شڪارپورضلعو هڪ تفريحي ماڳ

هدايت الله قريشي

شڪارپور هڪ تاريخي شهر آهي جيڪو پوري پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، شڪارپور ڪنهن وقت سنڌ جو پئرس سڏيو ويندو هو، هن وقت توڙي جو هي شهر قبائلي دهشتگرديءَ ۾ گهيريل آهي پر پوءِ به هي شهر سنڌ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪنهن کان گهٽ نه آهي، جڏهن انگريزن سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي ته تڏهن هن سنڌ کي صرف ٽن ضلعن تائين محدود ڪري ڇڏيو هو، جن ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور شامل هئا.

شڪارپور جون ڪافي تاريخي ۽ تفريحي جايون اڃا به  موجود آهن، جن ۾ شاهي باغ. بيگاري واهه، ديوان هوٽل، ڍَڪُ بازار ڏسڻ وٽان آهن، اڄ به جڏهن گرمين جي موسم ايندي آهي ته هتان جا نوجوان بيگاري واهه ۾ وهنجندا آهن ۽ شاهي باغ ۾ ڪچهريون ڪري دل وندرائيندا آهن.

شڪارپور جي ڍَڪُ بازار هڪ نهايت ئي خوبصورت بازار آهي، جيڪا شڪارپور لکي در کان شروع ٿئي ٿي ۽ فيض گنج ۾ ختم ٿئي ٿي، هنن ۾ تقريبن 15 سو جي لڳ ڀڳ دڪان آهن جن جي مختلف قسم جا سامان ملن ٿا هتان جا سونا زيور پڻ تمام مشهور آهن. ان کان علاوه هڪ اهم ۽ شڪارپور جي سوکڙي شڪارپوري آچار پڻ هن ئي بازار ۾ ملي ٿي، شڪارپور جي آچار ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مشهور آهي. هن شهر ۾ ڪاروبار جا تمام وڏا مرڪز آهن جيڪي هندن جي سرپئنچي ۾ هلي رهيا آهن ۽ هن شهر جا وڏا ۽ مشهور واپاري پڻ هندو آهن.

هتي پهرين اڪثريت هندن جي هوندي هئي پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندو لڏپلاڻ ڪري ويا پر هتي اڃا تائين انهن جون ڇڏيل عمارتون ملن ٿيون.

شڪارپور جي راءِ بهادر اوڌا داس تارا چند سول اسپتال به انهن مان هڪ آهي، ان اسپتال ۽ ڪاليج جي زمين هندن ڏني هئي، جڏهن هو هندستان وڃي رهيا هئا تڏهن انهن اها ڳالهه حڪومت سان ڪئي هئي ته اسان هي ساري ملڪيت خير جي ڪمن ۾ ڏيون ٿا، پر انهن کانپوءِ سرڪار اها ڪاليج ۽ اسپتال انهن ئي هندن جي نالي ڪئي ته جيئن هڪ يادگار ٺهيل هجي ته جيئن ايندڙ نسل کي به هن جي باري ۾ ڄاڻ ملي. هينئر تازو شڪارپور شهر ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس پڻ کوليو ويو آهي، جنهن جي انٽري ٽيسٽ ايندڙ سال نومبر ۾ ٿيندي جنهن سان شڪارپور توڙي اتان جي ڀرپاسي وارن ٻين علائقن جا شاگرد  پڻ هتي اچي تعليم پرائي سگهندا.

هن يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس جو قيام خاص ڪري غريب شاگردن جي لاءِ هڪ تمام وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ان سان گڏ هتي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ گهوٽڪيءَ جا شاگرد پڻ اچي سگهندا.

شڪارپور ضلعي جي ٻين هنڌن تي به ڪيتريون ئي يادگار ۽ تفريحي جڳهيون ٺهيل آهن، جن ۾ رڪ اسٽيشن به هڪ تاريخي جڳهه آهي جتي سنڌ جي امر راڳي ڀڳت ڪنور رام کي مذهبي فسادن جي آڙ ۾ شهيد ڪيو ويو هو. هي اسٽيشن 1889ع ۾ ٺهي راس ٿي، شروع شروع ۾ هي جنڪشن هئي.

مطلب ته شڪارپور کي خدا تعاليٰ هر خوبصورتيءَ سان نوازيو آهي هن شهر توڙي ٻهراڙين ۾ ڪيتريون ئي جڳهيون آهن جيڪي ڏسڻ وٽان آهن.