ڦليلي کي زهريلو بڻائيندڙگند ڪچرو

علي محمد ڪيريو

حيدرآباد شهر جي وچ مان گذرندڙ ڦليلي ڪئنال مان حيدرآباد، ٽنڊو محمدخان، بدين ۽ ماتلي شهرن جي 12 لک ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ٿئي پر انتهائي بد قسمتي آهي، حيدرآباد واسي گند ڪچرو اتي اڇلين ٿا، جنهن ڪري وڏي انساني آبادي کي سڌي طرح خطرو آهي.

حيدرآباد شهر جي تقريبن20 ڪلوميٽرن جي علائقي ۾ ڦليلي ڪئنال ۾ گٽر نالا ڇوڙ ٿين ٿا. جن جو انگ 60 کان وڌيڪ آهي. ڪينال جي ڪپ تي رهندڙ شهري گهر جو ڪچرو، ٿهيليون ۽ ٻيون شيون اڇلائين ٿا. ڦليلي ڪينال ۾ ٻارهن پلاسٽڪ فيڪٽرين، سيمينٽ جي فيڪٽرين، ڪپڙي ڌوئڻ جي سوين ڪارخانن جو انتهائي گندو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ٿو.

ڦليلي ڪينال تي مينهن جا واڙا ۽ ڪوس گهر به موجود آهن انهن جو گند ڪچرو به ڦليلي ڪينال ۾ اڇلايو وڃي ٿو، اهي فيڪٽريون، مينهن جا واڙا، ڪوس گهر، ڪپڙي ڌوئڻ جا ڪارخانا آر ڊي 4 کان آر ڊي 38 ۾ آهن. جيڪي حيدرآباد انتظاميا جون حدون آهن. هڪ تحقيق مطابق ڦليلي ڪينال ۾ هڪ مهيني اندر 316.2 ٽن نائٽروجن ۽ 58.3 ٽن فاسفورس خارج ٿئي ٿي.

پاڻي جهڙي نعمت کي گند ڪچرو اڇلائي ان کي زهر بڻائڻ ۽ اهو پاڻي 12 لک ماڻهن کي پيئڻ لاءِ فراهم ڪرڻ صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهي، ڦليلي ڪئنال گند ڪچرو اڇلائي فطرت ۽ ماحول جا بکيا اڍيڙيا پيا وڃن. حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، بدين ۽ ماتلي جي رهواسين توڙي سماجي تنظيمن ڪيترائي ڀيرا ان اهم مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي، گند ڪچرو اڇلائيندڙ حيدرآباد واسي به ان حقيقت کان ڀلي واقف هجن ته پيئڻ وارو پاڻي گندو ئي رهيو آهي. پر ان جي باوجود اهي پنهنجي غلط عمل کي روڪڻ لاءِ تيار ناهن. ان کان سواءِ حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان ۽ بدين انتظاميا اهم مسئلي جي حل لاءِ جوڳا اپاءَ نه ورتا آهن.

هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت، مقامي انتظاميا توڙي گند ڪچرو اڇلائيندڙ رهواسي گڏجي پاڻي کي زهر بڻائيندڙ ڪنهن ٻئي هنڌ اڇلائڻ لاءِ انتظام ڪن ته جيئن لکين ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ٿئي جيڪو انهن جو بنيادي حق آهي.*