موري شهر ۾ هٿ جو هنر

مهرالله ٻرڙو

ڪائنات ۾ ڪاريگري جو ڪم مٽي مان شروع ٿيو. ڇاڪاڻ ته مٽي سڀ کان آڳاٽي آهي، تنهنڪري مٽي جي صنعت به سڀ کان آڳاٽي آهي.

سنڌ ڌرتي سڄي سونهن ۽ ثقافت سان سنواريل آهي اسان جي سنڌ قديم دور کان محنتي ۽ جفاڪش هنرمندن جي ڪاوشن سان مالا مال آهي.

سنڌ ڌرتي تهذيب ۽ ڪلچر جي لحاظ کان هڪ اهم حيثيت رکي ٿي! تهذيب ۽ ڪلچر جي ٺهڻ ۾ اسان جي هنرمندن جو اهم ڪردار آهي اهڙي طرح سنڌ جو هر شهر محنتي ۽ جفاڪش هنرمندن سان ڀريل آهي. اهڙي طرح مورو شهر به هنرمندن ۽ جفاڪش، محنتي ماڻهن سان نوازيل آهي. مورو شهر ۾ تقريباً هر هنر جي پذيرائي ٿي رهي آهي.

مورو شهر ۾ اڪثر ڪنڀرن جي نفڪاري تمام گهڻي اهميت جوڳي آهي موري ۾ ڪنڀر مٽي مان مٽي جي گهر ٺاهڻ سان گڏوگڏ روز مرهه جي شين کي به تمام گهڻي سٺي نموني ٺاهين ٿا. جنهن ۾ دِلا، ناد، ماٽ، پاٽ، ڪپو، ڪونڊو، لوٽو، چاڏي، مٽ، ڪونئرو، گُگهيون ۽ ٻارن جون ننڍيون شيون، رانديڪا ۽ ڊيڳڙيون وغيره تمام خوبصورت نموني ٺاهيندا آهن. جيتوڻيڪ اهي ننڍيون ننڍيون شيون ٺاهڻ ۾ تمام گهڻي محنت درڪار هوندي آهي.

پهريان ئي سٺي مٽي ڳولي ان کي چڱي طرح ڳوهي ان کي شيءِ ٺاهڻ لائق بنايو ويندو آهي ۽ پوءِ ان کي صورت ڏئي ڪجهه دير سڪائي ۽ پوءِ باهه ۾ پچائبو آهي ۽ ان کان پوءِ جڏهن هو پچي تيار ٿيندو آهي ته ان تي (چٽ چٽيا) ويندا آهن. اهڙي طرح اهي شيون ٺهي ۽ مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ اينديون آهن پر افسوس جو ان جي انهيءَ هنر ۽ محنت جو اڪثر ڪري اڌ ملهه به نه ملندو آهي. بهرحال اهڙي طرح موري شهر ۾ ٻيا ڪيترائي هنر تعريف لائق آهن.

جيئن سِرن ٺاهڻ جو هنر به موري شهر ۾ تمام گهڻو آهي. سرون ٺاهڻ به تمام گهڻو مشڪل ڪم آهي ان لاءِ به هنرمند تمام گهڻي محنت ۽ مشڪل برداشت ڪندا آهن هڪ ته سج جي گرمي ۽ ٻيو ته بٺي جي باهه جي تپش. پر هر هنرمند پنهنجي هنر کي ڪارائتو بنائڻ لاءِ هر مشڪل برداشت ڪري ٿو ۽ ان کي ڪامياب بڻائي ٿو. موري ۾ سرن ٺاهڻ جو ڪم به عروج تي آهي. موري ۾ ڪيترائي سرن جا بٺا پڻ موجود آهن.

مورو شهر ۾ ڇهليون به هٿ جي هنر سان ٺاهيون وينديون آهن ۽ انهن تي وڏي محنت سان گُل ڪاري پڻ خوبصورت انداز سان ڪئي ويندي آهي. مورو شهر به هالا، گمبٽ، ٺارو شاهه، ميرپور ٻرڙو ۽ موهن جي دڙي وانگر هنرمند ۽ ثقافت وارن شهرن ۾ شامل آهي.

موري ۾ ڪاٺ جا ڪاريگر به جام نظر ايندا يعني ته موري ۾ واڍڪو ڪم به عروج تي آهي جتي ڪاٺ جا ڪاريگر پنهنجي هٿ جي ڪاريگري سان ڪاٺ جون شيون يعني در، دريون، الماڙيون، شوڪيس، بيڊ ۽ کٽون وغيره ٺاهيندا آهن ۽ پوءِ ان تي دلڪش ۽ من موهيندڙ چٽ اڪريندا آهن ۽ (چٽ ٺاهڻ) وارو ڪم تمام ئي مشڪل ۽ محنت وارو آهي ڇاڪاڻ ته اتي انچ انچ جو خيال رکڻو پوندو آهي ته جيئن ان فن کي پنهنجي اصلي صورت ۾ برقرار رکي سگهجي. ۽ هو جڏهن ٺهي تيار ٿئي ته واقعي ان جڪاريگري جي اصلي خوبصورتي ظاهر ٿئي ٿي.

ڪاٺ جون شيون ٺاهڻ سان گڏ هو کٽون، ڪرسيون يا بيڊ وغيره کي واڻيندا پڻ آهن ۽ هو ڪاريگر پنهنجي هنر سان ان کي ڪيترن ئي دلڪش ڊزائين سان واڻيندا آهن جيڪا ماڻهو ڏسندي حيران ٿي ويندو آهي ته هي ڪيئن واڻي اٿس ۽ان ۾ ايتري سونهن هوندي آهي جو انسان کي ان ڪاريگر جي هنر کان تمام متاثر ڪندي آهي. موري جي ٻهراڙيءَ توڙي شهر جون عورتون اڪثر ڪري ڀرت (سيلائي) ۽ ڪڙائي جي هنر ۾ تمام گهڻيون ماهر آهن. ڀرت ۾ اڪثر ڪري سلائي ٿيل ڪپڙن تي ڀرت جا دلڪش نمونا ٺاهينديون آهن ۽ رليءَ ٺاهڻ جو ڪم به منفرد آهي. ڇاڪاڻ ته رلي ۾ به دلڪش نمونا ٺاهيا ويندا آهن جنهن جو مثال نه آهي. رلين جو هنر گهڻو ڪري موري جي ٻهراڙي جي علائقن ۾ هوندو آهي جتي عورتون پنهنجي هنر کي ڪتب آڻيندي مُلهه (پئسن) تي  رليون ٺاهينديون ۽ ان جي هنر ۾ يعني ان جي هٿ جي ٽاڪي ۾ ايڏي ته صفائي ۽ سڌائي هوندي آهي جهڙي مشين ۾ هوندي آهي ۽ اهڙا ته دلڪش نمونا ٺاهينديون آهن جو ماڻهون ڏسي دنگ رهجي ويندا آهن. اسان جي سرڪار کي گهرجي ته انهن هنرمندن لاءِ سٺا اپاءُ وٺي ته جيئن شوق سان ڪم ڪن ۽ وڌيڪ ملڪ جو نالو روشن ڪن.*