هن دور جي اهم ضرورت ڪمپيوٽر

پير افضل شاهه جيلاني

ڪمپيوٽر هڪ اليڪٽرانڪ مشين آهي، جيڪو هاڻي دنيا جي هر ڪاروبار، تعليم ۽ سرڪاري آفيسن ۾ ڪم اچي ٿو ۽ ڏٺو وڃي ٿو ته ڪمپيوٽر کانسواءِ ڪم ڪار حل ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي، مطلب ته ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جو Sharp” اوزار آهي.

پاڪستان ۾ ڪمپيوٽر 1990ع واري ڏهاڪي ۾ متعارف ٿيو ۽ ڪمپيوٽر اچڻ کان اڳ ڪنهن به ڪم ڪار ۾ کوڙ سارا ڏينهن لڳي ويندا هئا پر جڏهن هي ٽيڪنالاجي آئي ته مهينن جو ڪم ڪلاڪن ۾ ڪيو وڃي ٿو.

يعني ته ڪمپيوٽر انساني مشڪلاتن جو حل ۽ وقت جو بچاءُ آهي ۽ هن دور ۾ ڪمپيوٽر انٽرنيٽ جي جديد سهولت سان هڪ وڏي دنيا کي ملائي هڪ ننڍڙي شڪل ڏئي ڇڏي آهي ۽ انهيءَ ڪمپيوٽر سان دنيا ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهي آهي ۽ دنيا جا سائنسدان ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ اڃان به وڌيڪ سهوليتن کي متعارف ڪرائڻ ۾ مصروف آهن.

بزنس ۾ ڪمپيوٽر کان سواءِ بزنس اڌورو سمجهيو وڃي ٿو ۽ واقعي اها حقيقت آهي، بغير ڪمپيوٽر جي بزنس جي ڊيٽا رکڻ مشڪل آهي ۽ بزنس ۾ واڌارو به مشڪل ٿي سگهي ٿو.

ان کان علاوه اڄڪلهه جي تعليم به ڪمپيوٽر وسيلي ترقي ڪندي ٿي وڃي. خاص ڪري شاگردن لاءِ ڪمپييوٽر جي تعليم لازمي آهي، ڇو ته ڪمپيوٽر تي شاگرد انٽرنيٽ ذريعي پنهنجي مطلب جون شيون سرچ ڪن ٿا ۽ انٽرنيٽ تي هر موضوع تي مواد آساني سان مليو وڃي.

مثال طور: ميڊيا بابت ڄاڻ، مختلف موضوعن تي اسٽوريون، ميٿميٽڪس بابت ڄاڻ ۽ ٻيو گهڻو مواد ملي ٿو.

ڪمپيوٽر ايجاد ته انسان جو ٿيل آهي پر اهو انسان جي دماغ کان چوڏهن لک ڀيرا وڌيڪ تيز ڪم ڪري رهيو آهي ۽ مشڪل ڪم کي تمام سادي نموني پيش ڪري ٿو. هاڻي ٻاهرين ملڪن جي تعليم ڪمپيوٽر تي انٽرنيٽ ذريعي گهر ۾ ئي حاصل ڪري سگهون ٿا.

ڏٺو وڃي ٿو ته سرڪاري آفيسن ۾ سرڪاري ڊيٽا ڪمپيوٽر ۾ محفوظ رکي وڃي ٿي ۽ کوڙ ساري تحقيق به ڪئي وڃي ٿي.

هر شعبي جي شاگرد کي گهرجي ته ڪمپيوٽر ۾ ڄاڻ ضرور حاصل ڪن ڇاڪاڻ ته ڪمپيوٽر کانسواءِ اسٽڊي ۾ تمام گهڻي مشڪل ٿيندي.*