مخدوم غلام حيدر لائبريري هالا

شهير احمد

هالا شهر ضلعي مٽياري ۾ اچي ٿو، هالا شهر پنهنجي ادب ۽ ثقافت جي ڪري مشهور آهي، هالا شهر ۾ هڪ مشهور لائبريري پڻ آهي، جنهن جو نالو سروري خاندان جي هڪ معزز شخصيت مخدوم غلام حيدر جي نالي سان رکيو ويو آهي، هن  لائبريري جو بنياد 1970ع ۾ رکيو ويو، هيءَ لائبريري هڪ دفعو ٻيهر 2007ع ۾ جديد دور جي حساب سان ٺهرائي وئي، هن لائبريري ۾ تقريبن 2500 ڪتاب موجود آهن، جن ۾ انگريزي، اردو، سنڌي لٽريچر، ناول، شاعري، افسانا ۽ اسلامي تفسير، مختلف ڊڪشنريون، ڪهاڻيون ۽ ٻاراڻا ڪتاب موجود آهن، ان کانسواءِ سروري خاندان جا پڻ شاعري جا ڪتاب جن ۾ مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ ۽ مخدوم امين فهيم جي شاعري تي لکيل ڪتاب به آهن، هتي روز 40 اخبارون به اچن ٿيون، جن ۾ڊان، ڪاوش، جنگ ۽ ايڪسپريس سميت ٻيون ڪيتريون ئي سنڌي، انگريزي ۽ اردو اخبارون روزانو اچن ٿيون، هتي مختلف قسمن جا ماهوار، پندرنهن ڏينهن ۽ هفتيوار رسالا به اچن ٿا، جن ۾ هيرالڊ، اسپائيڊر ۽ اخباري جهان رسالا اچي وڃن ٿا، جديد دور جي حيثيت سان هن وقت لائبريري ۾ نوجوان اسٽاف جي محنتن ۽ ڪوششن سان روزانو جون جاب ايڊورٽائيزمينٽس گڏ ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي مختلف اخبارن ۾ مختلف کاتن ۾ نوڪرين جي لاءِ اچن ٿيون، اهي پڻ روزانو نوٽيس بورڊ تي لڳايون وڃن ٿيون ۽ ساڻ انهن جا درخواست فارم به بيروزگارن کي مهيا ڪيا وڃن ٿا، ان سان نه سرف بيروزگاري جو ازالو ٿيو آهي پر پريشان ۽ اٻوجھ ماڻهن کي هڪ قسم جو صحيح رستو به مليو آهي، لائبريري صبح جو 9.00 بجي کان رات جو 7.00 بجي تائين کليل رهي ٿي، هتي دور جديد ضروريات جي مطابق انٽرنيٽ، اسڪيننگ، پرنٽنگ ۽ ڪمپوزنگ جهڙيون سهولتون پڻ موجود آهن،هن لائبريري جي اسٽاف ۾ هڪ انچارج، 3 ڪلارڪ، 2پٽيوالا ۽ هڪ چوڪيدار شامل آهن، لائبريري ۾ ٻه ڪمپيوٽر پڻ رکيا ويا آهن، جيڪي ايڊٽنگ، پرنٽنگ ۽ اسڪيننگ جي ڪم ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، لائبريري هڪ سيڪشن تي مشتمل آهي، لائبريري ۾ ايندڙن کي سالياني ميمبر شپ ڪرائڻي پوي ٿي، جنهن لاءِ فارم ڀريو ويندو آهي، ۽ ميمبر لائبريري ۾ اچڻ وقت ڪارڊ جمع ڪرائيندو آهي، ۽ وري واپسي ۾ اهو ڪارڊ واپس ڪيو ويندو آهي، هتي انٽرنيٽ جي سهولت پڻ موجود آهي، جنهن جي ذريعي شاگرد پنهنجي علم ۾ اضافو ڪن ٿا، لائبريري جي داخلا في 10 رپيا في سال رکي وئي آهي، ان کان علاوه اسڪيننگ ۽ پرنٽنگ وغيره جي في الڳ سان ورتي ويندي آهي، هيءَ لائبريري تعلقي ميونسپل جي زير انتظام پنهنجا فرض سر انجام ڏئي رهي آهي، هن لائبريري جو ڪم هتان جي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪري سندن علم ۾ اضافو ڪرڻ آهي.*