غيبي ديريءَ جو تاريخي قبرستان

عبدالحق چانڊيو

غيبي ديرو جيڪو ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي تعلقي قمبر يو سي غيبي ديري نالي هڪ وڏو پراڻو ۽ تاريخي ڳوٺ آهي.

جيڪو 1501ع ڌاري چانڊين جي نوابن جي رهائشگاهه ۽ فيصلن لاءِ تاريخي بنگلا اڄ به انهيءَ پراڻي زماني جو عڪس ڏئي رهيا آهن.

هي ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته غيبي ديرو ۽ جاگير پوءِ جي ڳالهه آهي، اصل ۾ چانڊڪارُ رياست هئي جيڪا سنڌ جي وڏين رياستن مان هڪ هئي. ان جي شروعات ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو سنڌ سان ٿي جنهن سان هڪ سياسي پرڳڻي چانڊڪار جو بنياد پيو ۽ جنهن سردار کي سندس جاگير ملي سو سردار سريمڻ خان هو، هي رياست 1509ع ۾ ملي، جنهن کان پوءِ رياست چانڊڪو جي زمين کي چانڊين جي سردار پنهنجي ذاتي زمين نه سمجهيو بلڪه اها زمين ان پرڳڻي ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ تقسيم ڪئي.

جيڪا پوءِ اتي رهندڙ ذاتين ۾ چانڊيا، ٻرڙا، خاصخيلي ٻوهيا، لاشاري، شابراڻي، ٽوٽاڻي، ميرجت، لجواڻي، مرزاڻي، ڪلواڻي، سماراڻي، پنهور، مارفاڻي، ربواڻي، آجباڻي، نورياڻي وغيره ۽ انهن سڀني ذاتين جو قبرستان به اهو آهي جيڪو غيبي ديري جي ڀرسان رانئڪن جي نالي سان مشهور آهي اتي ڪيترائي تاريخي قبا ٺهيل آهن جيڪي تمام پراڻي زماني جي علامت آهن انهن ۾ چٽسالي جو ڪم اهڙو ته سادو ۽ وڻندڙ ٿيل آهي. هن قبرستان ۾ غيبي اسحاق خان عرف غيبي خان به دفن ٿيل آهي. جيڪو 1864ع ۾ وفات ڪري ويو هو ۽ ان کانپوءِ جيڪي به نواب سردار ٿيا ۽ انهن جي وفات کان پوءِ رانئڪن ۾ دفن آهن.

غيبي ديري جي قبرستان نه صرف چانڊين جا سردار پر اتي هر قبيلي سان واسطو رکندڙ ذاتيون ۽ انهن پاڙن سان واسطو رکندڙ جيڪي جاگير ۾ رهن ٿا، اهي اتي دفن ٿيل آهن. هن قبرستان ۾ جنگي جرنيل، شهيد دفن ٿيل آهن شهيدن لاءِ ڌار مخصوص جڳهه ڇڏيل آهي ۽ جڏهن 10 محرم الحرام جو ڏينهن ايندو آهي ته هي قبرستان ڪنهن وڏي ميلي جو ڏيک ڏيندو آهي. هن قبرستان ۾ اڳوڻو ايم اين اي ۽ ضلع ناظم نواب شبير احمد چانڊيو دفن ٿيل آهي.

هن لاءِ ڪجهه ماڻهن جا رايا هن طرح به آهن ته هي پراڻي زماني ۾ جهنگ هيو اڳتي رستا وغيره نه هوندا هئا. جيڪو جيڏانهن ويندو هو ڪنهن قبيلي جي خبر نه پوندي هئي ته گويا مان ڪٿي آهيان مطلب بَرُ ئي بَرُ هو. اهو قبرستان هڪ اهڙي رستي تي واقع آهي جتي داران گئس ڪمپني جيڪا چانڊيا قبيلي جي نوابن جي زمين تي آهي. انهيءَ تي جڏهن به وڃڻ ٿيندو آهي ته انهيءَ جو گسُ به غيبي ديري واري قبرستان کان آهي انهيءَ جي قبن ۽ تاريخي قبرستان کي ڏسندي ڏسندي داران پهچڻ ٿئي ٿو جنهن کي اتان جا ماڻهو چوندا آهن ته بَرن ۾ بازارون مطلب ته هر سک موجود آهي. غيبي ديري جي قبرستان جو ڏيک ۽ پراڻين اوائلي زماني جي سِرن سان ٻڌل اهي قبرون مڪلي جي قبرستان جو ڏيک ڏينديون آهن ڇاڪاڻ ته اهي سِرون مٽي جو ڍير ته نه آهن، پر اهي انهيءَ زماني جو چٽو پِٽو مثال قائم ڪيون بيٺيون آهن.

۽ اهي پراڻي زماني جون قبرون نئين قبرن کان گهڻو ڪجهه تبديل آهن اوچائي ۽ ڊگهائي جو پڻ وڏو فرق نظر ايندو آهي اهي سِرن سان ٻڌل وڏيون ۽ مٿي به آهن ته گڏوگڏ ڊگهيون به ڪافي حد تائين ۽ ڪن تي ته وري چٽسالي جو ڪم به ٿيل نظر ايندو آهي. جيتوڻيڪ اهي اڳئين زماني جا ماڻهو بلڪل سادا هئا، پر انهن جي ڪارڪردگي مان ايئن پيو لڳندو آهي ته هٿ جو هنر وڌيڪ ڪندا هئا ڪلهه جي ڀيٽ ۾ هينئر سڀ ڪجهه مشين پئي ڪري پر اڳ اهڙيون سهولتون نه هوندي به ماڻهو پنهنجي هٿرادو هنر ۾ قابل هئا. غيبي ديري جي رانئڪن واري قبرستان ۾ جيڪو ڪم ٿيل آهي اهو سڀ ڪم مشينن جي استعمال کان بغير ٿيل آهي جيئن قبا ٺهيل آهن اهي به هٿرادو ٺهيل آهن.

۽ هن قبرستان ۾ ويهه کان ٽيهه قبا جيڪي سردارن جي قبرن، شهيدن ۽ جرنيلن جي قبرن تي اڏيل آهن. اهي سڀ مختلف مختلف رازن جون ٺهيل ۽ جڳهن تي قائم آهن. ۽ هن مڪلي جهڙي قبرستان ۾ وڏي تاريخ پڻ سمايل آهي ڇاڪاڻ ته انگريزن جي دؤر جا ماڻهو ۽ جنگي جرنيل پڻ دفن ٿيل آهن ۽ اتي ترقياتي ڪم پڻ ٿيل آهي. قبرستان تائين پڪو روڊ ۽ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي مسجد ۽ وڻڪاري پڻ ٿيل آهي ڇاڪاڻ ته اتي ايشيا کنڊ جا نواب دفن ٿيل آهن ۽ انهيءَ تاريخي قبرستان جي مالڪي سر غيبي نواب سردار خان چانڊيو جي نگراني ۾ ٿيندي پئي اچي ۽ هو نواب صاحب انهيءَ کي پنهنجو فرض سمجهندا آهن.*