سر شاهنواز ڀٽو لائبريري

رضوان علي حاجاڻو

سنڌ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم آهن پر جيئن ته تعليم کي اڃا به وسيع ڪرڻ لاءِ ۽ شاگردن کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ لاءِ لائبريريون جوڙيون ويون آهن. اهڙي ريت لاڙڪاڻي شهر ۾ به هڪ لائبريري آهي، جنهن جو نالو سر شاهنواز ڀٽو پبلڪ لائبريري لاڙڪاڻو آهي جيڪا 1974ع ۾ ان وقت جي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو ٺهرائي هئي، جيڪا نه صرف شاگردن پر عام شهري کي به تمام گهڻو فائدو ڏئي رهي آهي. ٻين تعليمي ادارن سان گڏوگڏ لائبريري به هڪ اهم ادارو آهي، جنهن ۾ تعليمي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.

هن لائبريري ۾ مختلف قسمن جا ڪتاب، اخبارون، رسالا وغيره پڙهڻ لاءِ ملنديون آهن. سر شاهنواز پبلڪ لائبريري ۾ 8000 هزار ڪتاب رکيا ويا آهن جتي سنڌي، اردو، انگلش ۽ اسلامي ڪتاب پڻ موجود آهن ۽ 32 اخبارون، 38 مئگزينون به پڻ ملي سگهن ٿيون جيڪي اردو انگلش ۽ سنڌي زبان ۾ اچن ٿيون.

انهن ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن مان شاگرد ڄاڻ حاصل ڪري مختلف امتحانن جي تياري ڪندا آهن، جنهن ۾ سي ايس ايس، پي سي ايس ۽ انٽري ٽيسٽ وغيره آهن. هر سال لاڙڪاڻي شهر مان 1 کان 5 تائين ڇوڪرا سي ايس ايس امتحان ۾ ڪاميابي ماڻين ٿا ۽ ان جو اهو ئي سبب آهي جو لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو پبلڪ لائبريري جو قائم هئڻ آهي. هن لائبريري جي ڪري لاڙڪاڻي شهر جي نئين نسل ۾ تعليم جو به شعور وڌي ويو آهي ۽ لاڙڪاڻي ۾ 100 کان 150 تائين پرائيويٽ ڪي جي ۽ نرسري جا اسڪول کوليا ويا آهن.

هن لائبريري ۾ هر روز 600 شاگرد پڙهڻ ايندا آهن جيڪي پنهنجي لاڳاپيل سبجيڪٽن ۽ ٻين    امتحانن جي تياري لاءِ مختلف ڪتاب ۽ اخبارون جيڪي مختلف زبانن ۾ اينديون آهن ۽ پڙهندا آهن. جيڪا پڻ شاگردن کي روزمره جي معلومات، علائقي جي، اندروني ۽ بيروني خبرن کان باخبر رکن ٿيون. سر شاهنواز ڀٽو پبلڪ لائبريري لاڙڪاڻو ۾ ڪافي سهولتون شاگردن لاءِ موجود آهن.

ان سان گڏو گڏ ڪيٽالاگ، انٽرنيٽ ۽ ايئرڪنڊيشن اٽيج جي به سهولت شاگردن کي مهيا ڪئي وئي آهي. سر شاهنواز ڀٽو لائبريري کي شاگرد تمام گهڻي ترجيح ڏين ٿا . ڇاڪاڻ ته ان ۾ پڙهائي جو سٺو ماحول آهي. لائبريري ۾ نه صرف لاڙڪاڻي جا ڇوڪرا اچن ٿا پر ڀرپاسي سان تعلق رکندڙ ڇوڪرا هر روز ايندا آهن جنهن ۾ قمبر، شهدادڪوٽ، وارهه ۽ نصيرآباد جا شاگرد به شامل آهن.انهن سڀني شاگردن لاءِ هڪ ريفرنس حال ۽ /ڏسو صفحو ....... 4 آڊيوٽوريم موجود آهي. ان کان علاوه ليڊيزسيڪشن ۽ ننڍن ٻارن لاءِ چلڊرين سيڪشن به آهي. پر سي ايس ايس ۽ پي سي ايس لاءِ خاص الڳ الڳ سيڪشن موجود آهن.

ٻين سهولتن سان گڏ بڪ سيڪشن ۽ اسٽاڪ سيڪشن به موجود آهي هن لائبريري ۾ جديد سهولتن هئڻ جي ڪري تعليم جو رجهان تمام گهڻو زور وٺي رهيو آهي. لاڙڪاڻي شهر ۾ تعليم جو وڌنڌڙ رجحان جو سبب سي ايس ايس فرسٽ پوزيشن هولڊر سيد فدا حسين شاهه جي ڪري وڌي ويو آهي، جنهن سڄي پاڪستان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي جنهن جو تعلق ضلعي لاڙڪاڻي ۽ موهن جو دڙو جي قريب آريجا ڳوٺ سان آهي ۽ سيد فدا حسين شاهه کي به ان منزل تي پهچائڻ ۾ مدد هن لائبريري يعني سر شاهنواز ڀٽو لائبريري لاڙڪاڻو جو اهم ڪردار آهي. ۽ اڄ هر لاڙڪاڻي جي ننڍي ٻار جي زبان مان اهو آواز هونگي رهيو آهي ته آئون سي ايس ايس جو امتحان ڏيندس.

هاڻي هي نه صرف سنڌ پر پاڪستان جي اهم لائبريري مان هڪ آهي. سر شاهنواز ڀٽو پبلڪ لائبريري لاڙڪاڻو هاڻوڪي دور ۾ پاڻ مڃرائي ورتو آهي ۽ ايندڙ ايندڙنسل لاءِ تمام فائديمند ثابت ٿيندي. اها ڳالهه لاڙڪاڻو توڙي ملڪ جي هر ڪنڊ ۾ گونجي رهي آهي ته آخر اهڙو ڪهڙو ادارو آهي جيڪو هر سال کان 5 سي ايس ايس آفيسر لاڙڪاڻي ۾ تيار ڪري ٿو. انهن سڀني ماڻهن کي علم هئڻ گهرجي ته اهو ادارو صرف شاهنواز لائبريري آهي.

نه صرف سي ايس ايس  ۾ پر ٻين ڪيترين ئي شعبي ۾ لاڙڪاڻي جا شاگرد ڀرپور حصو وٺي رهيا رهيا آهن انهن سڀني جي ڪاميابي پٺيان هن لائبريري جو هٿ آهي. ايترو وڌنڌڙ ڪامپيٽيشن ۽ شعور هڪ قوم جي ترقي ڏانهن سفر آهي.

مستقبل ۾ هر قوم لاءِ شايد اهو پيغام آهي ته موهن جي دڙي واري تباهه ٿيل تهذيب هڪ دفعو وري سر زمين تي جنم وٺي رهي آهي. ۽ ان ڪم ۾ هن اداري سر شاهنواز ڀٽو لائبريري جو اهم ڪردار آهي. جيڪو فراموش نه ٿو ڪري سگهجي.*