ٻارن سان سنڌي ڳالهائي وڃي

ٽانور داس ڪتري

اڄ ڪلهه جتي به ۽ جڏهن به سنڌي ڳالهائڻ جي ڳالهه نڪرندي آهي ته اتي موجود سڄڻن مان گهڻو تعداد اهڙن شخصن جو هوندو آهي جيڪي شڪايت ڪندا آهن ته ٻارن کي گهڻو ئي ٿا چئون پر ٻار سنڌي ڳالهائين ئي نه ٿا، اسان ته گهڻو ئي ٿا سمجهايون ته سنڌي ڳالهائڻ ضروري آهي پر ٻار مڃين ئي نه ٿا.

مٿاڇري تي مائٽن جو ائين چوڻ صحيح هوندو آهي پر گهرائيءَ سان سوچڻ تي ٻارن کي ڏوهه ڏيڻ اجايو لڳندو آهي. حقيقت ۾ اڄ گهڻو تعداد اهڙن مائٽن جو آهي جيڪي نه پاڻ ٻارن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائين ٿا ۽ نه وري کين اهو پسند آهي ته سندن ٻارن سنڌي ڳالهائين پنهنجيءَ ان ڪمزويءَ کي لڪائڻ لاءِ ئي گهڻا مائٽ ٻارن تي اهو ڏوهه مڙهين ٿا ته ٻار سنڌي نٿا ڳالهائين.

مائٽن، خاص ڪري پڙهيل مائٽن جي سنڌي ڳالهائڻ ڏانهن اهڙي رخ جو هڪ ڪارڻ آهي اها اڌو گابري ڄاڻ ته سنڌي ڳالهائڻ سبب سندن ٻارُ انگريزيءَ ۾ ڪمزور رهجي ويندو.

اهڙي قسم جو ڀرم ڦهلائڻ ۾ انگريزي ميڊيم جي اسڪولن ۽ انگريزي پاڙهيندڙن ماسترن جو به هٿ رهيو آهي. حقيقت اها آهي ته ننڍيءَ عمر ۾ ٻار پنهنجي ٻولي بنان سيکارڻ جي ڳالهائڻ سکي وٺندو آهي ۽ پنهنجيءَ ٻولي جو سٺو استعمال کيس ٻين ٻولين جي سکڻ ۾ مددگار ٿيندو آهي.

ان ڪري جي مائٽ ننڍڙن ٻارن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائين ته پوءِ ٻار خود به خود سنڌي ڳالهائيندا ۽ کين ائين چوڻ جي ضرورت نه پوندي ته سنڌي ڳالهائڻ سکو پر مائٽ ننڍي هوندي ٻارن سان سنڌي ڳالهائڻ جي بدران جوان پڙهندڙ ٻارن کي رڳو زباني جمع خرچ جي روپ ۾ سنڌي ڳالهائڻ جي صلاح ڏيندا آهن.

اهو ٿيو پڪن گهڙن کي ڪَنا وجهڻ جيڪا ڳالهه نه ٿيڻ جهڙي آهي ڇو ته وڏيءَ عمر ۾ پنهنجي مادري ٻولي به سکڻي پوندي آهي جنهن لاءِ وقت ڏيڻو پوندو آهي ۽ اڄ ڪلهه جي چٽا ڀيٽيءَ واري زماني ۾ جيڪي ٻار پنهنجي اڀياس ۽ ڪيريئر کي محنت سان کڻن ٿا انهن وٽ واسطيدار شين جي اڀياس کان وڌيڪ وقت ڪونهي ۽ جي وقت آهي به ته انهن کي ٻيون گهڻيون ئي مشغوليون آهن.

تنهن ڪري مائٽن کي حقيقت پرست ٿيڻ گهرجي. ويل اڃان به ويئي ڪانهي، جي پنهنجي اولاد سان ننڍي هوندي سنڌي نه ڳالهائڻ جي اسان غلطي ڪئي آهي ته پنهنجي اولاد جي اولاد سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائي اها غلطي سڌاريون.

اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪابه ٻولي رڳو تيستائين زندهه رهي سگهندي جيستائين اها ڳالهائجي ٿي ۽ ڪابه ٻولي ڳالهائڻ ۾ تڏهن ئي قائم رهندي جڏهن اها بنان سيکارڻ جي ڳالهائجي ٿي.

اسان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته پنهنجي ٻولي ڪو اهڙو هنر ڪونهي جيڪو اول سکجي ۽ پوءِ استعمال ڪجي، مادري ٻولي اهڙو سهج وهنوار آهي جيڪو ٻار ماءُ جي ٿڃ ڌائيندي ماءُ سان ڳالهيون ڪندي سکندو آهي.

ان ڪري ڪلاس هلائي سنڌي سيکارڻ، سنڌيءَ کي بچائڻ لاءِ لڳايل ايمرجنسي آڪسيجن سلينڊر جي برابر آهي. سنڌي ٻولي رڳو تڏهن ئي بچي سگهندي جڏهن اها سنڌي ڪلاس ۾ نه پر ماءُ جي هنج ۾ کير پيارڻ وقت سيکاري ويندي آهي.*