ڏڪار جي ور چرهيل مار وئڙا

طاهر مسٽوئي

ٿر جتي وسڪاري ۾ مور نچندا آهن ۽ مارو سارنگ آلاپيندا آهن، پورو ٿر فصلن ۽ قدرتي گاهن سان سائي چادر ويڙهي وٺندو آهي ۽ خوشي سان پورو ٿر جهومندو آهي.

پر بدقسمتي سان هن وقت ٿر ۾ موت جو راڪاس گهمي رهيو آهي، ٿر ۾ برساتون نه پوڻ ڪري ڏڪار ماڻهن کان سندن سڀڪجهه کسي ورتو آهي، مال مويشي سان گڏ سندن جگر جا ٽُڪر به هنن سٻاجهڙن مارن کان وڇڙي ويا آهن.

هن جديد دؤر ۾ ميڊيا جي بدولت ماڻهن کي هر پل جي خبر ملي رهي آهي. اهڙي ريت هر وقت اسين ٽي وي ۽ اخبارن ۾ به هي خبر پڙهي ۽ ڏسي رهيا آهيون.

اهڙن ڏڪارن ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زندگي کان هٿ ڌوئي ويهندا آهن ۽ بچڻ جي اميد به تمام گهٽ هوندي آهي. چوندا آهن ته موت ازل آهي ان ڳالهه تي يقين ڪندي ماڻهو اهڙي ڏکي ڏينهن ۾ صبر اختيار ڪندا آهن ته جيڪڏهن الله کي منظور هوندو ته اسين هن مشڪل کي منهن ڏيئي سگهنداسين.

هي ٿر اها ئي ٿر آهي جنهن جي نالي ڪجهه مهينا اڳ وزيراعظم نواز شريف کي ٿر ڪول جو افتتاح ڪرڻ وقت ڪنهن چيو ته ميان صاحب جنهن زمين مٿان توهان بيٺا آهيو هي سون آهي. اڄ ان ئي زمين تي ڪيترائي رهندڙ ماڻهو بک ۽ غربت وگهي مري رهيا آهن.

 ايشيا، يورپ ۽ آمريڪا سميت دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ جڏهن به اهڙا ڏڪار آيا آهن ته انهن ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهن پنهنجو ساهه ڌڻي حوالي ڪيو آهي. 1876ع کان 1878ع تائين هندستان ۾ آيل ڏڪار ٽي لک ماڻهن کي ڳڙڪايو هو. 1907ع ۾ چين ۾ آيل ڏڪار ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهن پنهنجي جان وڃائي هئي. دنيا جو بدترين ڏُڪار آفريڪا جي ڏهن ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو، جنهن ۾ ندين، ڍنڍن ۽ پاڻي جي کلائن مان پاڻي سُڪي ويو هو.

ان واقعي دوران اٽڪل 20 هزار ماڻهو هر مهيني مرندا رهيا بک اڃ برداش ڪندي پنهنجي جان جي قرباني ڏني. اهو سلسلو مسلسل ٽن سالن تائين جاري رهيو. دنيا جا ٻيا به ڪيترائي ملڪ آهن، جن اهڙي ڏڪارن جي ڪري پنهنجي عوام جي جانن جي قرباني ڏني آهي.

ٿر ۾ آيل ڏڪار هن وقت تائين 150 کان وڌيڪ ماڻهن کي پنهنجو شڪار بڻايو آهي. ڇاڇري، ننگرپارڪر ۽ اسلام ڪوٽ جي علائقن ۾ ڪيترائي ماڻهو بک، اڃ ۽ غربت جو نشانو بڻيل آهن.

هر روز 10 کان 20 جي تعداد ۾ ماڻهو مرن ٿا. ميڊيا جي رپورٽ موجب انهن ماڻهن لاءِ دوائن جون ٽرڪون، کاڌي پيتي جي سامان جون ٽرڪون پهتيون آهن. جيڪڏهن اهي پهتيون آهن ته ماڻهن جي مرڻ جو تعداد ڇو وڌي رهيو آهي.

وزيراعظم نواز شريف ٿر ۾ آيل ڏڪار لاءِ هڪ ارب رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي، ڇا ان ۾ ايندڙ سامان ۽ مال غريب عوام کي ملي سگهندو يا هر دفعي وانگر چونڊيل نمائندا پنهنجي کيسي کي گرم رکڻ لاءِ هن سامان جو استعمال ڪندا، جنهن ۾ مليل سامان کي وڪرو ڪري باقي بچيل شيون ان غريب عوام کي ڏنيون ڏينديون.

حڪومت کي گهرجي ته ڳوٺن اندر ڪميٽيون ٺاهيون وڃن ۽ ان ڪميٽين ۾ چونڊيل ماڻهن کان ڪم ورتو وڃي. ڪميٽين ۾ هر گروپ جا ماڻهو کنيا وڃن جيڪي امدادي ڪم کي شفاف نموني سرانجام ڏيئي سگهن.

ٿر ۾ پوندڙ ڏڪار جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٽيوب ويل ۽ ڪئنال ٺاهيا وڃن ۽ انهن ذريعي پوک ڪئي وڃي. ٿر جي ڪوئلي کي استعمال ڪرڻ کان اڳ اتان جي نوجوانن کي هنري ۽ ٽيڪنيڪل تعليم سان گڏ معياري تعليم کي پڻ يقيني بڻايو وڃي. اتان جي شاگردن کي اسڪالرشپون ڏيئي بهتر نوڪرين لاءِ تيار ڪيو وڃي.