ٻارڙن جو عالمي ڏهاڙو۽ اسانجون ذميواريون

صابر علي ٻرڙو

پاڪستان سميت سڄي دنيا اندر ٻارڙن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مطلب، پوري دنيا اندر ماڻهن ۾ اهو شعور پيدا ڪرڻ آهي ته هو پنهنجي گهر، پاڙي وارن، قوم، رياست ۽ ملڪ جي معصوم ٻارڙن جو هر لحاظ کان وڌ ۾ وڌ خيال رکن ۽ انهن جي حقن جو احترام ڪن.

عالمي طور تي ورتل اهڙن ڪوششن جي باوجود افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ به سنڌ اندر معصوم ٻارن تي مختلف طريقن تحت بربريت / ظلم جاري آهي.

جڏهن ته عالمي سطح تي پاڪستان جي غريب ۽ مسڪين ٻارڙن جي کائڻ، پيئڻ ۽ صحت جي مَدَ لاءِ ملندڙ رقم هڙپ ڪئي وڃي ٿي.

اسان معصوم ٻارڙن جي حقن لاءِ ظاهري طور عالمي ڏينهن ملهايون ٿا پر حقيقت ۾ حقدار معصوم ٻارڙ جي مدد واسطي ڪير اڳيان ڪونه ٿو اچي.

سنڌ اندر غربت، بک، بدحالي، جبري پورهئي اسان جي معصوم ٻارڙن کان انهن جو ننڍپڻ ئي کسي ورتو آهي.

جنهن عمر ۾ انهن کي اسڪول وڃڻ گهرجي، رانديون کيڏڻ گهرجن، شرارتون ڪرڻ گهرجن، پر ان عمر ۾ گلاب جي گلن جهڙا معصوم ٻارڙا پنهنجو ۽ پنهنجي گهر وارن جو پيٽ پالڻ ۾ لڳي وڃن ٿا.

 غربت سبب تعليم حاصل نه ٿا ڪري سگهن ۽ مجبوراً کين پورهيا ڪرڻا پون ٿا. اهڙي طرح سنڌ اندر معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪري سخت تڪليفون به ڏنيون وڃن ٿيون.

پاڪستان اندر گذريل ڪيتري ئي وقت کان ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن توڙي ٻارڙين کي بي درديءَ سان قتل ڪرڻ وارا واقعا عام بڻجندا پيا وڃن.

دنيا جي سمورن ترقي يافته ملڪن اندر معصوم ٻارڙن کي ننڍپڻ کان ئي سٺي تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ مختلف سکيائون ڏنيون وڃن ٿيون ته جيئن هو وڏا ٿي قابل بڻجي پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ جدوجهد ڪن. پر اسان وٽ سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ آهي، اسان جي معاشري ۾ ننڍپڻ کان ئي معصوم ٻارڙن جي دماغ ۾ اهڙي ريت بدامني جو خوف پيدا ڪيو وڃي ٿو جو هو ڪجهه ڪرڻ کان اڳ ئي هيسجي وڃن ٿا.

پاڪستان، خاص ڪري سنڌ اندر هزارن جي تعداد ۾ غريبن جا ٻارڙا سٺي تعليم کان محروم آهن، ڪيترائي معصوم ٻارڙا بيمارين جي ور چڙهيل آهن ۽ انهن جي پرگهور نه ٿيڻ سبب زندگي جي راند هارائي ويهن ٿا.

اعليٰ اختيارين کي گهرجي ته خالي دعوائون ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي معصوم ٻارڙن جي مستقبل لاءِ سوچين ۽ ٻين ترقي يافته ملڪن جيان اسان جي معصوم ٻارڙن کي به سٺي تعليم سان گڏوگڏ کين سموريون بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن هو پنهنجو ننڍپڻ بنا ڪنهن خوف، جبري پورهئي ۽ غربت، بک، بدحالي جي گذاري سگهن ۽ هو ٻين ملڪن جي ٻارن جيان سٺي زندگي گذاري سگهن ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن.*