ايڇ ايم خواجا ميمو ريل لائبريري

ممتاز بروهي

جيئن ته دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ آهن ۽ هر ملڪ جي رهندڙ ماڻهن کي پنهنجي ملڪ جي عزت، احترام ۽ قدر آهي، سو انهن رهندڙ ماڻهن وانگر اسان کي به پنهنجي ملڪ جي عزت احترام ۽ قدر آهي. اسان جو ملڪ پاڪستان آهي، پاڪستان به هڪ خود مختيار ۽ آزاد اسلامي ملڪ آهي. اسان جي ملڪ ۾ چار صوبا پڻ آهن جيڪي هي آهن. سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبر پختون خواه. ماشاءَ الله اسان جي ملڪ جي چئن صوبن ۾ علم ڦهليل آهي ۽ هميشه ڦهلجندو رهندو ڇو ته هر انسان جي لاءِ علم هڪ روشني آهي انسان علم کان سواءِ انڌو آهي.

علم جي نوعيت اها ته علم عقل ۾ واڌ جو سبب آهي. جاهل ۽ تعليم يافته انسان جي فرق کي ظاهر ڪري ٿو. هر قسم جو علم حاصل ڪرڻ ضروري آهي. علم عربيءَ ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ علم جي معنيٰ ڄاڻ آهي. هن دنيا ۾ هر زندهه ۽ مرده شيءِ جي جدا جدا حيثيت آهي ۽ ان هر شيءِ جي ڄاڻ کي علم چئجي ٿو هر خاص و عام جي ڄاڻ سٺي ۽ بري جي ڄاڻ کي به علم چئجي ٿو.

اسان جي تاريخ اهڙن ڪيترن ئي عالمن، مؤرخن کي جنم ڏنو ۽ انهن پنهنجو علم قلمي صورت ۾ ڪتابن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اها قلمي صورت، اهي ڪتاب اسان لاءِ انمول علمي خزانو آهن جيڪي اسان جا عالم اسان لاءِ ڇڏي ويا ۽ انهن کي گڏ ڪري ڪتب خانا ٺاهيا ويا. اهي ڪتب خانا هر ترقيءَ يافته ملڪ جي سڃاڻ ۽ سونهن آهن. ۽ انهن ڪتب خانن وانگر سنڌ جي شهيد بينظير آباد شهر ۾ به هڪ لائبريري پڻ موجود آهي، جيڪا اڄ به ايڇ ايم خواجا ميموريل لائبريري جي نالي سان مشهور آهي. هي لائبريري دراصل خواجا صاحب جي ملڪيت آهي ۽ خواجا صاحب وڏي محنت سان پنهنجي هي ملڪيت ٺاهي هئي.

خواجا صاحب جي وفات جي گهڻن سالن کان پوءِ محترمه فريال ٽالپر هن ملڪيت کي ايڇ ايم خواجه ميموريل لائبريري جي نالي سان ٻيهر کولرايو ۽ اڄ جا نوجوان شاگرد سٺي نموني سان تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ خواجا صاحب کي اڄ به پنهنجي دعائن ۾ ياد ڪن ٿا، لائبريري جو انچارج سهيل احمد ڀنڀرو آهي. سهيل احمد ڀڀنرو پنهنجي محنت سان لائبريري جي هر ڪمي، پيشي پوري ڪندو آهي، اڄ به هن لائبريري ۾ گهڻي تعداد ۾ شاگرد پڙهڻ لاءِ ايندا آهن، انهن شاگردن لاءِ پهرين ليول کان وٺي سي.ايس.ايس ليول تائين ڪتاب موجود آهن، انهن شاگردن مان 90 سيڪڙو شاگرد انهن ڪتابن کي پڙهي سي ايس ايس جهڙو ڏکيو امتحان ۾ پاس ڪري چڪا آهن.

سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ انهن کان علاوه سي ايس ايس لاءِ تياري ڪندڙ شاگردن لاءِ الڳ سيڪشن پڻ موجود آهي. لائبريري جي انهن سيڪشن جي ڪري شاگرد پنهنجي سيڪشن ۾ سٺي نموني تياري ڪري سگهن ٿا. ۽ اڄ اهي شاگرد پنهنجي محنت جي ڪري پنهنجي منزل ماڻي ڪامياب ٿيا آهن.

ايڇ ايم خواجا ميموريل لائبريري ۾ صاف واٽر پلانٽ، پارڪ، /ڏسو صفحو ......4 ڪئنٽين، جنريٽر وغيره جي سهولت به موجود آهي.

هر شاگرد کي پنهنجي محنت ڪرڻ گهرجي چاهي هو گهر ۾ محنت ڪري يا وري لائبريري ۾ محنت ڪري، محنت ته محنت آهي ۽ پنهنجي منزل تي پهچي ڪري پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري.*