اخبار پڙهڻ مان فائدا

اسحاق سمون

صحافتي پيشي جي هڪ اهم ذميواري ماڻهن جي رهبري ڪرڻ ۽ اڳڪٿي ڪرڻ به آهي. ڪڏهن ڪڏهن عام ماڻهو ڪنهن واقعي کي سمجهي نه سگهندا آهن يا انهن جي بنيادي ڪارڻن ۽ ايندڙ نتيجي تي پهچي نه سگهندا آهن، اتي اخبار نويس قوم جي رهبر جي حيثيت سان اڳتي وڌندو آهي.

اڄ ڪلهه سائنس جي تيزي سان ترقي ڪرڻ جي ڪري دنيا ۾ تيز رفتاري اچي وئي آهي ملڪن، شهرن ۽ مختلف علائقن ۾ تيزي سان حالتن ۾ تبديليون اچي رهيون آهن. هر ماڻهو جي اها خواهش هوندي آهي ته هو دنيا جي اندر هر لمحي بدلجندڙ حالتن کان واقف رهي، ان ڪري ئي ماڻهو اخبار پڙهڻ جا عادي بنجي ويا آهن.

اڳ جي دؤر ۾ ماڻهو اخبار وڌيڪ پڙهندا هئا پر هاڻي ان ۾ ٿوري گهٽتائي آئي آهي ان جو وڏو سبب اليڪٽرانڪ ميڊيا آهي، ڇو ته ماڻهو ٽي وي ۽ انٽرنيٽ تي پوري دنيا جون خبرون ڏسي ۽ پڙهي سگهن ٿا، پر اسان جي ملڪ ۾ اڃا به اخبار کي وڏي اهميت حاصل آهي.

ٻهراڙين ۾ وڏي عمر جا ماڻهو اخبار تمام شوق سان پڙهندا آهن ڇو جو هو ان جا عادي ٿي چڪا آهن، ائين به چئجي ته غلط نه ٿيندو ته اخبار پڙهڻ کان سواءِ هنن جو ڏينهن سٺو نه گذرندو. ڏٺو وڃي ته اخبار پڙهڻ مان ڪيترائي فائدا آهن.

اڄڪلهه جي هن ترقي يافته دؤر ۾ اخبار رڳو خبر رسائي جي حد تائين محدود نه آهي پر انهن ۾ شايع ٿيندڙ اشتهارن ذريعي ماڻهن کي نوڪريون ۽ ٻيا روزگار جا انيڪ موقعا ميسر ٿيندا رهيا آهن. ان کان سواءِ دنيا جو وڻج واپار ۽ ڪاروبار پڻ اخباري اشتهارن ذريعي سولائي سان ٿئي ٿو.

اشتهار اخبارن جي اهميت کي وڌائين ٿا مختصر اهو ته اڄڪلهه جي هن ترقي واري دؤر ۾ اخبارون عام ماڻهن جي زندگي جي ضرورت بڻجي ويون آهن. شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ماڻهو اخبار کي ڏاڍي چاهه ۽ دلچسپي سان پڙهندو.

اخبار جي ڪري ماڻهو هنگامن، جهيڙن، قتل، اغوائن جي خبرن کان وٺي ملڪي سياست ۽ سماجي لاڳاپن کان واقف ٿئي ٿو.

اخبار مان اهو به فائدو آهي ته ان ۾ مختلف موضوعن تي لکيل آرٽيڪل پڙهڻ لاءِ ملندا آهن انکانسواءِ پنهنجي خطن ذريعي پنهنجي ڳوٺ ۽ شهرن جا مسئلا حڪومت تائين پهچائي سگهجن ٿا. تعليمي خبرون يا راندين جي خبرن بابت معلومات به اخبار مان حاصل ڪري سگهجي ٿي.*