هٿيار نما رانديڪن جو ٻارن تي پوندڙ اثر

عبدالسلام جانوري

رانديڪا نه فقط ٻارن جي کيڏڻ جي ڪم ايندا آهن پر انهن جي سکڻ، سمجهڻ جي صلاحيتن ۾ واڌارو ڪرڻ سان گڏوگڏ جسماني ۽ ذهني نشونما پڻ ڪندا آهن. اڄ جي جديد دؤر ۾ رانديڪن جو استعمال ننڍڙن ٻارن کي ڪي جي اسڪول کان ئي ڪرايو وڃي ٿو.

اهو انهيءَ لاءِ ٿو ڪجي ته ننڍي عمر جا ٻار شروعات ۾ ڪتابن ۽ قلمن کي کڻڻ بدران رانديڪن جي ذريعي تعليم حاصل ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا. تعليمي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻار ۾ اهڙي تعليم ذريعي انهن جي ذهني صلاحيتن کي وڌائي سگهجي ٿو.

رانديڪن جي تاريخ تمام گهڻي آڳاٽي آهي ڇاڪاڻ ته رانديڪن جو ٺهڻ ۽ انسان جي انهن سان کيڏڻ جي روايت سنڌو ماٿري جي تهذيب کان ملي ٿي.

هن وقت سائنس انسان لاءِ ڪيتريون ئي سهوليتون پيدا ڪيون آهن، ته ٻئي طرف سائنس انساني زندگي لاءِ وڏا خطرا پڻ تخليق ڪيا آهن.

هن دؤر ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان اهڙا ته رانديڪا متعارف ڪرايا ويا آهن، جيڪي اڳ جي ماڻهن تصور به نه ڪيا هوندا، جيئن ڳالهائيندڙ روبوٽ ، اڏندڙ هوائي جهاز، رموٽ ڪنٽرول واريون گاڏيون، گيمن وارا رانديڪا وغيره.

اڳ ۾ جيڪي هٿيار صرف سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن ۽ دهشتگردن وٽ ڏٺا ويندا هئا. جيئن مشين گن، پسٽل، هينڊ گرنيڊ بم، جنگي هٿيار، بندوقون، ڪلاشنڪوف وغيره اهي اڄ ڪلهه رانديڪن جي صورت ۾ ٻارن کي ڏنا وڃن ٿا، جيئن آئون مٿي واضح ڪري چڪو آهيان ته.

رانديڪا اسان جي نه صرف کيڏڻ پر سکڻ، سمجهڻ جي صلاحيتن ذريعي نشو نما پڻ ڪن ٿا پر اهڙن هٿيار نما رانديڪن جي وسيلي ننڍڙن ٻارن جي ڪچن ذهنن تي ڪيترائي هاڃيڪار اثر پڻ پون پيا.

علمي ماهر برٽرنڊ رسل جو چوڻ آهي ته جيڪي علائقا پوئتي پيل هوندا آهن. اتي سائنس جو غلط استعمال ٿيندو آهي، جيئن ٻاهرين ملڪن ۾ اهي ساڳين رانديڪن جو استعمال ڪارآمد پڻ ثابت ٿئي ٿو.

اهي انهن جي صلاحيتن ۾ واڌارو ۽ غلط نشونما ان ڪري نٿا ڪن ڇاڪاڻ ته اتان جو ماحول سماجي براين کان پاڪ آهي، مطلب ته اهي ايڊوانس ٿي چڪا آهن.

ساڳي طرح اسان جو ملڪ به اڃا تائين انهن علائقن ۾ شمار ٿئي ٿو جيڪو پوئتي پيل آهن مطلب ته اڃا ڪا ترقي نه ٿي آهي. جهڙي ريت، گلي محلي ۾ ٻار اهڙن رانديڪن سان راند ڪندي نظر اچن ٿا. خاص ڪري اهڙي هٿيارنما رانديڪن سان ٻار راند ڪندي نظر اچن ٿا.

مطلب ته جيڪڏهن ٻار جو ماحول تبديل ڪيو وڃي ته هو تبديل ٿي سگهي ٿو. سنڌي ميڊيا تي هلندڙ ڊرامن ۾ ڪافي حد تائين هٿيار جي نمائش ڪرڻ کي ترجيح ڏني ويندي آهي.

ٻهراڙي ۾ رهندڙ سنڌي ڊراما ڏسندڙن ۾ اڪثريت ٻارن جي هوندي آهي. جيڪر ڏسجي ته ميڊيا جو مقصد ماڻهن کي انفارميشن سان گڏوگڏ تعليم ڏيڻ به آهي پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اهڙي ڊرامن ۽ فلمن جي ڪري ٻار غلط رستي تي هلي پون ٿا. ان جو نتيجو واضح آهي ته رانديڪن جي دڪانن تي گهڻي کان گهڻو انگ هٿيار نما رانديڪن جو آهي.

ٻار جي خواهش هوندي آهي ته وڏو ٿي ڪجهه ڪيان پر اهڙن فلمن ۽ ڊرامن کي ڏسڻ سان اسان جي ٻارن ۾ به اهڙا هٿيار هلائڻ جو شوق پيدا ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جنهن جي ڪري سماجي براين ۾ واڌ اچي رهي آهي.

حڪومت کي گهرجي ته هٿيارنما رانديڪن تي پابندي لڳائي. ٽي وي تي هلندڙ اهڙن پورگرامن جن ۾ هٿيار جي نمائش تي زور ڏنو وڃي ٿو، انهن کي بند ڪرايو وڃي ته جيئن اسان جا گلن جهڙا ٻارڙا اهڙي ماحول ۾ رهي ڪري براين کي اختيار نه ڪن.*