هوٽلن تي ويهي پنهنجو وقت نه وڃايو

سهيل احمد

سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ هوٽلون موجود آهن، هاڻ ته ٻهراڙي جي ڳوٺن ۽ اسٽاپن تي به هوٽلون کُلي ويون آهن.

ڏٺو وڃي ته هوٽلون صرف چانهه پيئڻ ۽ ماني کائڻ جي لاءِ ٺاهيون ويون آهن پر اڄڪلهه جي ٻهراڙي جي هوٽلن ۾ اتان جا رهواسي پنهنجو قيمتي وقت وڃائڻ ۾ پورا آهن.

اهي پنهنجي زندگي جو هڪ وڏو حصو هوٽلن تي ويهي گذارين ٿا، جنهن سان نه صرف هنن جي وقت جو ذيان ٿئي ٿو پر ٻيا ڪيترائي مسئلا پڻ مُنهن ڪڍن ٿا.

هوٽلون جتي ماڻهن کي کاڌي پيتي جون سهولتون ميسر ٿين ٿيون اُتي برايون پڻ ڦهلجن ٿيون. جيئن ته چوري، بد اخلاقي، گارگند وغيره. ٻهراڙي جي هوٽلن ۾ ڪيتريون ئي خراب قسم جون فلمون هلايون وڃن ٿيون جنهن جو ٻهراڙي جي وڏن توڙي ننڍن تي تمام گهڻو اثر پوي ٿو.

جهڙوڪ هوٽلن تي سنڌي فلمن ۾ سنڌ جي رسم ۽ رواج کي غلط نموني ڏيکاريو وڃي ٿو. ڪاروڪاري ۽ هٿيار ڪلچر جهڙا واقعا سامهون آندا وڃن ٿا جنهن جو منفي اثر اسان جي سماج تي پوي ٿو.

ڪٿي ته هوٽل اسڪولن جي ويجهو هوندا آهن ۽ انهن هوٽلن تي وڏي آواز ۾ فلمون ۽ گانا هلندا آهن، ان ڪري شاگرد توجهه سان پڙهي نٿو سگهي.

هوٽلن ۾ نشو پڻ ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو نشي ۾ ڌُت ٿي پاڻ ۾ جهيڙو ڪندا آهن. ڪو وقت هوندو هو جڏهن ماڻهو عيد نماز پڙهي پنهنجي مٽن مائٽن وٽ عيد ملڻ لاءِ ويندا هئا، هن وقت هوٽلن جو تعداد وڌڻ جي ڪري ماڻهن ۾ اها شيءِ ختم ٿي چُڪي آهي ۽ هو عيد نماز پڙهڻ بعد مٽن مائٽن سان ملڻ بدران هوٽلن ڏانهن رُخ ڪن ٿا ۽ انهن ڏينهن ۾ هوٽلون ڀريل نظر اچن ٿيون. جيڪي صرف ۽ صرف پئسي جو ذيان آهن..

اسان سنڌ جي انهن ماڻهن کي گذارش ڪنداسين جيڪي گهڻو وقت هوٽلن تي ويهي گذارين ٿا، ته خدارا هوٽلن تي پنهنجو قيمتي وقت ۽ پئسو وڃائڻ کان بهتر آهي ته ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪريو ته جيئن توهان جي گهر جون حالتون بهتر ٿي سگهن ۽ توهانجو ۽ توهانجي گهر وارن جو وقت سڪون سان گذري سگهي.