سنڌ ۾ وڏير ڪو نطام

حنا ڪنول

سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، پر هن وقت سنڌ وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ظلمن هيٺ پيسجي رهي آهي. وڏيرڪو نظام گهڻي عرصي کان سنڌ ۾ نافذ آهي پر جيڪا اهميت وڏيرڪي نظام کي انگريزن ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ملي اها تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ملندي.

سنڌ ۾ اهڙي نظام کي هٿي وٺرائڻ جي پويان انگريز سامراج جا ڪجهه خاص مقصد هئا. انهيءَ وڏيرڪي نظام جي ڪري انگريزن سنڌ سميت هندستان تي وڏي عرصي تائين حڪومت ڪئي. انهن هميشه ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ واري پاليسي تحت پنهنجي حڪومت کي قائم رکيو.

هر دور ۾ وڏيرڪي نظام جا حامي موجود رهيا آهن. ڪجهه ماڻهو انهيءَ نظام جي مخالفت ڪندا آهن ۽ ڪي پنهنجي مفادن خاطر وڏيرن جا حامي ٿي رهندا  آهن. اهو نظام سنڌ جي ڪجهه ٻهراڙين وارن علائقن ۾ موجود آهي جنهن جي ڪري ظلم، ڏاڍ ۽ قبيلائي جهيڙن ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

اهو ئي سبب آهي جنهن جي ڪري سنڌي ماڻهو محتاجي ۽ غلامي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. انهن وڏيرن جي حڪومت ۾ ائين ئي ٿيندو رهيو آهي ته اهي ماڻهن جي وچ ۾ تڪرار پيدا ڪرائي ۽ پوءِ فيصلي طور ٻنهي ڌرين تي ڏنڊ لاڳو ڪري ٺاهه ڪرائيندا آهن.

جنهن ڪري انهن کي ڳوٺ جا سادا ماڻهو پنهنجو رهنما سمجهڻ لڳن ٿا. سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ وڏيرائي سلطنت قائم ڪرڻ لاءِ جرڳي واري طريقي ڪار کي جاري رکيو پيو وڃي.

جنهن ۾ غريبن تي لکين رپيا ڏنڊ يا ڏنڊ جي عيوضي ۾ معصوم نياڻين کي پوڙهن سان زوري نڪاح ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي.

اهڙن غليظ عملن جي ڪري سنڌ پُٺتي ڌڪجندي پئي وڃي. جڏهن اسان هڪ نظر موئن جي دڙي تي ڦيرائينداسين ته يقيناً ڏندين آڱريون اچي وينديون، ته پهرين اهڙا سڌريل ۽ مُهذب ماڻهون هئا. پر اڄ جي دور جا ماڻهو انسانيت کي پيرن هيٺان لتاڙي رهيا آهن.

انهن ماڻهن کي صرف تصور ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته هن وقت ماڻهن اندر انسانيت جي ڪابه اهميت نه رهي آهي. صرف پنهنجي فائدي لاءِ سوچڻ ئي انهن جو مقصد آهي.

اهڙي ريت وڏيرڪي نظام به پنهنجو پير ڪمزور ماڻهن تي ڄمائي ورتو آهي. پنهنجي حڪومت کي قائم رکڻ خاطر اهي ڳوٺ ۾ فساد پيدا ڪرائين ٿا ۽ انهن کي پاڻ وٽ فيصلي لاءِ گهرائين ٿا ۽ پوءِ حڪمران ۽ طاقتور هئڻ جو ثبوت ڏين ٿا.*