اولاد ڪي پسنديده شعبا چونڊڻ ڏيو

الطاف حسين ڪوڪر

 

الله تعاليٰ هر انسان کي ڪنهن نه ڪنهن خوبيءَ سان نوازيو آهي، تنهن ڪري هر شخص کي حق آهي ته هو پنهنجي ان خوبيءَ مان فائدو وٺي، ترقي جي راهه اختيار ڪري. اسان جي سماج ۾ عام طور ڏٺو اهو ويو آهي.

ته جيڪڏهن اولاد ۾ ڪا خوبي آهي ته اها والدين يا گهر جي بزرگن کي نظر نه ايندي آهي يا ائين به چئي سگهجي ٿو ته گهر جا وڏا نوجوانن جي اها خوبي ڏسڻ نه چاهيندا آهن، ڇو ته هو پنهنجي مرضيءَ پنهنجي اولاد مٿان مڙهڻ چاهيندا آهن.

انٽرميڊئيٽ کانپوءِ نوجوان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺندا آهن پر اڪثر ڏٺو ويو آهي ته شاگردن جي دلچسپي هڪ شعبي ۾ هوندي آهي ته داخلا وري ٻئي شعبي ٿي ويندي آهي.

ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته شاگرد پڙهڻ ۾ دلچسپي گهٽ وٺندا آهن ۽ اڪثر والدين به پنهنجي اولاد جي مستقبل جي حوالي سان معاملي کي ان وقت منجهائي ڇڏيندا آهن.

جڏهن سندن ٻار جي دلچسپي هڪ شعبي ۾ هوندي آهي ۽ والدين ٻار جي ذهني ۽ قلبي رجحان کي نظر ۾ نه رکندي رڳو پنهنجي مرضي سان پنهنجو پسنديده شعبو اولاد تي مڙهي ڇڏيندا آهن ۽ کين زبردستي ان شعبي ڏانهن ڌڪي ڇڏيندا آهن.

جنهن ۾ صرف سندن پسند شامل  هوندي آهي ۽ ڳالهه تڏهن بگڙجي ويندي آهي، جڏهن والدين جي پسند سان منتخب ڪيل شعبي يا پيشي ۾ ٻار ناڪام ويندو آهي.

غلط شعبي جي چونڊ ڪرڻ ۾ والدين گهڻو ڪري پنهنجي ڪيل غلطيءَ جو اعتراف نه ڪندا آهن، جيڪڏهن ڪنهن جو پٽ وڪيل ٿيڻ چاهي ٿو پيءُ جي مرضيءَ سان هو ڊاڪٽر ٿي ويو آهي ۽ ڪاميابيءَ سان جيڪڏهن نوڪري نه ٿو ڪري سگهي يا ڪلينڪ نه ٿو هلائي سگهي ته والدين ان وقت اهو هر گز نه سمجهندا ته هنن پنهنجي غلطي سان پٽ کي غلط پيشو کڻايو آهي.

بلڪه اُلٽو پٽ کي چوندا ته تو ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ئي ناهي! تعليم، قابليت، صلاحيت، ذهانت ۽ تجربو ان وقت ئي فائديمند ثابت  ٿي سگهن ٿا جڏهن انهن جو استعمال صحيح ماحول مطابق ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ انهن سڀني خوبين جي هجڻ يا نه هجڻ جو ڪو فائدو نه آهي.

والدين کي ڪرڻ ائين گهرجي ته اولاد جي طبيعت جو رجحان ڏسي کيس پسنديده شعبي جي چونڊ ڪرڻ جي اجازت ڏجي، ائين ڪرڻ سان نوجوان جڏهن پنهنجي پسند جو رجحان ڏسي شعبي يا پيشي جي چونڊ ڪندو ته کيس سئو سيڪڙو ڪاميابي حاصل ٿيندي ۽ پسند جي شعبي ۾ سندس ڪارڪردگي به نمايان ۽ بهترين رهندي پر جن شعبن ۾ سندس پسند يا مرضي شامل نه هوندي.

تنهن ۾ هو بيزاري محسوس ڪندو ۽ ڪاميابيءَ جي اميد تمام گهٽ رهندي. اها حقيقت آهي ته زندگي گذارڻ لاءِ دولت تمام اهم آهي، دولت جي ڪيتري اهميت آهي، ان حقيقت کان ڪو به بي خبر نه آهي.

هر نوجوان اهو چاهي ٿو ته پنهنجي پسند جي ملازمت اختيار ڪري پنهنجي مرضي واري ماحول ۾ لطف اندوز ٿئي، خوشيءَ واري ماحول ۾ ڪم ڪرڻ سان ڪم جو احساس نه رهندو آهي.

ڪيترا نوجوان اهڙا آهن، جيڪي اهڙي شعبي ۾ اچي ويندا آهن، جيڪو سندن پسنديده نه هوندو آهي، هو مجبوريءَ ۾ اها نوڪري ڪندا آهن ته ڇا کين اها نوڪري ڇڏڻ گهرجي، جيڪا سندن پسند مطابق نه آهي؟

نه ائين هر گز نه ٿو ٿي سگهي، ائين ڪرڻ سان ڪيترا نوجوان بيروزگار ٿي پوندا، انهن کي ڪرڻ ائين گهرجي ته پسند نه هجڻ باوجود ان ڪم کي پسنديده بڻائڻ لاءِ ان ۾ بهتري جون راهون تلاش ڪيون وڃن، پنهنجي دلچسپيءَ جا ڪجهه لمحا ان ۾ شامل ڪيا وڃن ته جيئن اها نوڪري کين لطف اندوز ڪري سگهي. قدرت هر ڪم ۾ ان جو ٻيو رخ به تخليق ڪيو آهي، مثلن سيءُ سان گرمي، غم سان خوشي، رات سان ڏينهن، خوف سان دليري، ان سڄي ڪشمڪش ۾ سڄي ڳالهه انساني يقين جي آهي، جنهن انسان کي پنهنجي صلاحيت تي يقين هوندو آهي ارادومضبوط هوندو ته پوءِ يقينن هو هر مخالف رخ ڦيري پاڻ ڏانهن لاڙي سگهي ٿو.

ٿورو غور ڪيو ته اڪثر هنگامي صورتحال يا مشڪل ۾ اسان جي جسماني ڪارڪردگي يا ذهني صلاحيت ۾ هڪدم اضافو ٿي ويندو آهي، اهو پنهنجي پاڻ کي بچاءُ جو هڪ طريقو هوندو آهي.

سڀني ڳالهين ۾ اهم ڳالهه شخصيت جي تعمير هوندي آهي ۽ شخصيت جي تعمير جي شروعات به والدين جي هٿن ۾ هوندي آهي، بهتر اهو آهي ته والدين اولاد جي ذهانت خوبي ۽ شوق جي سطح ڏسندي کين شعبا منتخب ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ڇو ته ان جو اثر عملي زندگيءَ تي ٿئي ٿو.

والدين کي اولاد سان ان معاملي تي سمجهوتو ڪرڻ گهرجي ۽ کين آزاديءَ سان پنهنجا من پسند شعبا چونڊڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي، ڇو ته هر انسان پنهنجي خواهش مطابق پنهنجي  زندگي گذارڻ چاهيندو آهي.

ان معاملي ۾ اولاد جو به فرض آهي ته پنهنجي والدين کي ان انتخاب ۾ مطمئن ڪن کين مڪمل آگاهي ڏين ته سندن منتخب ڪيل شعبو آئينده لاءِ ڪهڙي طرح فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇو ته اڄ ڪلهه جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي  جي هن جديد دور ۾ ايترا ته وسيع شعبا تخليق ٿي چڪا آهن.

جن کان والدين بيخبر آهن، تن کان آگاهه ڪرڻ اولاد جو فرض آهي. حالتن سان سمجهوتو ڪرڻ ۽ پنهنجي ڳالهه سمجهائڻ ڪڏهن ڪڏهن مشڪل ضرور ٿي پوندي آهي پر ان جو نتيجو بهتر نڪرندو آهي.

ڪاميابيءَ  جو دارو مدار صرف شخصيت جي شناخت تي نه آهي، پر عمل جي نوعيت تي پڻ آهي، ذهني رجحان وارو ڪم ڪاميابيءَ جي ضمانت ٿئي ٿو، خوشيون ان پوپٽن جيان آهن جيڪي باغ ۾ آزاد گهمندا  وتن ٿا، جيڪي ماڻهو انهن کي حاصل ڪرڻ جي آرزو رکن ٿا اُهي ئي انهن کي قابو ڪرڻ جي جدوجهد به ڪن ٿا.*