جيل اصلاح گهر نه پر عذاب گهرمحمد ياسين

محمد ياسين

چيو وڃي ٿو ته جيل ماڻهن جي لاءِ اصلاح گهر هوندا آهن ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ قيدي سزا ڪاٽڻ کان پوءِ شريف شهريءَ وانگر بڻجي زندگي گذاريندا آهن، پر بدقسمتيءَ سان هن ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ جي سينٽرل جيلن ۾ اصلاح گهر بجاءِ عذاب گهر بڻايا ويا آهن ۽ سنڌ جي جيلن ۾ ابتو نظام بڻيل آهي. قيدي سزا ڪاٽڻ کان پوءِ وڌيڪ ڏوهاري ٿي نڪرندا آهن ۽ نتيجي طور سنڌ ۾ ڏوهارين جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌنڌو رهي ٿو.

حيدرآباد سينٽرل جيل سميت سنڌ جي اڪثر جيلن ۾ قيدين طرفان مسئلن جي حل لاءِ بيريڪن جي ڇتين تي چڙهي احتجاج ڪرڻ هاڻي روايت بڻجي ويو آهي. قانون ۾ جيل مينيوئل تحت قيدين کي سهولتون ڏيڻ لازمي هونديون آهن. جنهن سان قيدين جي اصلاح ٿي سگهندي آهي. پر سنڌ جي جيلن ۾ جيل مينيوئل تحت سهولتون ملڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو قيدي جيل انتظاميه سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ به تيار ٿي وڃن ٿا. وقت به وقت قيدي جيل انتظاميه تي اهو الزام هڻندا رهيا آهن ته رشوت نه ڏيڻ سبب قيدين تي تشدد ڪيو پيو وڃي. تازو ئي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيدين وٽ غير قانوني سامان پهچڻ جو جواز ڄاڻائي آپريشن جون تياريون ڪيون ويون ته اڇي چڪر ۽ ڪاري چڪر جي قيدين احتجاج طور ڏنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو بعد ۾ جيل انتظاميه جي ڪجهه اهلڪارن کي يرغمال بڻايو ويو.

چوويهن ڪلاڪن دوران هلندڙ آپريشن کان پوءِ ڳالهين ذريعي احتجاج ختم ڪرايو ويو. ان جي باوجود جيل انتظاميه قيدين تي اهلڪارن کي يرغمال بنائڻ ۽ لٽ مار ڪرڻ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جا ٽي الڳ الڳ ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا. ان دوران قيدين کي ايتري ته سخت سزا ڏني وئي جو هو پنهنجي ڪورٽ جي تاريخن تي به مشڪل سان وڃي پئي سگهيا. ۽ انهن تي تشدد دوران انهن جي هٿن ۾ ڪڙيون هڻي منهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ٻورين ۾ بند ڪري کنڊ جو مٺو پاڻي هاريو وڃي ٿو ته ڪامورن ۽ ڀوتارن جي چوڻ تي انهن قيدين تي تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ مختلف ڪوڙا ڪيس لڳايا وڃن ٿا. ۽ جڏهن ڪو ملاقاتي انهن سان ملڻ لاءِ اچي ٿو ته انهن کان رشوت وٺي پوءِ ملڻ لاءِ ڇڏيو وڃي ٿو. حيدرآباد جي جيل ۾ نه پر پوري سنڌ جي جيلن ۾ ايئن ئي قيدين تي تشدد ڪيا وڃن ٿا.

هاڻي ان ڳالهه جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي، جيلن ۾ ڪوبه نظام نه آهي نه بجلي جو ڪو سٺو نظام آهي نه ئي وري انهن کي پاڻي مهيا ڪيو وڃي ٿو. اهي مظلوم بکن ۽ اڃن ۾ پنهنجا ڏينهن بصر ڪري پنهنجي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيا ويا آهن. انهن تي روز به روز وارو تشدد معمول بڻجي ويو آهي. سرڪار اڃا تائين خاموش تماشائي بڻيل آهي. حڪومت کي گهرجي ته سموري سنڌ جي جيلن جي قيدين کي انسانن واري زندگي گذارڻ جو موقعو ڏنو وڃي.*