سنڌي رسمن جي عڪاسي ڪندڙ وحدت ڪالوني

مظهر قمبراڻي

سنڌ ڌرتي جي هر وسندي، واهڻ توڙي شهر سنڌي ماڻهن جي رهڻ سهڻ ۽ مهمان نوازي جي عڪاسي ڪندا آهن، جنهن ۾ وحدت ڪالوني به هڪ آهي. لفظ وحدت وحدانيت مان نڪتل آهي، وحدت ڪالوني حيدرآباد ۾ سنڌي ڪميونٽي جي حوالي سان شهرت رکي ٿي. هي ڪالوني حيدرآباد شهر جي اتر اولهه واري پاسي واقع آهي، هن سان منسلق راڻي باغ پڻ موجود آهي جيڪو شهر توڙي سڄي سنڌ ۾ تفريح گاهه طور مشهور آهي هن باغ ۾ شهر کان علاوه اندرون سنڌ جا ماڻهون سير ۽ تفريح لاءِ ايندا آهن، هي ڪالوني سنڌ جي ثقافت کي پڻ اجاگر ڪري ٿي ڇاڪاڻ ته هتي اندرون سنڌ مان ڪجهه خالص شيون وڪري لاءِ اينديون آهن جيڪي تازگي ۽ ذائقي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هونديون آهن جهڙوڪ: بهه، چڻن ۽ مٽن جي پلي جو ساڳ، تازي مڇي جنهن ۾ پلو گهڻو مشهور آهي جيڪي مند جي حساب سان هر وقت ميسر هوندا آهن.

وحدت ڪالوني ۾ اڪثر ڪري آبادي اندرون سنڌ جي ماڻهن جي آهي جيڪي ڪيترن ئي سالن کان وٺي هتي جا رهاڪو بڻجي چڪا آهن. وحدت ڪالوني ۾ سروسز اسپتال پڻ موجود آهي جنهن ۾ هر شعبي جا ڊاڪٽر شامل آهن هن اسپتال ۾ روزانو ڪيترائي ماڻهو، شهري توڙي اندرون سنڌ مان اچي علاج معالج ڪرائن ٿا هن اسپتال کي صحت کاتو حڪومت سنڌ هلائي رهيو آهي جتي طبعي سهولتن سان گڏ صفائي سٿرائي جو پڻ بندوبست ٿيل آهي. مسلمان جي اڪثريت هئڻ ڪري هتي ڪيتريون ئي سٺيون مسجدون تعمير ٿيل آهن جيڪي مسلمانن جي فن تعمير جو ڏيک پيش ڪن ٿيون. وحدت ڪالوني ۾ مدرسن سان گڏ ڪيترائي سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارا موجود آهن جيڪي نوجوان نسل کي تعليم جهڙي زيور سان آراستا ڪري رهيا آهن.

سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو ۽ مرزا قليچ بيگ ڪتاب گهر موجود آهي، جتي سنڌي ٻولي جا بيشمار ادبي ڪتاب، سفرنامه، ديني ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن جيڪي نوجوان نسل ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ هڪ بهترين ذريعو آهن.

وحدت ڪالوني جي ڏکڻ اولهه پاسي گدو اسپتال موجود آهي جيڪا تاريخي حيثيت رکي ٿي هن اسپتال ۾ سنڌ توڙي سڄي ملڪ مان ايندڙ نفسياتي ۽ ذهني مريضن جي علاج معالجي جي سهولت آهي جن مان اڪثر مريض ٺيڪ ٿي پنهنجي گهرن ڏانهن موٽندا آهن. وحدت ڪالوني ۾ ڪيترائي اين .جي. اوز پڻ انساني ڀلائي جو ڪم سر انجام ڏئي رهيا آهن جنهن ۾ پائلٽ ويلفيئر ڪمپليڪس ۽ ڊي سينٽر مشهور آهن جتي غريب ۽ بي سهارا ماڻهن جي مدد ڪئي ويندي آهي.*