ڪپري جا تعليمي ادارا

عبدالله هنگورجو

تعليمي ادارن ۾ قومن جون تقديرون ٺهنديون آهن. انهن ئي پاڪ ادارن ۾ قوم جي معمارن جي ذهني اخلاقي ۽ تهذيبي تربيت ٿيندي آهي. پر اسان وٽ اهو وڏو الميو رهيو آهي جو سنڌ جي تعليم ڏينهون ڏينهن تباهه ٿيندي وڃي، ضلعي سانگهڙ جي تعلقي کپري ۾ هڪ رپورٽ ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته تعلقي جي کاهي، هٿونگو، ڍليار ۽ ٻين ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ ڪيترائي سرڪاري اسڪول سالن کان بند پيل آهن.

جڏهن ته کپرو شهر جو به ساڳيو حال آهي. رپورٽ ۾ اهو به ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 12 يونين جي اسڪول ۽ ڪاليجن جا سوين ماستر ۽ ماسترياڻيون به ويزا تي ويل آهن، جيڪي گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن. تعلقي ۾ ڪُل 60 پرائمري ۽ 3 هاءِ اسڪول هلندڙ آهن.

جڏهن ته باقي اسڪول ڪاغذن ۾ ڄاڻايل ئي نه آهن. تعليم کاتي جي مقامي آفيسرن اهو به اعتراف ڪيو آهي ته تعلقي ۾ 35 کان 40 اسڪول بند آهن، سنڌ ۾ 80 هزار استاد پڙهائين ڪونه ٿا. ۽ اهي ئي استاد پگهارون کڻن پيا، انهن کي پگهارون باقاعدگي سان جاري ڪيون وڃن ٿيون.

کپرو شهر ۾ هڪ بوائز ڪاليج آهي جنهن ۾ تعليمي نظام نه هجڻ جي برابر آهي. ڪاليج جون ديوارون ڪري پيون آهن، لائبريري ۾ پيل ڪتابن کي اڏوهي کائي وئي آهي ۽ استاد پنهنجو فرض نٿا پورو ڪن.

گرلس ڪاليج جو به ساڳيو حال آهي. کپرو شهر ۾ هڪ ٽيڪنيڪل ڪاليج پڻ آهي جنهن جو تدريسي عمل سالن کان بند آهي ان تي ڪير به ايڪشن نٿو کڻي.

اها ڳالهه به ڪيترين ئي رپورٽن ۾ سامهون آئي آهي ته سنڌ اندر 65 کان 70 لک ٻار اسڪولن ۾ داخلا کان محروم آهن.

اهي سڀ ڳالهيون ايترا دفعا ورجايون ويون آهن جو هاڻ اهي عام ماڻهو جي زبان تي آهن. پر اسان جي چونڊيل حڪومتي نمائندن کان پڇبو ته جواب اهو ئي ايندو ته سرڪار ڪوشش ڪري رهي آهي.

سنڌ جي ٻهراڙين جي تعليم جو جهڙي ريت ستيا ناس ڪيو ويو آهي، دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي. منصوبي تحت سنڌ جي ٻهراڙين جي تعليم خاص ڪري کپري يا تر جا پٺتي پيل علائقا جن جي تعليم هٿ وٺي تباهه ڪئي پئي وڃي.

ٻهراڙين جي تعليم تباهه آهي نتيجي ۾ ٻارن جي بنيادي اوسر ۽ تربيت صحيح نموني نه ٿي رهي آهي، اڄ به تعليمي ادارا وڏيرن، سردارن، ميرن پيرن ۽ جاگيردارن جي قبضي هيٺ آهن. استاد وري انهن وڏيرن ۽ ميرن جا منشي ۽ ڪمدار بڻجي پنهنجي قومي فرض ۾ ڪوتاهي ڪري رهيا آهن.

جيڪڏهن ڪجهه ٻهراڙي جا تعليمي ادارا تعليم ڏئي رهيا آهن ته وري انهن وٽ بنيادي سهولتون ڪونه آهن. نتيجي ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي تعليم ڏينهون ڏينهن محروم ٿيندي پئي وڃي.

سنڌ جي قلمڪارن، دانشورن، محب وطن ماڻهن کي گهرجي ته اهي پنهنجي وس آهر تعليم کي ترقي ڏيڻ ۾ پنهنجي پوري پوري صلاحيت استعمال ڪن ته جيئن عوام جي شعوري سگهه ۾ واڌارو اچي ۽ عوام شعوري طور پنهنجي پيرن تي بيهي پنهنجي قومي حقن جي جنگ وڙهي سگهي.

دنيا جون اهي قومون ڪامياب ۽ خوشحال آهن. جن پهرين ترجيح تعليم کي ڏني ڇو ته تعليم ذريعي ئي قومن جون تقديرون بدلبيون آهن.

هلاڪو خان جڏهن کان لائبريريون ساڙائڻ جو سبب پڇيو ويو ته هن جواب ڏنو ته هنن ئي لائبريرين ڏانهن ايندڙ ويندڙ ماڻهو وڏا خطرناڪ آهن. سو جڏهن لائبريريون ئي نه هونديون ته اهڙا خطرناڪ ماڻهو به پيدا ڪونه ٿيندا.

اچو ته اوهان ۽ اسان سڀ گڏجي پنهنجي ڳوٺ، شهر ۽ پنهنجي سنڌ جا تعليمي ادارا انهن حلاڪو خان ۽ چگيز خانن کان بچايون ۽ سنڌ جي مظلوم عوام ۾ علم جو شعور پيدا ڪيون.*