راڪاس بڻجي ويل سنڌ جا روڊ

سجاد علي چنڊ

حادثا سڄي دنيا ۾ ٿين ٿا پر انهن جي شدت ايتري ناهي جيتري اسان وٽ آهي. اتي جيڪڏهن ڪو اڙيو ٿڙيو حادثو ٿئي ٿو ته ان جي سببن جي مڪمل جاچ ڪري ذميوارن کي ڪٽهڙن ۾ بيهاري ۽ انهن کان پنهنجي لاپرواهي جو حساب ورتو وڃي ٿو.

 اتي مقرر ٿيل ٽريفڪ پوليس جي نظر اسانجي پوليس جيان ماڻهن جي کيسن تي نه پر گاڏين جي چرپر تي رهي ٿي.

 جتي قاعدي قانون جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي اتي ڏنڊ ڏوهه ڀرڻو پوي ٿو. پوءِ ڀلي اها ڀڃڪڙي ڪندڙ ملڪ جو سربراهه هجي سزا ۾ ڪابه رعايت نه هوندي. اتي ڏهن ويهن روپين ۾ ’جاني دو استاد‘ وارو سگنل نه ٿو ملي.

 ٻاهرين ملڪن ۾ ڪوبه ڪنڊيڪٽر ائين ڊرائيور نه ٿو بڻجي پر ان جو هڪڙو قانوني پراسس آهي اتي روڊ تي گاڏي آڻڻ کان منزل تي پهچڻ تائين قاعدا قانون لاڳو آهن.

جنهن ڪري حادثن جا امڪان گهٽجن ٿا. اتي هتان وانگر ڪنهن به ڊرائيور جي مرضي تي ڇڏيل ناهي ته نسوار جو چپٽو ڏندن ۾ ڏئي ڊرائيور سيٽ تي ويهي يا آفيم جي ڳوڙهي کائي ويهي.

پاڻ سڄي ملڪ کي ڇڏي سنڌ جو ئي جائزو وٺون ته جيڪڏهن سڄي سنڌ جي سروي ڪبي ته 80 کان 90 سيڪڙو ڊرائيورن وٽ ڊرائيونگ لائسنس ئي نه هوندو.

اهي ائين ئي ڪنڊيڪٽريون ڪندي، ياري دوستي ۾ ڊرائيورنگ سيٽ تي ويهي بنا ڪنهن پرواهه جي لنڪ روڊن کان ويندي هاءِ ويز تائين گاڏيون هلائن ٿا.

ڪير به پڇڻ وارو ناهي! جن کي پڇا ڳاڇا جي ذميواري مليل آهي اهي پنهنجو حصو پتي وٺي خوش باش بڻيل آهن، نتيجي ۾ اسان جا روڊ روز رت ۾ رنگجن ٿا.

مهيني جي 30 ڏينهن ۾ هڪڙو ڏينهن به اهڙو نه آهي، جنهن ۾ ڪو حادثو نه ٿئي، اخبارون دردناڪ حادثن جي خبرن مان رت ڳاڙيندي نظر اچن ٿيون.

روز ڪيترائي گهوٽ گهايل لڳن ٿا ۽ ڪيتريون ئي جوانيون چڪنا چور ٿين ٿيون. اهي واقعي روز جو معمول بڻجي وڃڻ جي ڪري هاڻي اسان جو گهڻو ڌيان به نه ٿا ڇڪرائين.

’جٿي باهه ٻري سا جاءِ جلي‘ وانگر درد جي سٽ اتي ئي اڀري ٿي جن جو ماڻهو انهن حادثن جو کاڄ بڻجي ٿو. باقي ماڻهو انهن واقعن جي خبرن کي معمول سمجهي پڙهي پنو ورائي ڇڏين ٿا.

گڏ ڪيل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ دادو سيوهڻ روڊ ۽ گمبٽ کان موري تائين وارو روڊ حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي، هونئن ته گذريل ڇهن مهينن ۾ ڪراچي کي ڇڏي باقي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ صرف قومي شاهراهه ۽ سپر هاءِ وي تي ڪُل 386 حادثا پيش آيا ۽ ڪيتريون ئي حياتيون ضايع ٿيون.

ڪجهه باخبر ادارن موجب گذريل ڇهن مهينن دوران ڄاڻايل روڊن تي لڳ ڀڳ 80 کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جن ۾ ڪيتريون ئي نالي واريون شخصيتون پڻ شامل آهن، هڪ انگريزي اخبار مطابق رڳو ڪراچي ۾ گذريل ڇهن مهينن دوران لڳ ڀڳ 5 سئو ماڻهو روڊ حاثن ۾ فوت ٿيا.

اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته موت برحق آهي پر وڌنڌڙ روڊ حادثن ۾ مرندڙ ماڻهن جي موت جي ذميواري لاڳاپيل کاتن تي آهي. جن جي غفلت جي ڪري ڪيترائي حادثا پيش اچن ٿا.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سرڪار ۽ ان جي ماتحت هلندڙ لاڳاپيل کاتا ننڊ مان جاڳن پنهنجي فرضن کي ادا ڪري حادثن جو سبب بڻجندڙ هر شي کي روڪين ۽ روڊن رستن کي بهتر بڻائن.*