ڪيڪڙي جو سفر

محمد ياسين نهڙي

سنڌ جو پوئتي پيل علائقو ٿر جتي پڪي روڊ جي سهوليت نه هجڻ ڪري اتي جا ماڻهو هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ اچڻ وڃڻ جي لاءِ اٺن، گهوڙن ۽ ڪيڪڙن تي سفر ڪندا آهن.

ڪيڪڙو جنهن کي هُتي جي (ٿري) زبان ۾ (ڇڪڙو) يا (ٽيڪڙو) چوندا آهن ڪيڪڙي جو سفر ڏاڍو عجيب آهي. سفر دوران ڪيڪڙي ۾ ويٺل ماڻهو تمام گهڻو لطف انداز ٿيندا آهن. ڪيڪڙي جو سفر ڪندي ماڻهو کي تڪليف به هوندي آهي ته وري پر لطف به ٿيندو آهي. ڪيڪڙي جو سفر نئي ماڻهو کي هڪ عجيب لڳندو آهي.

هڪ ڏينهن مان عمرڪوٽ ويس جتان مون کي ڳوٺ سومڻهار وڃڻو هو جيڪو انڊين بارڊر جي بلڪل ويجهو آهي. مان عمرڪوٽ ٿر اسٽاپ تي ويس اتي وڃي پڇا ڪئي ته سومڻهار ڪهڙي گاڏي ويندي ته انهن ٻڌايو ته اڄ هي ڪيڪڙو سومڻهار ويندو. مان هن مٿي چڙهي ويس ته هنن مون کي ٿوري دير هيٺ بيهڻ جو چيو. ڇاڪاڻ ته ڪيڪڙي ۾ پهرين سڄو لوڊ جيئن اٽو وغيره يا ضرورت جو سامان کنيو ويندو آهي پوءِ ان مٿان وري ماڻهو ويهندا آهن. سو مون هيٺ ويهي گهڙي کن انتظار ڪيو، جيئن ئي ڪيڪڙو هلڻ لاءِ تيار ٿيو ته مان به مٿي چڙهي وڃي ويٺس هڪڙو ته ڪيڪڙي جي مٿان تمام گهڻو لوڊ هو ٻيو ته وري ماڻهو به مٿي ايترا چڙهيا جو پير رکڻ جي به جاءِ نه پئي ملي. مون اهو سوچيو ته ايترو لوڊ ۽ ماڻهو ٻيو وري سڄي ڏينهن جو سفر مون کي عجيب پئي لڳو پر جيئن ئي ڪيڪڙو روانو ٿيو ته سڀني ماڻهن ڪچهري شروع ڪئي ڪنهن ڳجهارتون پئي ڏنيون مارواڙي ٻولي ۾ ته ڪنهن آکاڻيون پئي ٻڌايون ته وري ڪنهن پنهنجن مسئلن جي باري ۾ پئي ڳالهايو ته وري ڪنهن وسڪاري جي موسم جي باري ۾ پئي ڳالهايو.

اهڙي طرح مان انهن کي ڏسندو ئي رهيس ايتري ۾ هڪ ماڻهو منهنجي ڀرسان اچي ويٺو ۽ مون کان پڇا ڳاڇا ڪئي ته ڪير آهيو ڪٿان کان آيا آهيو سو هن کي مون سڄي حقيقت ٻڌائي، ۽ پوءِ مون هن کان پڇا ڪئي ته هي ايتري رش آهي هن ڪيڪڙي ۾ ۽ ايترو وڏو سفر ته هن مون کي ٻڌايو ته اهو ته اڄ رش گهٽ آهي ڪڏهن ڪڏهن ته ٻڪريون ۽ رڍون وغيره به گڏ هونديون آهن ڪيڪڙي ۾، مون ان کان اِن ڳالهه جو سبب پڇيو ته هن ٻڌايو ته اسان وٽ ٿر ۾ ڪٿي به سواري روزانو نه گذرندي آهي اهي ڪيڪڙا ايندا آهن. هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن ۽ هتان جا ماڻهو پنهنجي ضرورت جو سامان وغيره وٺڻ لاءِ شهر ويندا آهن ۽ انهن جو گذر سفر به چوپائي مال تي آهي سو هي چوپائي مال کي به گڏ کڻي ويندا آهن ان کي وڪڻي پنهنجو سامان وٺي وري ڪيڪڙي ۾ ئي واپس موٽندا آهن. بحرحال سڀ ڪجهه ٻڌي مان ڏاڍو حيران ٿيس. ڪيڪڙو پهرين ته پڪي روڊ تي هو پوءِ جيئن ئي ڇاڇري کان اڳتي نڪتو ته ڪچو روڊ هو پر اتي ڪيڪڙو بيٺو ۽ ماڻهو سڀ هيٺ لهي آيا. اتي هڪ هوٽل ٺهيل هئي جتي چانهه پيتي سين ۽ اتي ئي وري ڪنڊيڪٽر ڪيڪڙي جي ٽائرن مان هوا پئي ڪڍي ته مون هن کان پڇيو ته ڀائو اڳتي هلڻ جو ارادو ڪونهي ڇا ته ان چيو نه ادا ٽائرن مان ٿوري هوا ڪڍبي ڇو جو اڳيان ڪچو رستو آهي. هتان جيئن ئي ڪيڪڙو روانو ٿيو ته ڪچي رستي ۾ ايترا ته کڏا هئا جو سڄو ڪيڪڙو هيٺ مٿي اُڇلون پئي کاڌيون ۽ اسان کي اهڙا ته لوڏا پئي آيا جو مون کي ڊپ پئي ٿيو ته مان ڪِري پوندس. پر ٻيا ماڻهو جيڪي اتي جا سفر ڪندڙ هئا اُهي مزي سان ويٺا هئا. ڪيڪڙي ۾ فوزيه سومرو جا مارواڙي گانا هليا پئي (هل ڊيور ڪيڪڙو تانجو، ڇيڪو جوان جائي هون جا نيڙو مانجو“، ”مينهن وُٺو اي مورائي ملڪ آپڻي پرائي“ ۽ ”اسين ماڻهو غريبڙا رهان جهوپڙيان ۾، اوهين وڏيرا ماڻهو رهو بنگلن ۾، اوهين رهو ايسيان ۾، اسان جي واري اڏي اکيان ۾ پئي. سو اهڙا گانا ٻڌي مونکي ڏاڍو مزو پئي آيو ۽ سفر به سٺي نموني سان گذريو پئي. ڪيڪڙي ۾ مسافرن کي ان جي گهر جي گهٽي تي لاٿو پئي. ۽ اُتي جا ٻار به ڪيڪڙي کي ڏسي ڏاڍو نچيا پئي ۽ خوش پئي ٿيا. اهڙي طرح ڪيڪڙو اچي پنهنجي آخري اسٽاپ تي بيٺو ۽ مان به لهي گهر ويس پر اهو مونکي اڃا تائين ڏاڍو ياد آهي. نه ئي ڪيڪڙي ۾ اي سي جي ضرورت پوي ۽ نه ئي وري سيٽُن جي ضرورت ماڻهو مزي سان مٿي قدرتي هوا جو مزو وٺندو پيو آهي ۽ سفر به گذري ويندو آهي حالانڪه منهنجو سفر يارنهن ڪلاڪن جو هو پر مونکي ٽائيم محسوس نه ٿيو. تنهنڪري اوهان به هڪ دفعو ضرور ڪيڪڙي جو سفر ڪجو ڏاڍو مزو ايندو آهي ڪيڪڙي جي سفر ۾ اوهان کي اي سي بسن ۽ اي سي ڪارن جو سفر وسري ويندو.*«