عورتن تي تشدد خلاف قدم ڪڻو

روبينه ناز

چوڻ آسان آهي ته نياڻيون گهر جي لاءِ رحمت آهن ڇا واقعي ماڻهو ان ڳالهه کي مڃين ٿا يا اها ڳالهه صرف ٻڌڻ جي حد تائين محدود آهي.

اسلام اسان کي عورت جي عزت ۽ احترام ڪرڻ جو سبق ڏيندو آهي پر اڄڪلهه جون حالتون ان جي اُبتڙ آهن، هن معاشري ۾ عورت کي عزت ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر عورتن کي مختلف طريقن سان اذيت ڏني وڃي ٿي.

ڇا اسان جو جديد ۽ باشعور زمانو اڃا تائين ان باهه ۾ ته ناهي جڪڙيل، جيڪا ڪافي عرصو پهرين عرب جي ماڻهن ۾ نظر ايندي هئي، جڏهن اهي پنهنجي نياڻين جي پيدا ٿيڻ تي ايتري قدر مايوس ۽ شرمندا ٿيندا هئا جو انهن نياڻين کي زندهه دفن ڪري ڇڏيندا هئا.

اسان جي معاشري ۾ نياڻين کي زندهه دفن ته نٿو ڪيو وڃي، پر انهن تي مختلف طريقن جا تشدد ڪيا وڃن ٿا. ڪن تي تيزاب اڇلايو ٿو وڃي، ڪن کي بي آبرو ڪيو ٿو وڃي ته وري ڪن کي قتل ڪيو ٿو وڃي.

آخر ڇو عورت کي حقير ۽ لاچار ٿو سمجهيو وڃي، انهن کي زندگي جي هر موڙ تي مردن جي ٺاهيل شرطن ۽ اصولن مطابق ائين هلايو ويندو آهي ڄڻ انهن جو ڪو وارث نه هجي.

ننڍپڻ کان وٺي شادي جي رشتي ۾ ٻڌجڻ تائين اها پنهنجي گهروارن جي مرضي جي محتاج ۽ ان کان پوءِ پنهنجي ساهرن جي محتاج. ڪيترائي والدين پنهنجي نياڻين کي جلدي پرڻائڻ جي سوچ ۾ اهڙي گهر موڪلي ڇڏين ٿا جتي يا ته ظالم ساهرا ملي وڃن ٿا يا وري مڙس نشي جو عادي ملي ٿو، جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو عورت ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻجي ٿي.

ڪافي سماجي ۽ انساني حقن جون تنظيمون ۽ انٽرنيشنل ۽ نيشنل اين جي اوز عورتن تي ٿيندڙ تشدد خلاف جدوجهد ڪري رهيون آهن. ميڊيا به عورتن تي ٿيندڙ تشدد خلاف آواز اٿاري ٿي.

حڪومتي قدم به جاري آهن ۽ اسيمبلي ۾ اهڙو بل به پاس ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عورتن جي حق ۽ ان تي ٿيندڙ تشدد خلاف ڳالهه ڪئي ويئي آهي.

ان کانسواءِ پوليس به سچائي سان اهڙن معاملن تي غور ڪري، اهڙن ماڻهن کي جڏهن پڪڙيندي آهي ته عدالت سڳوري طرفان اهڙن ماڻهن کي سزائون پڻ ملنديون آهن. جيڪا اهڙن واقعن جا ذميوار هوندا آهن.

پر پوءِ به اها برائي ختم نه  ٿي سگهي آهي، اڄ تائين عورتن تي تشدد جاري آهي، اسان اميد ٿا ڪيون ته ايندڙ وقت ۾ حڪومت طرفان ڪي اهڙا پائيدار قدم کنيا ويندا جنهن سان عورتن تي ٿيندڙ تشدد کي ٻُنجو اچي ويندو.*