سماجي تنظيمن جو سنڌ ۾ ڪردار

رضا محمد لغاري

سماجي تنظيمن جو سنڌ ۾ هڪ اهم ڪردار رهيو آهي، پوءِ اهو تعليمي هجي يا صحت کاتي ۾ ٻهراڙي هجي يا شهر هر شعبي ۾ هنن جو هڪ اهم ڪردار رهيو آهي.

پاڪستان ۾ سڀ کان پهرين سماجي تنظيم جو بنياد اختر حميد خان 1947ع وڌو، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ملڪ ۾ ڪيتريون ئي سماجي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن، جنهن جو تعداد 1980ع کانپوءِ تمام گهڻو وڌي ويو آهي.

هن وقت پاڪستان ۾ 40000 کان وڌيڪ سماجي تنظيمون ڪم ڪن ٿيون جنهن ۾ ننڍي طبقي کان وٺي انٽرنيشنل ليول تائين جون سماجي تنظيمون آهن.

ايڌي سينٽر، سيلاني سروس، ڇيپا، اين آر ايس پي، يوايس ايڊ جهڙيون تنظيمون هر وقت تيار رهن ٿيون.

ايڌي سروس جيڪا سڄي دنيا ۾ پهريون نمبر وڏي سماجي تنظيم جو اعزاز رکي ٿي، جنهن جو سنڌ توڙي پوري پاڪستان ۾ وڏو مقام آهي.

عبدالستار ايڌي جي نگراني ۾ هن وقت ڪيترائي اسپتال، يتيم خانا، سرد خانا ۽ ٻيا فلاحي ڪم هلن پيا، جيڪي بغير ڪنهن معاوضي جي غريبن ۽ مسڪينن کي ڪيتريون ئي سهولتون ڏئي رهي آهي.

لاوارث ۽ غريب ٻارن جي پرورش لاءِ ايڌي سينٽر پاران ڪراچي ۾ وڏا هاسٽل پڻ موجود آهن جنهن ۾ لاوارث ٻارن جي پالنا ڪئي وڃي ٿي. ايڌي سينٽر پاران صحت لاءِ به ڪيتريون ئي سهولتون موجود آهن جيڪي بيمارن کي اسپتال پهچائڻ ۽ انهن جو فري ۾ اعلاج ڪرائين ٿيون.

رمضان ويلفيئر، ڇيپا سروس ۽ ٻين ڪيترين ئي فلاحي تنظيمن غريب ماڻهن جي علاج لاءِ اسپتالون قائم ڪرائي ايمبولينس جي سهولت مهيا ڪئي آهي.

سيلاني ويلفيئر پوري پاڪستان سان گڏ سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ پنهنجا سينٽر قائم ڪري غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي مفت کاڌو فراهم ڪري ٿي. جيڪي هڪ وقت جي ويَلي جيترو به ڪمائي نه ٿا سگهن.

اڄڪلهه سنڌ جي تعليم جيڪا روز بروز پٺتي ٿيندي پئي وڃي، اتي سماجي تنظيمون ٻهراڙين ۾ عارضي اسڪول جوڙي غريب ٻارن کي مفت تعليم ڏئي رهيون آهن. هي اهي ئي ٻار آهن جيڪي سنڌ جو مستقبل آهن، جنهن کي سنڌ جا وڏيرا ۽ ڀوتار پنهنجي مُٺ ۾ بند ڪيو ويٺا آهن.

هن وقت جتي 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، اتي سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪيتريون ئي پرڏيهي فلاحي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن.

جيڪي غربت جي شرح گهٽائڻ لاءِ سٺي تعليم، صحت ۽ کاڌي پيتي جون سهولتون ڏيئي رهيون آهن ۽ نئين نسل ۾ نئون جذبو ۽ ولولو پيدا ڪن پيون ته جيئن اهي اچڻ واري ڪنهن به مصيبت کي آساني سان منهن ڏئي سگهن.

هر ملڪ جي حڪومت جو اهو فرض هوندو آهي ته اها عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪري، پرڏيهي ملڪن ۾ ته حڪومتون بنيادي سهولتون ڏيڻ کانپوءِ پنهنجي عوام ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائين ٿيون پر افسوس اسان وٽ اهو بلڪل به نه آهي.

اسانجي حڪومت کي گهرجي ته اهي سماجي تنظيمن سان گڏجي اهڙا پروگرام جوڙين جنهن سان سنڌ جي عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿي سگهن.*