ٽي بي علاج جو ڳو مرض

عبدالسلام جانوري

هن وقت دنيا ڪافي خطرناڪ بيمارين جهڙوڪ ايڊز، ڪينسر، شُگر، هيپاٽائيٽس، دل جي بيماري ۽ ان سان گڏوگڏ ٽي بي (سِلهه) جي ور چڙهيل آهي، اسان هتي ٽي بي جي ڳالهه ڪنداسين جنهن جو 24 مارچ تي عالمي ڏينهن ملهايو ويو.

پاڪستان ٽي بي جي بيماري ۾ پنجين نمبر تي آهي، جنهن سان هر سال 5 لک ماڻهو متاثر ٿين ٿا. ڊبليو ايڇ او مطابق دنيا ۾ هر سال اٽڪل 90 لک ماڻهو هن بيماري ۾ مبتلا ٿين ٿا.

انهن مان 3 سيڪڙو ماڻهو علاج نه ٿا ڪرائين. 2012 جي سالياني رپورٽ موجب دنيا اندر 86 لک ماڻهن کي ٽي بي جي بيماري ٿي هئي. جن مان 13 لک ماڻهو فوت ٿي ويا هئا، جن ۾ 74 هزار ٻار شامل هئا.

پروگرام مينيجر سنڌ ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جي مطابق سنڌ ۾ هر سال 117300 ماڻهو ٽي بي سان متاثر ٿيندا آهن. 58000 ماڻهن جو علاج ڪرائي سگهندا آهيون ۽ 55000 مريضن تائين رسائي نه ٿي سگهندي آهي.

جيڪڏهن هڪ مريض پنهنجو علاج نه ٿو ڪرائي ته اهو 10 کان 15 صحتمند ماڻهن کي متاثر ڪري سگهي ٿو. ٽي بي جو مفت علاج مهيا ڪيو وڃي پيو جنهن مان سنڌ جا ماڻهو لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا.

سنڌ ۾ ٽي بي جي علاج لاءِ ڪُل 265 مرڪز موجود آهن ۽ 2013 ۾ ٽي بي جي رجسٽرڊ مريضن جو تعداد 57969 رڪارڊ ڪيو ويو.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ يا ٻن هفتن کان وڌيڪ کنگهه رهي، بلغم ۾ رت اچي، مسلسل بخار رهي، رات جو پگهر اچي، بک نه لڳي ۽ وزن گهٽ ٿيندو وڃي ته فورن ٽي بي جي ٽيسٽ ڪرائي وڃي، رڳو ڇهن مهينن جي مڪمل علاج سان هي مرض ختم ٿي سگهي ٿو.

ٽي بي ڪا وڏي بيماري نه آهي پر علاج نه ڪرايو ويو ته اها خطرناڪ صورت اختيار ڪري سگهي ٿي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٽي بي جو علاج اڌ ۾ ڇڏڻ انتهائي خطرناڪ آهي، اڌ ۾ علاج ڇڏيندڙ مريضن کي پوءِ ساڳيون دوائون اثر نه ٿيون ڪن، پوءِ هن بيماري جو ڌار علاج تجويز ڪيو وڃي ٿو.

اڌ ۾ علاج ڇڏيندڙ مريضن جي بيماري کي ملٽي ڊرگ ريزسٽنٽ ٽيوبرڪلوسز ”ايم ڊي آر- ٽي بي“  چيو وڃي ٿو. ان علاج تي خرچ 8 کان 10 لک في مريض اچي ٿو، پر اهو علاج جو پيچيده طريقو آهي. مريض ڇهن مهينن جي ڪورس سان صحتمند ٿي ويندو پر ٻيهر علاج ۾ 2 سال وڌيڪ لڳي سگهن ٿا.

اسان جو ٽي بي جي مريضن کي مشورو آهي ته اهي پنهنجي ويجهي ٽي بي سينٽر تان ڪورس مڪمل ڪرائين ته جيئن پاڻ به صحتمند ٿي سگهن ۽ هنن جي ڪري ٻيا ماڻهو به هن بيماري جي اثر کان بچي سگهن.*