لاڙ جو تعليمي نظام

سراج نوتڪاڻي

اسان جي ملڪ جو تعليمي نظام معياري نه آهي ۽ معياري نه هجڻ جو سڀ کان اهم سبب اهو آهي ته هتي سفارش ۽ رشوت تي نوڪريون ملن ٿيون، ان ڪري نا اهل ماڻهو کي تعليم سميت هر کاتي ۾ نوڪري مليو وڃي ۽ اهل ماڻهو کي نوڪري نٿي ملي. اهوئي سبب آهي جو اسان جي ملڪ ۾ هر ادارو صحيح نموني نه هلي رهيو آهي.

آئون هتي بدين ضلعي جي تعليم جي ڳالهه ڪندس، هتي 70 کان 80 پرائمري اسڪول اهڙا آهن جن ۾ تدريسي عمل نه ٿو هلي ۽ ڪي اهڙا اسڪول به آهن جيڪي وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڀوتارن جون اوطاقون بڻيل آهن.

هتي 30 کان وڌيڪ هاءِ اسڪول آهن جن جو به ساڳيو حال آهي. هاءِ اسڪولن جا استاد گهر ويٺي پگهار کڻي رهيا آهن. انهن کان ڪير پڇڻ وارو نه ناهي.

هتان جا چونڊيل نمائندا جن کي ان باري ۾ سڄي خبر هوندي به ته تعليم تباهه ٿي رهي آهي پر پوءِ به هو خاموش ويٺل آهن. سول سوسائٽي طرفان هتي تعليم جي ترقيءَ لاءِ سيمينار رکرايا وڃن ٿا، پر انهن سان ڪو فرق نه ٿو پوي.

بوائز ۽ گرلس ڊگري ڪاليج پڻ موجود آهن جنهن ۾ فرسٽ ايئر جي پڙهائي هلي ٿي پر معمول مطابق انٽر ۽ گريجوئيٽ جا ڪلاس نه ٿا هلايا وڃن.

لائبريرين ۾ ڪتاب نٿا ملن، ڪمپيوٽر ليب جنهن ۾ ڪيترائي ڪمپيوٽر خراب ٿي ويا آهن. هاڻ صورتحال اها آهي جو هن ضلعي جي تعليم اچي تباهي جي ڪناري تي پهتي آهي.

ان لاءِ هتان جي اديبن، دانشورن ۽ محب وطن ماڻهن کي تعليم جي سڌاري لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن ته جيئن هتان جي تعليم ۾ بهتري اچي سگهي ۽ هتان جي ڏتڙيل عوام کي پنهنجا حق ملي سگهن. جيڪي تعليمي ادارا وڏيرن ۽ جاگيردارن جي قبضي هيٺ آهن انهن ۾ تعليمي نظام شروع ڪيو وڃي، جنهن سان نوجوان شاگردن جو مستقبل بهتر ٿي سگهي.

اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن جن جو تعليمي معيار بهتر هجي. استاد جيڪڏهن پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي نه ڪن ته شايد هن ملڪ جو تعليمي معيار بهتر ٿي سگهي ٿو.

ان سان گڏوگڏ حڪومت کي به ان ڳالهه تي غور ويچار ڪرڻ گهرجي ڇو جو حڪومت چاهي ته بهتر کان بهتر نظام ٺاهي سگهي ٿي ۽ اسان هاڻوڪي صوبائي وزير تعليم کان پڻ اميد رکون ٿا ته پاڻ سنڌ جي تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون وٺندو ۽ خاص ڪري بدين ضلعي ۾ جيڪو تعليم جو حال آهي ان تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.