وڌندڙ مهنگائي ۽ غريب عوام

شريا وير

هڪ خوشحال ملڪ جي سڃاڻپ اتان جي عوام کي ڏسي ئي ڪري سگهجي ٿي، جيڪڏهن عوام خوشحال ۽ ترقي ڪندڙ هجي ته مطلب اهو ملڪ به ترقي ڪري سگهي ٿو.

پر جيڪڏهن اتان جو عوام خوش ناهي ته مطلب اهو ملڪ به ترقي ڪندڙ ملڪن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ جهڙو نه هوندو آهي. اسان ٿوري نظر پنهنجي پياري ملڪ پاڪستان تي وجهنداسين ته ڏسڻ ۾ ايندو ته اسانجي ملڪ جي معيشت ڏينهون ڏينهن پوئتي پوندي پئي وڃي.

سبب صرف هڪ آهي، ملڪ ۾ وڌندڙ مهنگائي ملڪ ۾ رهندڙ عوام تي تمام خراب اثر ڇڏيا آهن. اڄ ڪوبه اهڙو ماڻهو ناهي جيڪو ملڪ جي حالتن مان واقف نه هجي، هر هڪ شخص ڄاڻي ٿو ته ملڪ جي پوئتي پوڻ جو سبب ڇا آهي، هتان جو عوام ڇو پريشان آهي. پر اصل سوال اهو ٿو اٿي ته آخر مهنگائي ڇو ٿي ٿئي، ڪهڙا سبب آهن جو عوام کي مهنگائي جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي؟

مهنگائي جا ته ڪيترائي سبب آهن پر انهن مان ڪجهه هي آهن: بجلي، گئس ۽ تيل جي گهٽتائي.

لائيٽ جي گهٽتائي جي ڪري هڪ يونٽ جي قيمت 14 رپيا ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري لائيٽ جي چوري وڌندي پئي وڃي. تيل جي گهٽتائي جي ڪري پيٽرول وڌي 118 رپيا ليٽر ٿي چڪو آهي ۽ گئس جي گهٽتائي جي ڪري سي اين جي وڌي 67 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري عوام کي آمدورفت ۾ ڪافي تڪليف پيش اچي ٿي.

سي اين جي، جنهن تي سڄي ملڪ جي آمدورفت جو دارومدار آهي. اها اڃا ئي گهٽ ٿيندي پئي وڃي. هفتي جا 3 يا 4 ڏينهن کليل ته ٻيا ڏينهن بند رهندي آهي، جنهن ڪري عوام کي ڀاڙو ٻيڻو ڀرڻو پوندو آهي.

لائيٽ جي گهٽتائي به وڏو مسئلو آهي عوام لاءِ. جديد دؤر ۾ ڪم ايندڙ شيون جيڪي روز مرهه جي زندگي ۾ استعمال ٿين ٿيون اهي لائيٽ جي وڃڻ سان ڪنهن ڪم جون نٿيون رهن ان کان علاوه فيڪٽريز ۽ ڪارخانن ۾ هلندڙ مشينون جيڪي بجلي تي هلندڙ آهن اهي به بند ٿي وڃن ٿيون، جنهن جي ڪري مال گهٽ مقدار ۾ تيار ٿيندو آهي ۽ اها گهٽتائي پوري ڪرڻ لاءِ مالڪ ان شيءِ جي قيمت وڌائي ڇڏين ٿا، جنهن جو اثر عوام تي پوندو آهي.

ان کانسواءِ باقي شين جو مهانگو ٿيڻ جيئن سون، جنهن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون پيون ڪن.

ڀاڄيون، دال، گيهه، چانور مطلب تي روزهه مرهه استعمال جون شيون به آسمان سان ڳالهيون پيون ڪن. ان مهانگائي جي ڪري اسانجي ملڪ جو غريب عوام ڏينهون ڏينهن بدتر حالت ۾ ٿيندو پيو وڃي.

هر سال بجيٽ ۾ ٽيڪس لڳايا ويندا آهن، روڊن تي وٺندڙ ٽول ٽيڪس به روڊ ٺاهڻ لاءِ هوندا آهن جيڪي سرڪار پنهنجي کيسي ۾ وجهي ٿي.

موبائل فون ۾ استعمال ٿيندڙ بيلنس تي به ٽيڪس ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن جيڪي پهرين ڪجهه پئس تائين محدود هئا پر هاڻي رپين تائين پهتا آهن. اهو سڀ هوندو ته عوام جي ڀلائي لاءِ آهي پر ڏٺو وڃي ته ان سان عوام جو گهٽ ۽ سياستدانن جو ڀلو وڌيڪ پيو ٿئي.

سرڪار کي گهرجي ته مهانگائي کي گهٽ ڪري غريب عوام جون پريشانيون ختم ڪيون وڃن. ڪٿي ائين نه ٿئي جو عوام مهانگائي کان بيزار ٿي روڊن تي اچي ۽ پوءِ ان کي روڪڻ مشڪل ٿي پوي.*