مقامي ماڻهن ڪي روزگار ڏنو وڃي

دل نواز منگريو

ڪنهن به قوم يا ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ان ملڪ جي معاشي حالتن جو بهتر هجڻ انتهائي ضروري هوندو آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن قوم کي معاشي حالت بهتر بنائڻ لاءِ وسيلا نه آهن ته اها قوم هن تيز رفتار دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نه ٿي هلي سگهي. اسان ڳالهه ڪنداسين پنهنجي صوبي سنڌ جي.

سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ان هوندي به سنڌ جا ماڻهو غربت ۾ ورتل آهن. اڄ کان ٻه سال اڳ انساني حقن واري تنظيم جي پڌرائي موجب سنڌ جي 60 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذاري پئي ۽ سرڪاري رپورٽ مطابق ته ٿر ۾ صرف ٻن مهينن اندر 160 کان مٿي ٻارڙا بک سبب زندگي جي جنگ هارائي ويا ۽ ڪجهه ٻارڙن جون مائرون به مسلسل بک ڪاٽڻ سبب موت جي ور چڙهي ويون.

لڳ ڀڳ 200 ماڻهو بک، بدحاليءَ سبب مري چُڪا آهن. چوپايو مال جيڪو ٿر جي ماڻهن جي روزگار جو واحد سهارو آهي، اهو پڻ مري رهيو آهي.

بک، بدحالي، بيروزگاري هتان جي ماڻهن جو مقدر بڻجي چُڪي آهي. روزگار نه ملڻ سبب ماڻهو پنهنجا گُڙدا وڪڻڻ جا هوڪا ڏين ٿا. جڏهن ته مائرون پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آهن.

نه رڳو ايترو پر تعليم يافته نوجوان نوڪريون نه ملڻ سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. ڪافي ماڻهو ذهني توازن وڃائي ويٺا آهن.

ٿر کي ڇڏي باقي سنڌ تي نظر وجهبي ته ٿورڙي فرق سان ڳالهه مڙئي ساڳي آهي، سنڌ ۾ جتان تيل ۽ گئس نڪتو آهي.

اتان جي مقامي ماڻهن کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو ويو آهي ۽ اتي ٻاهريان ماڻهو گهرائي ڀرتي ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري انهن علائقن ۾ به بيروزگاري عروج تي آهي. 

سنڌ جي مڪمل آباديءَ مان 52 سيڪڙو ماڻهو ٻهراڙيءَ ۾ رهن ٿا. ۽ انهن جو گذر سفر زراعت تي آهي. زرعي زمينن لاءِ پاڻيءَ جي سهولت نه هئڻ ڪري ٺٽو، بدين ۽ ٻين ڪافي ضلعن جون زمينون بنجر بڻجي چڪيون آهن، ان ڪري ٻهراڙي جو ماڻهو بحران جو شڪار آهي.

ان کان سواءِ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي جي شديد کوٽ سبب مهاڻا به تمام تنگ زندگي گذاري رهيا آهن.

اسان جي صوبي ۾ غربت جي وڌڻ جا ڪيترائي سبب آهن پر انهن مان ٻه وڏا سبب هي آهن. نمبر هڪ مهانگائي ۽ نمبر ٻه وڌندڙ آبادي. جتي مزدور جي مزدوري 300 رپيا ۽ کاڌي پيتي جون شيون جيئن اٽو لڳ ڀڳ 50 رپيا في ڪلو ۽ کير 80 رپيا في ڪلو ٿي چُڪو آهي.

ائين ٻيون ضرورت جون شيون مهانگيون هجن ته ان مزدور جي زندگي ڪيئن نه متاثر ٿيندي. وڌندڙ مهانگائي سبب ماڻهن جي چهرن تان مرڪون موڪلائي ويون آهن ۽ ماڻهن لاءِ پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ به هڪ خواب بڻيل آهي.

اسان اختياري وارن کي اپيل ڪنداسين ته بيروزگاري ختم ڪرڻ ۽ مهانگائي کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءُ وٺي. جن علائقن مان گئس، تيل ۽ ڪوئلو نڪتو آهي اتي صنعتون قائم ڪري، اتان جي مقامي ماڻهن کي روزگار سان لڳايو وڃي.

عام ماڻهن جي ٻارن لاءِ تعليم مفت ۽ بهتر بڻائي وڃي. ان سان گڏ ان علائقي جي پڙهيل لکيل ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن.*