبر شهر ۾ گدلاڻ ايتري ته ڦهلجي وئي آهي جو اتان جا رهواسي زندگي آرام سان نه ٿا گذاري سگهن. صفائي جو ڪوبه اهڙو انتظام نه آهي جو رهواسي پنهنجي زندگي صاف سٿري ۽ چڱي ريت گذاري سگهن ۽ بيمارين کان بچي سگهن.

اڪثر ماڻهو روڊن رستن تي گند، ڪچرو اُڇلائي گدلاڻ ڦهلائين ٿا. ٻي طرف وري شهرن ۾ وڌندڙ ڪارخانن ۽ گاڏين جي دونهي جي ڪري ماڻهن جي صحت تي تمام گهڻو اثر ٿئي ٿو.

گاڏين جي دونهين جي ڪري دل ۽ ڦڦڙن جون بيماريون ڦهلجي رهيون آهن. هر روڊ تي مين پڙي، پان، گٽڪو، سوپاري جون ٿُڪون وغيره اڇلايل نظر اينديون آهن.

ماڻهو اهڙيون شيون کائي هر جڳهه تي اڇلائين ٿا. اهڙو عمل پڻ گدلاڻ جو ڪارڻ آهي. شهر ۾ اڪثر ڪري روڊن، رستن تي گندو پاڻي بيٺل نظر ايندو آهي.

ايتري قدر جو شهر جي اسپتالن ۽ آفيسن ۾ به صفائي جو ڪو خاص نظام نه آهي. جڳهه جڳهه تي بيٺل گٽر جو پاڻي انسانن جي زندگي لاءِ تمام گهڻو هاڃيڪار آهي.

گٽرن جي پاڻي جي ڪري ڪيترن ئي قسمن جا زهريلا مڇر جنم وٺن ٿا. جنهن ۾ ڊينگي وائرس به شامل آهي.

جيڪڏهن نظر ڦيرائي ڏسجي ته قمبر شهر جا ماڻهو پنهنجي ذميدارين کان لاپرواهه ٿي ويا آهن. اهي صفائي جو خيال رکڻ بدران پنهنجي گهرن جي ٻاهران ڪچرو اڇلائي گندگي ڦهلائڻ ۾ ڪابه ڪثر نه ٿا ڇڏين. 

ان جو حل صرف اهو ئي آهي ته قمبر شهر جي رهواسين ۽ انتظاميا کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اسان پنهنجي شهر جو خيال نه ڪيو ته ٻاهريون ڪو نه اچي ڪندو.

ان ڪري شهر جي صفائي صرف انتظاميا جي ذميواري ناهي پر اسان تي به پنهنجي شهر کي صاف رکڻ جي ذميواري عائد ٿئي ٿي، اسان روڊن رستن تي پان، گٽڪي جون ٿُڪون نه اڇلايون، گند ڪچرو به هڪ سائيڊ تي اڇلايون، پلاسٽڪ ٿيلهيون نالين ۽ روڊن تي نه اڇلايون ته به ڪافي گندگي گهٽجي سگهي ٿي ۽ باقي رهيل ڪم انتظاميا جو آهي ته هو روڊن رستن ۽ نالين کي صاف ڪرائين ته جيئن گندگي ۽ بيمارين کان بچي سگهجي.*