هر حل ٻيومسئلوپيدا ڪري ٿو

محمد اسلم چانڊيو

انسان جي زندگي مسئلن سان ڀريل آهي ۽ انسان ذات انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. ڪافي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ انسان ڪامياب ٿيو آهي پر حقيقت ۾ اهو حل هڪ نئين مسئلي کي جنم ڏيندو رهيو آهي. جنهن جو مثال اوهان پنهنجي روز مرهه جي زندگيءَ ۾ ڏسي سگهو ٿا. جيئن گذريل دور ۾ جڏهن ڪنهن ماڻهو کي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه ڏانهن اٺ، گهوڙي يا پنڌ وڃڻو پوندو هو ته ان کي سفر دوران ڪافي تڪليفون پيش اينديون هيون ۽ ڪافي وقت وڃائڻو پوندو هو.

انسان ان جي حل لاءِ ڪافي ڪوششون ڪيون ۽ نيٺ وڃي انهن مسئلن جو حل مليو، جنهن کي اسان بس، ريل گاڏي ۽ هوائي جهاز جو نالو ڏيئي سگهون ٿا. انسان پنهجو هڪ مسئلو ته حل ڪري ورتو جنهن ۾ سفر ڪرڻ دوران جيڪي تڪليفون ۽ وقت جو ذيان ٿيندو هو، پر ان سان گڏ هڪ نئون مسئلو پيدا ٿيو آهي.

انهن گاڏين مان نڪرندڙ دونهون جيڪو اسان جي ماحول کي خراب ڪندو ٿو وڃي، جنهن سان ڪافي بيماريون پيدا ٿين ٿيون ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. جڏهن انسان کي بجلي پيدا ڪرڻ جي ضرورت پئي تڏهن ائٽم، ڪوئلي ۽ پيٽرول جهڙين شين جو سهارو ورتو ۽ انهن شين مان بجلي پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پر انهن شين جيڪو ماحول کي خراب ڪيو شايد ئي ان جو حل ملي سگهي.

ائٽم بم جڏهن خلاءِ ۾ تجربي طور موڪليو ويو، ان دوران ان مان نڪرندڙ تيز باهه جنهن اوزون ليئر کي نقصان پهچايو، جنهن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کان اوهان واقف هوندو. انهن سان گڏوگڏ جڏهن وڏن ملن ۽ ڪارخانن مان نڪرندڙ دونهون پڻ اسان جي ماحول کي خراب ڪري ٿو جنهن جو اوهان کي شايد ئي اندازو هوندو.

انسان جيئن جيئن پنهنجا پنهنجا مسئلا حل ڪندو پيو وڃي تيئن تيئن پنهنجي لاءِ نوان نوان مسئلا پيدا ڪندو پيو وڃي. ان لاءِ انسان کي گهرجي ته هو هڪ مسئلي کي حل ڪرڻ دوران ڪهڙا ڪهڙا نوان مسئلا پيدا ٿيندا، ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکندي پنهنجي مسئلي جو حل ڳولهي پر جيڪڏهن ان حل مان ڪو نئون مسئلو پيدا ٿئي ته ان کي اتي ئي روڪي ڇڏي ۽ ان شيءِ جي استعمال کي يقيني بڻايو وڃي جنهن سان انساني زندگيءَ تي ڪو خراب اثر نه پوي.*