حيدرآباد ۾ وڌندڙ بيروزگاري

علي رضا شاهه

سڀ کان پهرين آءٌ توهان کي حيدرآباد شهر جي تاريخ کان ٿورو واقف ڪريان. حيدرآباد شهر پاڪستان  جو پنجون وڏو ۽ سنڌ صوبي جو ٻيو وڏو شهر آهي. هي شهر ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾ نيرون ڪوٽ جي نالي سان وجود ۾ آيو ۽ پوءِ هن شهر جو نالو حيدرآباد رکيو ويو.

پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هي شهر پئرس سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته شهر جي روڊن کي گلن جي پاڻي سان صاف ڪيو ويندو هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هي شهر سنڌ جي گادي جو هنڌ پڻ رهيو آهي.

هن وقت حيدرآباد شهر هڪ ضلعي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ چار تعلقه يعني حيدرآباد سٽي، حيدرآباد ٻهراڙي، قاسم آباد ۽ لطيف آباد شامل آهن. حيدرآباد شهر جيئن ته سنڌ صوبي جو ٻيون نمبر وڏو شهر آهي تنهن جي ڪري هن شهر جي آبادي به تمام گهڻي آهي. جنهن ڪري هي شهر تمام گهڻن مسئلن جي ور چڙهيل آهي.

جنهن ۾ ڪجهه مسئلا هي آهن. تعليم جي کوٽ، صحت جي سهوليت نه هجڻ جي برابر، گندگي ۽ خاص ڪري بيروزگاري. انهن مسئلن جي ڪري عوام پريشان ٿي رهي آهي، حيدرآباد شهر ۾ بيروزگاري وڏو اهم مسئلو آهي.

تعليم جو گهٽ هئڻ، ادارن ۾ ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ٻيا به ڪيترائي اهڙا ڪارڻ آهن. حيدرآباد جهڙي شهر ۾ تعليم جو سيڪڙو تمام گهٽ نظر اچي رهيو آهي خاص ڪري تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي ۾ ائين ڏٺو ويو آهي ته تعليم جي حوالي سان حڪومت تعليم کاتي تي ڪڏهن به ڪو خاص ڌيان نه ڏنو آهي.

هون ته تعليم جي کوٽ پوري پاڪستان ۾ آهي پر اسين حيدرآباد جي تعليم جو ذڪر ڪيون ٿا، جنهن جي نه هئڻ ڪري نوجوان طبقو بيروزگار بڻيل آهي.

اڄ جي جديد دؤر ۾ اولاد کي نه پڙهائڻ جو سبب هي آهي ته سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائي تمام گهٽ آهي، ڪن اسڪولن ۾ ماستر اچن ئي ڪونه ته وري ڪي اسڪول بند پيل آهن. انهن جو عملو مفت جون پگهارون کڻي رهيو آهي. باقي پرائيويٽ اسڪولن جو فيون ايتريون ته ڳريون آهن جو غريب ماڻهو انهن اسڪولن ۾ پنهنجا ٻار پڙهائڻ جو سوچي به نٿو سگهي.

اڄ جي دؤر ۾ ڪمپيوٽر ضروري ٿي پيو آهي، جيڪڏهن ڪو شاگرد ڪمپيوٽر جي تعليم کان اڻ واقف آهي ته ان کي مستقبل ۾ نوڪري ملڻ مشڪل آهي. اهو ئي سبب آهي جو نوجوان بيروزگاري جو شڪار بڻجن ٿا. حيدرآباد جي موجوده حالت به اهڙي آهي جتي تعليم مهنگي ٿي چُڪي آهي ۽ نئون نسل تعليم کان محروم ٿي رهيو آهي.

بيروزگاري جو سبب هتي ڪارخانن جو گهٽ هئڻ، ننڍيون صنعتون نه هئڻ جي برابر ۽ ٻيا به کوڙ سارا سبب آهن. جيڪڏهن اسان وٽ انهن شين جي کوٽ نه هجي ته هتان جو غريب عوام بيروزگار نه رهندو.

اسان جي سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته ڪراچي وانگر حيدرآباد شهر ۾ به وڌ کان وڌ ڪارخانا ۽ ننڍيون صنعتون قائم ڪيون وڃن ته جيئن هتان جا نوجوان بيروزگاري جهڙي مرض کان بچي سگهن ۽ پنهنجي زندگي بهتر نموني گذاري سگهن. اهڙي وسيلن مان اسان جي نوجوانن سان گڏ ملڪ کي پڻ فائدو حاصل ٿيندو.*