ڇااها انسانيت آهي؟

آصم چنا

اسان جو ملڪ بي رحم ماڻهن، دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ وڪوڙجي ويو آهي ڪٿي بم جا ڌماڪا، ۽ رستي تي هلندڙ عام ماڻهون کي ماريو پيو وڃي جنهن جي نتيجي ۾ ڪافي معصوم ٻار جن اڃا دنيا ڏٺي ئي ڪانه هئي، انهن کان زندگي کسي وئي.

اها انسانيت نه آهي. جتي ٻارڙا پنهنجي ماءُ ۽ پيءَ کان محروم ٿي وڃن ٿا. جوان اولاد مانءُ پيءَ کان کسي وڃي ٿي.

درسگاهن، عبادت گاهن، جلوس، مجلسن ۽ بازارن ۾ بنا خوف جي بم ڌماڪا ڪيا پيا وڃن، جنهن ۾ سوين ماڻهون پنهنجي زندگي کان محروم ٿي وڃن ٿا. اهڙي طرح ٽارگيٽ ڪلرس کُلي عام انساني جان  ۽ مال جا دشمن بڻجي ويا آهن.

پاڪستان جي ڪا به اهڙي ڪُنڊ خالي ناهي رهي جتي بي رحم ماڻهو نه هجن. ڪٿي معصوم ٻارن کي حَوس جو نشانو بڻايو ٿو وڃي، ته ڪٿي زمين جي ٽڪري تي پُٽ هٿان ماءُ پيءَ جو قتل ٿيو وڃي،  ته ڪٿي عورت کي ڪارنهن جو الزام هڻي ماريو ٿو وڃي.

هر روز اخبار  جي فرنٽ پيج تي ظلم ۽ ناحق جي خبر ملي ٿي. ڪو به ڏينهن اهڙو ناهي جو اخبار ملڪ ۾ ٿيندڙ ظلم سان آگاھ نه ڪيو هجي ۽ نه اخبار جو ڪو پيج جنهن ۾ ماڻهن جي مرڻ جي خبر نه ڇپي هجي.

ڇا انساني زندگي ايتري سستي ٿي وئي آهي؟ هڪ بندوق جي گولي جي برابر هڪ بي گناھ  کان زندگي کسي وڃي يا اسپتال ۾ ويندڙ مريض ڊاڪٽرن جي غفلت سبب دنيا مان موڪلائي وڃي.

انساني زندگي ڪيئن محفوظ ٿي سگهي ٿي؟ عوام ڪيئن دهشتگردن، ٽارگيٽ ڪلرز ۽ بي رحم ماڻهن کان محفوظ رهي سگھن ٿا؟ اهو تڏهن ممڪن ٿي سگھي ٿو، جڏهن قانون مطابق جوابدارن کي سزائون ڏنيون وڃن، يا  ڏوهارين کي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن ٻيا ماڻهون اهڙا قدم کڻڻ کان پهرين سو دفعا سوچين يا ان پاسي انهن جو لاڙو ئي نه ٿئي.

اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو؟ ان جو جواب يقينن ڪنهن وٽ به نه هوندو. دعا ئي ڪري سگهجي ٿي ته شال الله تعاليٰ اسان جي ملڪ کي امن جو گهوارو بڻائي.*