ڪاپي ڪلچر جا راڱا

حنا ڪوثر نظاماڻي

هن وقت ڪاپي ڪلچر اسان جي نئين نسل ۾ ناسور وانگر گهر ڪري چڪو آهي. جنهن ڪري اسان جو نئون نسل تباهي جي ڪناري تي پهتل آهي.

امتحان هال ۾ نقل ڪرڻ کي ڪاپي چئجي ٿو. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ هي رجحان اڄڪلهه عروج تي آهي، هن وقت هر ڪلاس ۾ هر سطح جا شاگرد انهي بلا جي ور چڙهيل آهن. ڪاپي جهڙي انهي غير فطري عمل سان نه فقط هڪ فرد جو نقصان ٿئي ٿو پر پوري قوم ۽ ملڪ جو پڻ نقصان ٿئي ٿو.

ائين کڻي چئجي ته توهان ملڪ جي ترقي لاءِ جيڪا عمارت ٺهرائي رهيا آهيو ان تي ڪڏهن به اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي ڇو ته اها ڪڏهن به مٽي جو ڍير بڻجي سگهي ٿي.

ڪاپي شاگردن کي ڪاهل ۽ جاهل بڻائي ٿي. هڪ ته شاگردن مان محنت جو مادو ختم ٿي وڃي ٿو جنهنڪري هو سست ٿي پون ٿا. ٻيو ته جڏهن هو پڙهائي پوري ڪري فيلڊ ۾ وڃن ٿا ته انهن کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.

چيو وڃي ٿو ته ڪاپي ذهنن کي قتل ڪرڻ جي برابر آهي، ڪاپي جي رجحان کي جيڪا تقويت ملي آهي سا بورڊ جي ناقص ڪارڪردگي جي ڪري آهي. جيڪڏهن اسان سنڌ جي تعليمي بورڊن جي ڳالهه ڪيون ته هر سال ڪيترن ئي شاگردن تي ڪاپي جا ڪيس ٿين ٿا.

پر بورڊ عملدار ڪجهه پئسن عيوض انهن کي پاس ڪن ٿا. ان جو مثال هي آهي ته سال 2013 ۾ ميرپور خاص بورڊ ۾ 300 جي لڳ ڀڳ، حيدرآباد بورڊ ۾ 704 ۽ سکر بورڊ ۾ 900 ڪاپي ڪيس ٿيا پر انهن مان اڪثر شاگرد ڏيتي ليتي ذريعي پاس ٿي ويا ۽ اختيارين طرفان انهن بورڊ عملدارن جن ڏيتي ليتي ذريعي فعل شاگرن کي پاس ڪيو ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي.

ڪاپي ڪلچر جي ڪري غريب ۽ محنتي شاگردن تي غلط اثر پئجي رهيو آهي، ۽ اهي به ڪاپي ڪلچر جهڙي موضي مرض جو سهارو وٺڻ تي مجبور آهن ڇو ته اهي محنت به ڪن ٿا پر انهن جون مارڪون ڪاپي ڪندڙن کان گهٽ ٿيون اچن.

اسان حڪومت کي هٿ ٻڌي عرض ٿا ڪريون ته ڪاپي ڪلچر کي گهٽائڻ لاءِ سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ ايماندار ۽ محنتي عملدار رکيا وڃن ۽ امتحاني سينٽرن تي سختي ڪئي وڃي ته جيئن محنتي ۽ هوشيار شاگردن کي پنهنجو حق ملي سگهي ۽ اسانجي ملڪ جو مستقبل روشن ٿي سگهي.*