تاريخ جا اڏيندڙ ؛ڪتاب تي تبصرو

لطيف گاد

تاريخ جا اڏيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ سراري طور دنيا جي مختلف شعبن جهڙوڪ مذهب، سياست، سماجيات، سرمائيداري ۽ انقلاب سان واسطو رکندڙ مختلف شخصيتن جي زندگي ۽ سندن خدمتن جو ذڪر آهي.

تاريخ جا اڏيندڙ ڪتاب بنيادي طور انگريزي ٻوليءَ ۾ ”ميڪرز آف هسٽري“ جي نالي سان شايع ٿيو، جيڪو هڪ برطانوي ليکڪ جو لکيل هو.

تاريخ جا اڏيندڙ ڪتاب جو سنڌيڪار محمد بخش سومرو آهي، جڏهن ته هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي طرفان پهريون ڀيرو 1997ع ۾ ٻيو ڀيرو 2011ع ۾ شايع ڪرايو ويو جنهن جو ملهه 400 روپيا آهي.

580 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ حضرت ابراهيم عليہ السلام کان وٺي اندرا گانڌي ۽ حضرت موسيٰ عليہ السلام کان وٺي ڪارل مارڪس تائين تاريخ تي پنهنجو چٽو اثر ڇڏيندڙ عالمي شخصيتن جي زندگي، ڪارنامن ۽ حاصلات جو تاريخي تفصيل آهي.

تاريخ جي ڦيرگهير واري سڄي عمل ۾ جيڪي انسان ان تي سڀ کان وڌيڪ اثرانداز ٿيا، هي ڪتاب انهن جي عمل جو سرچشمو آهي.

هن ڪتاب ۾ مائيڪل ايڇ هارٽ جي مشهور ڪتاب ”دي هنڊريڊ“ جميل احمد خان جي ڪتاب ”هنڊريڊ گريٽ مسلمس“ ۽ پروفيسر ايم شريف جي ”هسٽري آف مسلم فلاسافي“ ڪتاب جا ڪجهه مضمون به ترجمو ڪرائي شامل ڪيا ويا آهن.

تاريخ جا اڏيندڙ ڪتاب ۾ 173 عالمي شخصيتن جي زندگي ۽ ڪارنامن جو خاڪو ڏنو ويو آهي، جن ۾ حضرت محمد ؐ، حضرت موسيٰؑ، حضرت عيسيٰؑ، حضرت ابراهيمؑ ، حضرت سليمانؑ، اشور باني پال، گوتم ٻڌ، سولون، سڪندر اعظم، آگسٽس، چنگيز خان، مارٽن لوٿر، اڪبر اعظم، امام خميني، مهاتما گانڌي، هٽلر، جواهر لعل نهرو، ڪارل مارڪس، لينن، مولانا عبيدالله سنڌي، چي گويرا، لارنس آف عريبيه، ڪمال اتا ترڪ، جارج واشنگٽن، ياسر عرفات، ڪرنل قذافي، فيڊل ڪاسترو، اندرا گانڌي ۽ مائوزي تنگ سميت ٻين شخصيتن جو ذڪر آهي، تاريخ جا اڏيندڙ ڪتاب پڙهڻ ۾ انتهائي دلچسپي ۽ ڄاڻ فراهم ڪرڻ جو خزانو آهي.

هن ڪتاب تي جيڪا محنت ڪئي وئي آهي اها پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ۽ ڪتاب کولڻ کانپوءِ بند ڪرڻ تي دل نه ٿي چوي.*