پرائيويٽ اسپتال غريب لا ءِ آزار

شريا وير

اسانجي ملڪ ۾ سرڪاري ۽ پرائيويٽ ڪيتريون ئي اسپتالون آهن. پر انهن جي سهولتن ۾ فرق ضرور هوندو آهي. سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسپتال ۾ اهو ئي فرق هوندو آهي جيڪو امير ۽ غريب جي حيثيت ۾ هوندو آهي.

ٺهيل ته ٻئي عوام جي ڀلائي لاءِ آهن پر پرائيويٽ اسپتال ۾ هر مريض کي ان جي حيثيت سان ئي ڏٺو ويندو آهي.

پرائيويٽ اسپتال ۾ ايتري بد عنواني ٿي رهي آهي، جيڪا ڪنهن سرڪاري اسپتال ۾ نٿي ٿي سگهي. سرڪاري اسپتال عوام لاءِ ٺهيل هوندي آهي جتي عوام جي ڀلائي لاءِ گهٽ خرچ تي مناسب علاج ڪيو ويندو آهي ۽ مفت دوائون پڻ ڏنيون وينديون آهن.

پرائيويٽ اسپتال ۾ مرض کي نه پر مريض جي کيسي کي ڏسي علاج ڪيو ويندو آهي. ان حالت کي ڏسي غريب جو مرض پئسا بچائڻ جي سوچ ۾ ئي ختم ٿي ويندو آهي.

پرائيويٽ اسپتال ۾ سهولتون ته سڀ ئي هونديون آهن. پر انهن کي حاصل تڏهن ئي ڪري سگهجي ٿو جڏهن هٿ ۾ پئسو هجي. پرائيوٽ اسپتالن ۾ مريضن کي مهانگين دوائن تي پنهنجو کيسو خالي ڪرڻو پوندو آهي.

امير ته اهو خرچ برداشت ڪري ويندو آهي پر غريب لاءِ فقط ٻه ئي رستا بچندا آهن يا ته سرڪاري اسپتال جو رخ ڪري يا پنهنجي گهر جو. جيڪڏهن پئسو ناهي ته پوءِ پرائيويٽ اسپتال جو ڊاڪٽر ته ڇا پر ان جو چوڪيدار به ڪونه پڇندو.

پرائيويٽ اسپتال جو ماحول پئسن کي نظر ۾ رکندي صاف سٿرو رکيو ويندو آهي، ته جيئن مريض کي ڪا تڪليف يا شڪايت نه رهي. مريض جو کيسو خالي ڪرائڻ لاءِ اسپتال ۾ ڊاڪٽر کان وٺي هڪ ننڍو ملازم شامل هوندو آهي.

جيڪڏهن ڪو مريض هڪ مرض ٻڌائيندو آهي ته ڊاڪٽر ان مرض مان 100 ٻيا مرض ڪڍي ٻڌائيندو آهي. پوءِ پنهنجي ئي ڪنهن سڃاڻپ واري ميڊيڪل اسٽور تي وڃي دوا وٺڻ جي صلاح ڏيندو آهي، جنهن بعد اهو ئي پئسو ڊاڪٽر ۽ اسٽور وارو ورهائي کائيندا آهن.

ڪن پرائيويٽ اسپتالن ۾ هوٽل جو بندوبست پڻ هوندو آهي، جتي بلڪل ئي سادي ماني جيڪا عام هوٽل تي 200 روپيا ۽ پرائيويٽ اسپتال ۾ 2000 هزار روپين جي هوندي آهي.

اهو سڀ ڏسي اندازو اهو ئي ٿو لڳائي سگهجي ته پرائيويٽ اسپتالن جو مريض کڻي ته هڪ مرض ايندو آهي پر ايترا سور سهڻ کان پوءِ 10 مرض ٻيا لڳي ويندا آهن.

ڪجهه اسپتالون اهڙيون به آهن جن جي آس پاس گندگي جا ڍير لڳل آهن، جن کي ڏسي ائين لڳندو آهي ته اها اسپتال پنهنجا مريض پاڻ تيار ڪندي آهي.  

سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”چمڙي وڃي پر دمڙي نه وڃي“

پرائيويٽ اسپتالن جي ڦرلٽ ڏسي ظاهر آهي ته دمڙي ويندي ئي پر گڏوگڏ چمڙي به ڪونه بچندي.*