سنڌ ۾ شادي ءَ جون ريتون رسمون

ملاح مسعود

سنڌ جي تاريخ جيتري قديم آهي، اوتريون ئي سنڌ جون ريتون رسمون به قديم آهن، سنڌ ۾ ٿيندڙ شادين جي ريتن ۽ رسمن جو احوال لکڻ تي اڄ دل چوي پئي.

سنڌ ۾ شاديءَ جون رسمون به پنهنجي هڪ الڳ ۽ منفرد انداز ۾ هن وقت تائين هلنديون اچن ٿيون. اسان سنڌين ۾ اها رسم آهي ته ڇوڪري وارا ڇوڪريءَ جي مائٽن کان سڱ جي گُهر ڪرڻ لاءِ انهن جي گهر ويندا آهن.

انهن جي آجيان بهترين نموني سان ڪئي ويندي آهي حال احوال کان پوءِ اصل ڳالهه طرف وڌبو آهي، برادريءَ جو هڪ فرد گهوٽيتن طرفان ڪنواريتن سان مخاطب ٿي حال احوال شروع ڪندو آهي، ته ادا اسين آيا آهيون سڀئي توهان ڏانهن توهانجي نياڻي به ماشاءَ الله جوان ٿي وئي آهي سو اسان سڀ توهان ڏانهن آيا آهيون ته پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي سڄي برادري توهان ڏانهن هلي آئي آهي.

 ٻيلي اسان جي اچڻ جو ڀرم رکجان باقي تنهنجي مرضي، پوءِ ڪنواريتو يعني ڇوڪريءَ جو پيءُ چوندو ادا ڀلي آيا منهنجون اکيون ٿڌيون هاڻِ مان ڪهڙو جواب ڏيندس جيڪي ڀائرن جي صلاح جيڪڏهن توهان کي اها ڳالهه وڻي آهي ته پوءِ جي بسم الله مون کي ڪو اعتراض ڪونهي.

پوءِ ته سڄي برادريءَ ۾ واهه واهه ٿي ويندي آهي ته ادا مڙس ماڻهو آهي، برادريءَ جي عزت رکي پنهنجي نياڻي جو سڱ، دائود جي ڇوڪري کي ڏنائين، ان کان پوءِ گهوٽ جا مائٽ گهوٽ جا موڙ ڳانا، مهندي جون رسمون، لاڏا ۽ سهرا پنهنجي اڱڻ اڳيان شروع ڪري ڇڏيندا آهن.

ڪنوار کي ونواهه ۾ ويهاريو ويندو آهي گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏينهن وڌ ۾ وڌ هڪ هفتو شادي ۾ دهل ۽ شرنايون، ڏاج شروع ٿي ويندا آهن.

شاديءَ جي ڏهاڙي ڳوٺاڻن کان سواءِ گهوٽ ۽ ڪنوار جا مائٽ جيڪي ٻين ڳوٺن ۾ رهندڙ هوندا آهن اهي به اچي شاديءَ رات، گهوٽ وارا ڪنوار جي گهر ويندا آهن.

لانئون نڪاح جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي ۽ شادي پنهنجي منزل تائين پهچي ويندي آهي. شاديءَ کان پوءِ ڪنوار ستن ڏينهن کانپوءِ سندس مائٽن ۾ ويندي آهي جنهن کي ستاوڙو چيو ويندو آهي، ان کان پوءِ زندگي جا ڪار وهنوار ساڳئي نموني شروع ٿي ويندا آهن.*