دردوندي جو ديس وسي پيو

دولت مينگهواڙ

سنڌ جو پوئتي پيل علائقو ٿر جتي پوک صرف برسات جي پاڻي تي ٿيندي آهي، سانوڻي ۾ جڏهن مينهن پوندو آهي ته هتي جي موسم ڏاڍي وڻندڙ هوندي آهي، ساوا گاهه ڦٽندا آهن، مينهن وسڻ سان ماڻهو، پکي پکڻ، جيت جانور ڏاڍا خوش نظر ايندا آهن. ۽ هر طرف خوشحالي اچي ويندي آهي، جنهن سال مينهن نه پوندو آهي ته اتي جا سانگي ڏاڍا پريشان هوندا آهن ۽ انهن جو پيٽ گذر ڪرڻ به مشڪل هوندو آهي ۽ اُهي بکون ڪاٽڻ تي مجبور هوندا آهن ۽ انهن جون اکيون آسمان ۾ کتل هونديون آهن ۽ ڌڻي در ٻاڏائيندا آهن ته:

واحد وسائينس آهون عالم جون سڻي،

موڪل ٿئي مينهن کي ترمَ ترسائينس،

مصري ملائينس کنڊ وانگر کير ۾.

هيل به ٿر ۾ وسڪارو آيو آهي ۽ بادلن جي بوند شروع ٿي چڪي آهي، ماروئڙن جي منهن تي مرڪون موٽي آيون آهن، جهانگيئڙا جهنگن ۾ خوشين جا گيت جهونگاري رهيا آهن  مينهن مٺي، ڏيپلو، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو ۽ پارڪر جا پٽ پسايا آهن. چئني پاسن کان ساوڪ ئي ساوڪ نظر اچي رهي آهي ۽ گاهن جي گلزاري لڳل آهي، هرڪو ماڻهو ڏاڍو خوش آهي، پکي پيار مان مٺڙيون لاتيون لنوي رهيا آهن، هارين هر سنباهي ٻنين جو رخ ڪيو آهي. لطيف سرڪار  ماروئڙن جي اهڙي ڪيفيت کي پنهنجن لفظن ۾ هينئن بيان ڪيو آهي.

اڄ پڻ اتر پار ڏي تاڙي ڪئي تنوار،

هارين هي سانڀاها سرها ٿيا سنگهار

اڄ پڻ منهنجي يار وسڻ جا ويس ڪيا.

جيڪي ماڻهو مال ڪاهي بئراجي علائقن ڏانهن ويل هئا، موٽي پنهنجي ماڳن ڏانهن وريا آهن، ڌنار پنهنجا ڌڻ ڪاهي جهنگلن ۾ جهمريون  هڻي رهيا آهن، چاهه مان چنگ چوري رهيا آهن ۽ سڄو ڏينهن مال چاري جڏهن وٿاڻن ڏانهن ورندا آهن ان مهل چڙن جا من موهيندڙ آواز ۽ ڌنارن جون روح کي راحت بخشيندڙ تنوارون ٿر جي سونهن ۾ ويتر اضافو ڪري ڇڏينديون آهن ۽ اهو دلڪش منظر ڏسڻ وٽان هوندو آهي.

جن ونين جا ور ڏڪار جي ڏولائي سبب ڏيهه ڇڏي پيٽ گذران لاءِ بئراجي علائقن ڏانهن ويل هئا ۽ انهن جي ونين جون اڃايل اکيون انهن سان ملڻ لاءِ واجهائي رهيون هيون. اهي پنهنجي اباڻن ڪکن ڏانهن موٽي آيا آهن ۽ اُهي هر هلائڻ ۾ لڳي ويا آهن.

رب پاڪ جي رحم ۽ ڪرم سان برسات پئي آهي، سڀئي مارو ڏاڍا خوش نظر اچي رهيا آهن. اسين ڌڻي در دعاگو آهيون ته اهڙا رحمت جا مينهن هميشه ٿر تي وسندا رهن ۽ ٿر جو حسن هميشه لاءِ قائم ۽ دائم رهي.

سارنگ سار لهيج الله لڳ اُڃين جي

پاڻي پوڄ پٽن تي ارزان ان ڪريج

وطن وسائيج ته سنگهارن سک ٿئي.*