قومي ورثو سوڻي ڪوٽ

مهرالله ٻرڙو

انسان ذات جيئن ئي هن زمين تي پير پاتو ان کي پنهنجي سماج هلائڻ لاءِ حڪمرانن ۽ قانون جي ضرورت پئي ۽ حڪمرانن جي رهڻ لاءِ وري ڪنهن عاليشان محل، قلعي، يا وري ڪوٽ جي ضرورت پئي. اهو وري انهن حڪمرانن جي حيثيت ۽ بادشاهت تي نِرڀَر هو ته اهي پنهنجي لاءِ رهائش جو ڪهڙو انتظام ڪن ٿا.

انهن بادشاهن جي رهائش گاهن مان ”سرڻي ڪوٽ“ به هڪ آهي. جيڪو موجوده وقت ۾ آثار قديمه جو هڪ عظيم منظر ٿي چڪو آهي. ”ڪوٽ سرڻي“ جيڪو آثار قديمه جو هڪ عظيم منظر رهيو آهي. جيڪو تعلقي مورو کان ضلعي نوشهرو فيروز ويندڙ نيشنل هاءِ وي جي وچ تي سڌوجا کان نوان جتوئي روڊ ويندڙ ۽ سڌوجا کان 4 ڪلوميٽر پري نٿو ڏيٿا شاخ جنهن کي ڊوٽي شاخ به سڏيو وڃي ٿو. ان شاخ جي اولهه طرف واقع آهي.

ان ڪوٽ جي ويڪر 3 ايڪڙ ۽ ٽي ويسا آهي. ۽ ان ڪوٽ جي اوچائي 20 فوٽ آهي ۽ ويڪر 18 فوٽ اٿس. ان ڪوٽ جي ڪل ايراضي اندرين ۽ ٻاهرين پاسي 3 ايڪڙ چوويهه گهنٽا آهي.

آثار قديمه جي ماهرن جي چوڻ موجب هي ڪوٽ تقريباً اڍائي هزار سال پراڻو آهي ۽ هن ڪوٽ جي اندر اهڙا گولا ٺهيل آهن جن جو وزن تقريباً ٽي پاءُ آهي.

آثار قديمه جي ماهرن جي چوڻ مطابق جڏهن محمد بن قاسم راجا ڏاهر خلاف سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته هي گولا ان جنگ ۾ مختلف اوزارن سان استعمال ڪيا ويا هئا. سرڻي ڪوٽ ۾ اندر هڪ اسٽوپا ٺهيل آهي جنهن کي گول ٿهل سڏيو وڃي ٿو.

جنهن جي گول ايراضي 50 کان 60 فٽ آهي. ان اسٽوپا جا ٻه حصا ٺهيل آهن جيڪو اڌ حصي کان مٿي ويڪر ۾ هيٺئين حصي کان گهٽ آهي. ۽ ان جي اوڀر طرف کان چڙهڻ جي لاءِ هڪ ڏاڪڻ به ٺهيل آهي. چيو وڃي ٿو ته ان گول اسٽوپا جي وچ ۾ گوتم بت جي خاڪ هڪ سوني ٿانو ۾ رکيل آهي. هندستان جي رواج مطابق گوتم بت جي خاڪ جي پوڄا ڪئي ويندي هئي جيڪا ڪجهه خاڪ هندستان ۾ به آهي.

ان ڪوٽ جي ٻاهرين پاسي کان مٽيءَ جا ڍير هئا، جيڪي ڪنهن زلزلي ۾ ڊهي پيا هئا، ان مٽيءَ جي ملبي جي کوٽائي دوران ان مان وڏي قد وارن ماڻهن جا جسماني ڍانچا پڻ مليا آهن. ان ڪوٽ جي مٿان چئني ڪنڊن تي مورچن جا نشان پڻ آهن. ان مورچن جي ويڪر 30 کان چاليهه فوٽ آهي. هن ڪوٽ کي ڏسڻ جي لاءِ ڪيترائي آثار قديمه ۽ آرڪيالاجي شعبي سان تعلق رکندڙ به گهمڻ لاءِ ايندا رهن ٿا.

محترمه مستور بخاري آثار قديمه ۾ پي ايڇ ڊي حاصل ڪئي ان پنهنجي ڪتاب ۾ به سرڻي ڪوٽ تي ذڪر ڪيو آهي. هن ڪوٽ جي حوالي سان هتي هڪ ڪتاب رکيل آهي، جنهن جو نالو ”وزيٽر بڪ“ آهي. جنهن تي ڪيترن /ڏسو صفحو .....4 ئي آيل آثار قديمه سان تعلق رکندڙ پنهنجا خيالات لکيا آهن.

هن ڪوٽ ۾ رهندڙ ماڻهن جي آبادي 20 گهرن تي آهي. ”سرڻي ڪوٽ“ جي مرمت لاءِ ڪيترن ئي آثار قديمه جي آفيسرن ۽ حتمي انتظاميا صرف دلاسا ڏنا آهن، پر ڪو به ڪم اڃا هن ڪوٽ جي ڀاڱي ۾ نه آيو آهي.

ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته اسان جي گورنمينٽ هن قومي ورثي تي ڌيان ڏئي ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ ان جي حفاظت ڪري.*