گورک جوسفر

حڪيمه احمد ٻٻر

دادو ضلع ۾ واقع گورک به هڪ تفريح لاءِ اعليٰ قسم جي جاءِ آهي، خدا تعاليٰ ڪائنات کي خوبصورت ڪري ٺاهيو آهي، جنهن ۾ چمڪندڙ تارا سهڻين روشنين سان سينگاريل آهن، اهڙي طرح هن سهڻين روشنين سان آسمان چمڪي ٿو، ان ڪري ته سنڌ کي باب السلام سڏيو وڃي ٿو. جتي آبشار، چشما، جبل، پهاڙ، زمين، وڻ، ٻوٽا پيدا ڪيا ويندا آهن.

گورک دادو کان 70 ڪلوميٽر پري آهي، دادو کان جوهي جي رستي کان پوءِ واهي پانڌي کان سڌو رستو گورک ڏانهن ويندو آهي جتي گهمڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو ايندا آهن. جيڪي زندگي کي لطف انداز ڪندا آهن، اهي پنهنجي زندگي جا خوبصورت لمحا اتي گذارين ٿا.

گورک ته بلوچي لفظ گرگ مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي، گدڙ هتي اڪثر ڪري گدڙ رهندا آهن، ان ڪري سندس نالو گورک رکيو ويو. اها چوڻي مشهور آهي، گورک جي ٽڪري ٿڌي هوندي آهي.

گورک تي موسم تمام ٿڌي هوندي آهي، اها گورک جي چوٽي سامونڊي سطح کان 5800 فوٽ بلند آهي، گورک ٽڪري تي سٺي آبهوا هجڻ جي ڪري تمام ٿڌي رهندي آهي، سندس موسم مري کان گهٽ ڪونه هوندي آهي، هن علائقي جا ماڻهو گرمي جي اڪثر ڪري رخ گورک ڏانهن ڪندا آهن، زندگي وڌيڪ من موهيندڙ لمحن کي گذاريندا آهن.

هتي گرمي جو درجه حرارت سياري ۾ 5 کان 18 سينٽي گريڊ تائين رڪاڊ ڪيو ويو آهي، اونهاري ۾ 15 سينٽي گريڊ تائين اڪثر رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جون ۽ جولاءِ ۾ هتي گرمي رهندي آهي جڏهن ته هتي اونهارو يا سيارو هجي مگر موسم سدائين ٿڌي رهندي آهي، سياري جي موسم ۾ ماڻهو رات جو اڪثر ڪري ڪمبل يا رلي استعمال ڪندا آهن ٿڌ جي ڪري هتي هوا به ٿڌي گهلندي رهندي آهي.

گورک ٽڪري ناهموار ٽڪري آهي جنهن جي اندر هيٺاهيون ۽ مٿانهيون ڍورا ماٿريون موجود آهن جنهن جي لاءِ الڳ الڳ نالا رکيل آهن. گورک جي چوٽي کي گورک چهنب سڏيو ويندو آهي هن جي خوبصورت ٽڪري مٿان هڪ خوبصورت ريسٽورنٽ ٺهيل آهي.

هتي هڪ اعليٰ قسم جو هوٽل ٺهيل آهي، هن خوبصورت چوٽي تي جيڪي ماڻهو سڄي پاڪستان مان گهمڻ لاءِ ايندا آهن. اهي رات جو هن هوٽل تي رهندا آهن، ان ڪري اولهه اوڀر کان اتر طرف ڪا به چڙهڻ جي جاءِ ڪانهي، ان کان علاوه ٻه شيڊ واٽر ٺهيل آهن، سپلاءِ ٽانڪي ۽ اولهه طرف کان ڄاري لڳل اٿس، هن ٽڪري اندر بگهڙ ۽ ٻيا جانور رهندا آهن هتي هڪ پڻ پراڻو ريسٽ هائوس ٺهيل آهي، هتي ملڪ جو وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب آيو هو. ميان نواز شريف، محترمه بينظير ڀٽو ۽ ان کان علاوه سنڌ جا ٻيا به وزير پنهنجي پنهنجي وقت ۾ آيا هئا. هن ريسٽ هائوس جي اولهه ۾ هيلي پيڊ ٺهيل آهي جتي هيليڪاپٽر لهندا آهن.

هتي قبيلن جا ماڻهو رهندا آهن، ننڍا وڏا ڳوٺ آهن، هتان جا ماڻهو مهمان نواز آهن هنن وٽ ڪو مهمان ايندو آهي ته وڏا خوش ٿيندا آهن.

حڪومت ڪراچي ۽ اسلام جي ماڻهن لاءِ فائيو اسٽار هوٽل ٺاهڻ بدران اسان مقامي ماڻهن جي مدد سان گورک تي ننڍا وڏا هوٽل تيار ڪري ڏئي، جيئن گورک تي آيل مهمانن جي دل کولي خدمت ڪري سگهون ۽ هنن کي هر سهولت نه ملي سگهي.*