سنڌ جي جيلن ۾ قيدين سان مسئلا

سرمد علي ٻرڙو

جيل جنهن کي اصلاح گهر چيو ويندو آهي، جتي ڪجهه اهڙا ماڻهو هوندا آهن جن کي ڪرمنل ايڪٽ تحت سزا ڏني ويندي آهي ته جيئن هو جيل ۾ وڃي اتي پنهنجي گناهه جو ازالو ڪري ۽ ٻاهرين دنيا کان ۽ ان خراب ماحول جنهن ۾ هو جيڪو غلط ڪري آيو ان کان پري رهي ڪري پنهنجي خراب عادتن کان پاسو ڪري سگهي ۽ ان خراب عادتن کي سڌاري ڇڏي ۽ هڪ سٺو عام شهري بڻجي نڪري پر سنڌ جي جيلن جي حالت اهڙي آهي جتي هڪ ننڍي ڏوهه ۾ ملوث شهري اگر جيل ۾ اچي ٿو ته اتان هڪ خطرناڪ ڌاڙيل ٿي نڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته اسان جي سنڌ جي جيلن ۾ ڪوبه اهڙو نظام نه آهي جيڪو قيدين جي ڀلائي، توڙي رهنمائي ڪري ۽ انهن کي سڌي راهه تي هلائڻ جو پابند ڪري، جيتوڻيڪ پنجاب جي جيلن ۾ قيدين کي تعليم ڏني وڃي ٿي ۽ تعليم لاءِ هڪ مخصوص اسڪول پڻ ٺهيل آهن ۽ هنر ۽ ٻين ٽيڪينڪل ڪمن جي پڻ سکيا ڏني وڃي ٿي، پر سنڌ جي جيلن ۾ قيدين لاءِ اهڙي ڪابه سهولت ميسر نه آهي پر ان جي ابتڙ اتي پيشوراڻن مجرمن جا گروپ ٺهيل آهن جيڪي ننڍي ڏوهه ۾ ملوث ٿي آيل قيدين کي به هڪ پيشوراڻو مجرم بڻائي ڇڏين ٿا.

سنڌ جي ڪيترن ئي جيلن ۾ قيدين کي ڏنل ڪال ڪوٺڙي ۾ ڪنهن به قسم جي صفائي سٿرائي جو ڪوبه انتظام نه آهي، جتي ان ڪال ڪوٺڙي ۾ 5 قيدين جي رهڻ جي جاءِ آهي، اتي 10 کان 15 قيدين کي رکيو وڃي ٿو ۽ قيدين لاءِ باٿ روم به قيدين جي انگ کي ڏسندي بلڪل ئي ٿورا آهن، ان ڪري اتي صفائي نه هئڻ ڪري قيدين جي صحت خراب ٿيڻ جا انديشا عام جام رهن ٿا، صحت خراب ٿيڻ جي صورت ۾ جيل ۾ قيدين لاءِ ڪنهن به قسم جي علاج جي ڪابه سهولت موجود نه آهي، جيڪڏهن قيدي ڪنهن عملدار جي دانهن ڏئي ٿو ته ان تي تشدد ڪيو وڃي ٿو، جيل ۾ قيدي کي سڌارڻ بجاءِ ان کي ذهني ۽ جسماني طور تشدد ڪيو وڃي ٿو جو قيدي ذهني طور وڌيڪ مريض ٿيندو ٿو وڃي.

عورتن جي جيلن ۾ به ساڳئي حالت آهي اتي به علاج لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪوبه بندوبست نه آهي اتي اڪثر عورتن جي ڊليوري ڪيسن ۾ قيدي عورتن کي ڪافي مشڪلاتون پيش اينديون آهن، صحيح بندوبست نه هئڻ ڪري ڪيترين ئي عورت قيدين پنهنجي اولاد جي جان وڃائي ويهن ٿيون.

سنڌ جي جيلن ۾ اڪثر جيل جي عملدارن جو رويو قيدين سان بلڪل ئي خراب هوندو آهي جيڪڏهن ڪوبه نئون شخص ڪنهن ننڍي ڏوهه ۾ جيل ۾ اندر ٿيندو آهي ته پهريائين ان تي اهڙو روب ڄمايو ويندو آهي ۽ ان تي ذهني طور تشدد ڪيو ويندو آهي ته جيئن هو انهن جي هر ڳالهه مڃي، هن کي ذهني تشدد سان گڏ، ان کان ٻيا به ڪيترائي ڪم ڪرايا ويندا آهن ۽ ان کي چوندا آهن ته پئسا گهرائي ته توکي اهڙو ڪم نه ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ هو مجبور ٿي ڪٿان نه ڪٿان پئسا گهرائي عملدارن کان جان ڇڏائيندو آهي، پر اڳتي ان قيدي سان وڌيڪ ڳنڀير مسئلو تڏهن ٿيندو آهي جو جيل ۾ اندر قيدين جا وري الڳ گروپ  ٺهيل هوندا آهن جيڪي ان کي وڌيڪ ذهني ۽ جسماني تشدد ڪندا آهن ۽ ان کي چوندا آهن. جيئن اسان چئون ائين ڪرڻو پوندي اگر نه ڪئي ته گهٽ نه ٿيندي! ۽ پوءِ هو مجبور ٿي انهن جي ها ۾ ها ملائيندو آهي. اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي مسئلا قيدين سان پيش ايندا آهن جيئن اڪثر ڪري ننڍي عمر واري قيدين کي پاڻ سان رکڻ تان قيدين ۾ جهيڙا به ٿيندا آهن ۽ ڪجهه نوجوان ڇوڪرن سان جنسي بداخلاقي جهڙو وحشياڻو تشدد پڻ ڪيو ويندو آهي جنهن ڪارڻ ڪيترائي قيدي ذهني دٻاءُ ۾ اچي خودڪشي ڪري ويهندا آهن.

اهڙيءَ طرح ڪجهه وڏن ڪرمنل قيدين جي ڪري ڪيترن ئي ٻين عام قيدين کي مشڪلاتون پيش اينديون رهنديون آهن جيئن تازو ئي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ ڪرمنل قيدين کان ڪجهه غير قانوني شيون مليون پر ان دوران ڪيترن ٻين عام قيدين تي پڻ تشدد ڪيو ويو.*