پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم بحران جو شڪار

لطيف گاه

ماضيءَ ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو ڳاڻيٽو دنيا جي چوٽيءَ وارين ٽيمن ۾ ٿيندو هو، پر موجوده پاڪستاني ٽيم ماضيءَ واري صورتحال جي ابتڙ آهي، جنهن جو تازو مثال گڏيل عرب امارات ۾ کيس ڏکڻ آفريڪا طرفان مليل شڪست آهي.

14 آڪٽوبر 2013ع کان شروع ٿيل پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا سيريز ۾ 2 ٽيسٽ ميچ، 5 ون ڊي ميچ ۽ 2 ٽي ٽوئنٽي مئچ کيڏيا ويا. ٽيسٽ فارميٽ ۾ پاڪستان هڪ ٽيسٽ ۾ 7 وڪيٽن تان ڪاميابي ته، ٻي ٽيسٽ ۾ هڪ اننگز ۽ 92 رنسن تان شڪست کاڌي.

ون ڊي ۾ پهرين ميچ ڏکڻ آفريڪا هڪ رنس تان کٽي، ٻي مئچ ۾ پاڪستان 66 رنسن تان ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته ٽين، چوٿين ۽ پنجين ون ڊي ۾ ڏکڻ آفريڪا ترتيبوار 68، 82 ۽ 117 رنسن تان ڪاميابي ماڻي، سيريز 1-4 تان پنهنجي نالي ڪئي. تيز ترين فارميٽ ٽي ٽوئنٽي جي ٻنهي ميچن ۾ پاڪستان کي 9 وڪيٽن ۽ 6 رنسن تان شڪست ملي.

اهڙي ريت گڏيل عرب امارات جيڪو پاڪستان لاءِ هوم گرائونڊ تصور ڪيو ويندو آهي، اتي به کيس سموري سيريز جي ٻن مئچن ۾ ڪاميابي ملي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا 7 مئچن ۾ سوڀاري ٿي.

پاڪستان جڏهن به ڪا مئچ کٽيندو آهي ته ٽيم مئنيجمينٽ توڙي عوام ايترو خوش ٿيندا آهن جو ڪرڪيٽرن کي پنهنجو هيرو تسليم ڪري مختلف اعزازن  سان نوازيندا آهن ۽ ان قسم جو جوش عوام جي دل ۾ قومي رانديگرن سان محبت جو ثبوت آهي پر اهي گهڙيون چند لمحن جون ثابت ٿين ٿيون ڇو ته ويجهي ماضي جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته پاڪستاني ٽيم شروعاتي هڪ ٻه مئچ کٽي وري ناڪامين جي سفر تي گامزن ٿيندي آهي.

ڪرڪيٽ ۾ گهري دلچسپي رکندڙ مداح ٽيم جي اهڙي صورتحال تي پنهنجو پاڻ ۾ وقتن فوقتن تجزيا به ڪندا رهن ٿا ۽ قومي ٽيم اندر پيدا ٿيندڙ مونجهارن تي افسوس جو اظهار به ڪندا آهن پر حالتن کي تبديل ڪرڻ سندن وس ۾ نه هوندو آهي. موجوده دور ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جا ڪيترائي ڪارڻ آهن.

رانديگرن جا پاڻ ۾ اختلاف ۽ عدم برداشت.

ڪپتاني جو جهيڙو.

پرڏيهي ڪوچن ۽ انگريزي نه ڄاڻيندڙ رانديگرن ۾ خيالن جي ڏي وٺ جو فقدان.

ٽيم مئنيجمينٽ ۽ پي سي بي جو رانديگرن سان رويو ۽ هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ.

سفارشي رانديگرن جي ڀر تي.

پاڪستان ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي کوٽ وغيره.

مٿي ڄاڻايل ڪجهه سبب آهن جيڪي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي غير معياري هجڻ جو ثبوت آهن، ٿي سگهي ٿو ان کان به وڌيڪ ڪارڻ هجن.

اهوئي سبب آهي جو اڄ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۾ عمران خان، حنيف محمد، جاويد ميانداد، وسيم اڪرم ۽ وقار يونس جهڙو عالمي شهرت يافته رانديگر ناهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهڙو ڪو رانديگر اڀري به ٿو ته مٿي ڄاڻايل سببن مان ڪو نه ڪو هار سندس ڳچي ۾ پوي ٿو، جنهن جا به اسان وٽ ڪيترائي مثال آهن جهڙوڪ: راشد لطيف، باسط علي، عاقب جاويد ۽ شعيب اختر.

هي اهڙا رانديگر هئا جيڪي اختلافن ۽ نظم وضبط جي ڪاررواين جي ور چڙهي پنهنجي ڪيريئر کي ڊيگهه نه ڏئي سگهيا.

حقيقت ۾ جيڪڏهن پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي آهي ۽ ان کي هڪ ڀيرو ٻيهر وڃايل مقام ڏيارڻو آهي ته ٽيم ۾ انقلابي تبديليون آڻڻيون پونديون جنهن جي شروعات ٽيم مئنجمينٽ جي ڪارڪردگي کان ڪئي وڃي ۽ پي سي بي ۾ نج ڪرڪيٽرن کي شامل ڪري خالص ميرٽ جي بنياد تي ٽيم جي چونڊ ڪئي وڃي، جڏهن ته ڪرڪيٽ جي وڌندڙ رجحان ۾ رانديگرن جي فٽنيس بهتر رکڻ لاءِ ون ڊي، ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ مئچن لاءِ ڌار ڌار ٽيمون ٺاهيون وڃن ته جيئن ٽيم ڪنهن هڪ رانديگر تي ڀاڙڻ بدران ٽيم ورڪ جو مظاهرو ڪري سگهي.*