انٽرنيٽ جو غلط استعمال وقت جو ذيان

نعمان گل بوزدار

تعليم ملڪ جي بهتري ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، ملڪ کي سنوارڻ ۽ هلائڻ لاءِ تعليم هڪ وڏو هٿيار آهي.

جنهن قوم جي دل ۾ تعليم جو هڪ اکر به موجود آهي، اها قوم ۽ معاشرو ترقي جي بلندين کي ائين هٿ لاهيندو ويندو آهي ته ڄڻ اها شيءِ ان ئي معاشري قوم لاءِ ٺهي آهي.

اها تعليم ئي آهي جيڪا انسان کي چنڊ تي پهچايو ۽ ايڏي وڏي دنيا کي سمجهڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي.

ڏٺو وڃي ته ڪجهه سالن ۾ اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ شاگرد طبقو پنهنجي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ته وڏن وڏن ادران جهڙوڪ: يونيورسٽي، ڪاليج ۽ ٻين ڪجهه اهڙن سينٽرن تي وڃي پنهنجي تعليم کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوشان هوندو آهي پر ڪي شاگرد اهڙا به هوندا آهن.

جيڪي اتي جي ڏنل سهولت انٽرنيٽ جو غلط استعمال ڪري فيس بُڪ تي ويهي پنهنجو قيمتي وقت وڃائي ڇڏيندا آهن.

هينئر انٽرنيٽ تي فيس بُڪ جو استعمال گهڻي تعداد ۾ ٿي رهيو آهي ۽ گهڻو ڪري اهي نوجوان ئي آهن جيڪي فيس بُڪ کي وڌيڪ استعمال ڪندا آهن.

فيس بُڪ استعمال ڪرڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي پر اهو هڪ حد اندر هئڻ گهرجي ۽ مثبت طور استعمال ڪيو وڃي.

فيس بُڪ کي هلائڻ لاءِ ڪمپيوٽر جي بنيادي ڄاڻ ضروري آهي، شاگرد طبقو ڪوشش اها ئي ڪندو آهي ته ايتري ته ڄاڻ ضرور حاصل ڪجي جو فيس بُڪ هلائڻ ۾ آساني ٿئي. شاگرد فيس بُڪ تي ويهي چيٽنگ ۾ پنهنجو وقت برباد ڪن ٿا ۽ پوءِ امتحانن جي ڏينهن ۾ پريشان هوندا آهن.

آئون شاگردن کي صلاح ڏيندس ته فيس بُڪ تي گهڻو وقت ويهڻ بجاءِ پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏين ڇو ته وقت وڏو قيمتي آهي، جنهن وقت جي قدر ناهي ڪئي، ان جي وقت به قدر ناهي ڪندو.*