آدمشاري بابت جاڳرتا جي ضرورت

عبدالحق چانڊيو

5کان 19 اپريل تائين گھر شماري ٿي رهي آهي جنهن بعد آدم شماري ٿيندي، سنڌ واسين کي گھر شماري سان گڏوگڏ آدم شماري ۾ ڀرپور حصو وٺي سنڌ جي وارثي جو ثبوت ڏيڻ گھرجي ڇو ته ان سان ئي صوبي جي حصي جو تعين ٿي سگهندو، سنڌ ۾ رهندڙ سڀني ٻولين (سرائيڪي، بلوچي، بروهڪي) سان وابستگي رکندڙن کي سنڌي ٻولي لکرائڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهي سنڌ ۾ رهن ٿا. گهر شماري ۾ هڪ گهر اندر پنج ڀائرن کي به پنهنجو الڳ الڳ خاندان لکائڻ گهرجي.

سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي سمجهي لکائي وڃي جيڪي سنڌي ڳالهائين پيا ۽ سنڌي سڏرائين به پيا، انهن کي ٻولي واري خاني ۾ صرف ۽ صرف سنڌي لکرائڻ گهرجي.

سنڌ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ نوجوانن کي گهرجي ته اهي هن قومي ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين. ڇاڪاڻ ته هي مسئلو پنهنجي صوبي جو آهي. جيڪڏهن هن مسئلي تي سست رفتاري ۽ نااهلي ٿي ته اسان سنڌي ۽ اسان جو صوبو اقليت ۾ اچي ويندو ۽ بجيٽ پڻ گهٽ ٿيندي.  ان سان گڏ ترقياتي ڪمن ۾ به پوئتي رهجي وينداسين.

اديب، دانشورن ، صحافين ۽ قومپرستن سميت ميڊيا هن مسئلي کي جيترو هاءِ لائيٽ ڪيو آهي اهو سڄي سنڌ واسين کي خبر آهي، جيڪو هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي. ائين ئي ڪرڻ سان قومون سجاڳ ٿينديون آهن ۽ پنهنجو حق وٺي رهنديون آهن ۽ اهي ڄاڻنديون آهن ته حق ڪيئن وٺبو آهي.

انهن اديبن، دانشورن ۽ صحافين سان گڏ هن وقت هر سنڌي فرد کي پنهنجي ڌرتي سان ملهائڻ گهرجي ۽ هن ٿوري عرصي ۾ ڪجهه ڪرڻ جو ٽائيم آيو آهي سجاڳ ٿي پنهنجي گهرن ، پاڙي وارن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪجي. جيترو ٿي سگهي آدمشاري ڪندڙ عملي سان گڏجي سروي ڪرائڻ گهرجي ته ڪو گهر يا خاندان سروي کان رهجي نه وڃي ۽ اهو ان جو بنيادي حق آهي جيڪڏهن گهر يا خاندان رهجي وڃي ته اتي جي رهندڙ پڙهيل لکيل فرد تي قومي فرض آهي ته هو ضلعي ۾ موجود شڪايتي سيل تي وڃي ڪري آگاهي ڏي ۽ رهجي ويل گهرن جي به ڳڻپ ڪرائي جيئن ڪو ڳڻپ کان رهجي نه وڃي.

جيڪڏهن اسان ان سلسلي ۾ سستي کان ڪم ورتو ته اسان جو ايندڙ نسل مشڪلاتن ۾ گهيرجي ويندو ۽ اسان وري 50 سال پوئتي هليا وينداسين.

اسان کي گهرجي ته سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪري استادن جي رهواسين کي گهر شماري ۽ آدمشماري بابت ڄاڻ ڏيون. ڇو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪافي ڳوٺ اهڙا آهن جن کي ڪوٽ ڏنل آهن ۽ انهي ڪوٽ ۾ ڪافي گهر هوندا آهن پر آدمشماري عملو صرف ان ڪوٽ جي دروازي تي هڪ نمبر هڻي هيلو ٿو وڃي ۽ ان کان علاوه ٻهراڙين جا ڪي اهڙا به ڳوٺ آهن جيڪي رستي کان محروم آهن ۽ انهن وٽ ڪا سهولت ناهي، رستي جي مطلب ته گهر شماري جي عملي کي گهرجي ته اهي سنڌ خاطر پنڌ هلي به اتي گهر شماري ڪن. جيئن ڪو گهر ڳڻپ کان نه رهي ۽ سنڌ صوبو جيئن گهر شماري ۾ ٻين صوبن کان ڪجهه سرسي حيثيت ۾ اچي ته جيئن صوبي جي خوشحالي توڙي ترقياتي ڪمن ۾ واڌ ٿئي ۽ هر سهولت مهيا ٿي سگهي. جيڪڏهن گهر شماري جي عملي جو انهن گهرن تائين پهچڻ نه ٿيو ته اهي گهر ڪجهه ٿورا گهر نه پر اهي ڳوٺن جا ڳوٺ آهن جيڪي جابلو پٽي ۽ ٻهراڙي جي پوئتي پيل علائقن سان واسطو رکن ٿا.  مطلب ته گهر شماري ۾ سنڌ واسي، پڙهيل لکيل نوجوانن ۽ گهر شماري جي عملي کي سنڌ سان سچائي ڏيکارڻ جو وقت آيو آهي ۽ انهن ٻنهي ڌرين جو فرض آهي ته سنڌ صوبي جي خدمت ڪري ۽ گهر شماري ۾ پنهنجي صوبي جو مان مٿاهون ڪن.