ڪتن جي حوالي سان هاڪ رکندڙ جهول شهر

علي محمدڪيريو

شڪارپور جو آچار، ميهڙ جي ميندي ۽ ٺٽي جو شربت مشهور آهي پر حيدرآباد کان هڪ سئو ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع جهول شهر وري سنڌ ۾ ڪتن جي حوالي سان هاڪ رکي ٿو جيتوڻيڪ رولو ڪتا سنڌ  جي هر شهر ۾ نظر ايندا آهن سانگهڙ ضلعي هن ننڍڙي شهر جهول ۾ ڪتن جي ڪاپڙي ته نه ٿي لڳي پر ڪتن جي شڪارين ۾ انهن جي ڏي وٺ ۽ خريداري ضرور ٿئي ٿي جهول ۾ رولو ڪتا گهڻا هئڻ جي شڪايتن تي انتظاميا مختلف موقعن تي ڪتا مار مهم پڻ هلائي آهي پر ان جو ڪتب جي گهڻائي تي ڪو خاص فرق ناهي پيو. شايد انڪري جهول ۾ سنڌ جي ٻين شهرن مان ايندڙ ماڻهو اڪثر ڪتن جي وڌيڪ هئڻ جي شڪايت ڪندا آهن.

جهول ۽ ڀرپاسي ۾ ڪتا ڌارڻ جو شوق هاڻي گهٽجي رهيو آهي پر اڃا به ڪي عادي شڪاري ان ڪِرت کي بهترين مشعلو سمجهن ٿا. انهن شڪارين جي دعويٰ آهي ته ڪتو انتهائي وفادار جانور آهي. ان حوالي سان جهول جي هڪ زميندار وٽ ڪمداري ڪندڙ اڌڙوٽ همراهه ٻڌائي ٿو ته مون پنهنجي زندگي ۾ صرف هڪ ئي ڪتو ڌاريو، ان ڪتي منهنجي ڳوٺ جي 10 سال چوڪيداري ڪئي ان عرصي دوران ڪنهن چور کي اها همٿ نه ٿي منهنجي ڳوٺ جي ڀرسان لنگهي به سگهي. اهو ڪتو مون کي ڪنهن دوست سوکڙي طور ڏنو هو ۽ مون پاڻ ان جي تربيت چاهه سان ڪئي هئي. شڪاري ڪتن بابت ڳالهيون ائين ياد ڪري ويٺل آهن جيئن سگهڙ ڳجهارتون ياد رکندا ۽ ٻڌائيندا آهن. هاڻي ته ڪتن جي ڀونڪ بدران رڳو انهن جون اونائيون ٻڌڻ ۾ ٿيون اچن، ان ڪري ڪا سچائي، سٺي ۽ خير جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ملي ئي نه ٿي ”ماضي ۾ ڪتا ڌاريندڙ هڪ جهوني ٻڌايو، ورجائي پڇڻ تي هو چوي ٿو ته ڪتي جون اونائيون نڀاڳ جي نشاني آهن. ان ڪري ڏينهن ۾ رڳو ڏڪار ئي آهي“.

معاشري ۾ اگرو سمجهڻ خلاف به شوقينن وٽ مضبوط دليل آهن، سندن چوڻ آهي ته آمريڪا، يورپ توڙي پاڪستان ۾ به پڙهيل لکيل ۽ امير ماڻهو ڪتا ڌارين ٿا. کوجي ڪتن جي سينٽرن ۾ ڪتن کي ويجهو رکيو وڃي ٿو ان کي ته عيب نه ٿو سمجهيو وڃي، پر اسان کي مهڻا ۽ طعنا ڏنا وڃن ٿا. ان حوالي سان چوپائي مال جو ڊاڪٽر خوش محمد شوقينن جي ان دليل کي تسليم ڪري ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته آسٽريليا سميت ترقي يافته ملڪن ۾ ڪتن جون ته الڳ اسپتالون به آهن.

ڪتن جي تربيت به شڪارين لاءِ گهڻي اهميت کان گهٽ ناهي، شڪاري ڪتي جي گلر کي اکيون کلڻ کان اڳ ئي 5 کان 6 فٽ جي کڏ ۾ رکن ٿا (ڪتي جي گلر جون اکيون 2 ڏينهن تائين بند هونديون آهن) ڪي شڪاري ته وري ڪتي جي گلرن جي ڪنن جون چوٽيون وڍي ڇڏين ٿا ان بابت شڪاري ٻڌائين ٿا ڪتي جي گلر کي کڏ ۾ رکڻ سان اهو گهٽ ماڻهن کي ڏسي ٿو ۽ اوندهه ۾ رهڻ سبب شڪار لاءِ اتاولو هجي ٿو. شڪاري ڪتن جي تربيت وس آهر ڪن ٿا ڪٿي ته ڪتن کي اهي سهولتون فراهم آهن جيڪي ماڻهو جي پهچ کان پري آهن ان ڪري استاد بخاري چيو آهي ته:

ڪٿي محل ماڙيون ته ڪٿي گهر ڪکاوان ڏٺاسين،

ڪٿي بخمل بدن تي ته ڪٿي انگ اگهاڙا ڏٺاسين،

ڪٿي ڪتا ڪارن ۾ ته ڪٿي پوڙها پنڌ ۾ ڏٺاسين،

عجب ڪرشمو استاد الله جو

ڪٿي گهوڙن کي بادام کائيندي ته ڪٿي بک ۾ پاهه ٿيندي مارو ڏٺاسين.*