ساهتي پر ڳڻي۾ رلي ۽ ڀرٿ جو هنر

هدايت الله قريشي

سنڌ جو هر شهر هنر جي لحاظ کان پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، نوشهروفيروز جو رلي ۽ ڀرٿ جو هنر گهڻو مشهور آهي. رلي هونئن ته ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، هڪ عام رلي ۽ هڪ ٽڪ واري. ٽڪ واري رلي جيڪا ٻين رلين کان مهانگي آهي ڇو ته هن ۾ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي آهي. رلي ٺاهڻ لاءِ پراڻو يا نئو ڪپڙو استعمال ٿيندو آهي. رلي جا مختلف نمونا هوندا آهن جئين ٻيڙي، ڪوپ ساسر، ستارا، وڻ، ماچيس وغيره. ٽڪ واري رلي ٿر جي تمام گهڻي مشهور آهي هڪ عام رلي ٺاهڻ ۾ به اٺ کان ڏهه ڏينهن لڳي ويندا آهن رلي ٺاهڻ لاءِ خاص قسم جو ڪپڙو استعمال ڪبو آهي، جنهن کي فليٽ سڏيو وڃي ٿو. هڪ عام رلي جي قيمت پندرهن سئو رپين کان پنجويهه سئو رپين تائين آهي.

ٽڪ واري رلي ۾ مختلف ڊزائينن سان ڪٽائي ڪري ٽڪ ڪئي ويندي آهي ٽڪ واري رلي کي تيار ڪرڻ ۾ هڪ مهينو لڳي ويندو آهي ان جي قيمت ٽي هزار رپين کان پنج هزار رپين تائين هوندي آهي. سنڌي عورتن جي محنت کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو آهي پر افسوس حڪومت طرفان ڪا به اهڙي سهوليت مهيا نه ڪئي وئي آهي جئين نوجوان ڇوڪريون پڙهائي سان گڏ هٿ جو هنر به سکي سگهن. نوشهروفيروز جي جن علائقن ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن سان گڏ هنر وارا سينٽر قائم ڪيا ويا آهن اتي اسٽاف مقرر نه ڪيو ويو آهي ناريون پنهنجي گهر يا پاڙي واري گهرن ۾ سکڻ وينديون آهن. سنڌي عورتن جون ٺهيل رليون پاڪستان سميت دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پسند ڪيون وينديون آهن۽ ڳوٺن جو عورتون پنهنجي گهر جي سونهن ۽ سجاوٽ لاءِ نئين نمونن جون رليون ٺاهينديون آهن ۽ پنهنجي عزيزن کي تحفي طور ڏينديون آهن. نوشهروفيروز ۾ ٽڪ وارين چادريون به ٺاهيون وڃن ٿيون جن ۾ بيڊ، کٽ، وهاڻن جون کلون ۽ ميز پوش ٽڪ ڪيا ويندا آهن. بيڊ جي چادر ارڙهن سئو ۽ کٽ جي چادر ٻارنهن سئو رپين ۾ ٺاهي وڃي ٿي.

نوشهروفيروز ۾ هٿ جو ڀرٿ به تمام گهڻو مشهور آهي  جئين ڪينويز، چڪنو، موتي داڻو تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي. ڳوٺن جو عورتون هٿ جو ڀرٿ وڏي شوق سان ڀرينديون آهن ۽ پنهنجين نياڻين کي به سيکارينديون آهن.  هر ڀرٿ جي پنهنجي پنهنجي محنت هوندي آهي ان لاءِ ان جي اگهه ۾ به فرق هوندو آهي ڀرٿ ۾ چولا ، روا ڀريا ويندا آهن. هاڻي هٿ جي ڀرٿ جو رجحان گهٽجي ويو آهي ڇو ته هاڻي ڀرٿ واريون مشينيون اچي ويون آهن ۽ جلدي ڪپڙا تيار ٿي ملن ٿا. ان جي ڪري نوجوان ڇوڪرين ڀرٿ سکڻ ڏانهن توجه گهٽائي ڇڏيو آهي. اهڙي طرح هن هنر جي ختم ٿيڻ جوانديشو آهي.*