انگريزن جي دور جا تاريخي بنگلا

جانب علي جتوئي

سنڌ اندر ڪيترائي ماڳ آهن، جن سان اسان جي تاريخ جا واقعا لاڳاپيل آهن. انهن مان ڪيترائي ماڳ مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا ۽ اڄ به ڪيترائي ماڳ حڪومت جي بي ڌيانيءَ سبب اصل خوبصورتي ۽ حيثيت وڃائي رهيا آهن. جيڪي اڄ به ڌيان طلب آهن، انهن مان انگريزن جا تاريخي بنگلا به هڪ آهن.

انگريزن جي دؤر جا تاريخي بنگلا جيڪي دادو ضلعي جي ڳوٺ ڦڪا کان اٽڪل 2 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهن. انگريزن جي تاريخي بنگلن بابت تاريخ خاموش آهي. انگريزن جي تاريخي بنگلن جي ڪل ايراضي 15 ايڪڙ ٿيندي. ڀرپاسي جي ڳوٺ وارن جو چوڻ آهي ته هي بنگلا دڙن تي اڏيل آهن ۽ انهن جي ايراضي ڏينهون ڏينهن گهٽجندي رهي ٿي.

انگريزن جي تاريخي بنگلن کان 1 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي انگريزن جي دؤر جو ايئرپورٽ به تعمير ٿيل آهي. بنگلن ۾ انگريزن جي دؤر جو سازو سامان رکيل آهي. انگريزن جي دؤر جا تاريخي بنگلا خوبصورت ماڳن ۾ شمار ڪيا ويندا آهن. انگريزن جا تاريخي بنگلا 1884ع ۾ تعمير ڪرايا ويا جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو هو. هنن تاريخي بنگلن جو ڪم چئن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويو.

انگريزن جا هي تاريخي بنگلا ڳوٺ ڦڪا جي حد ۾ هئڻ جي ڪري انگريزن جي بنگلن جي نگراني ڳوٺ ڦڪا جي ماڻهن جي حوالي آهي. انگريزن جي دؤر ۾ ڳوٺ ڦڪا ۾ مختلف ذاتيون رهنديون هيون، جن ۾ سيد، جتوئي، سومرا، سورهيا، ساٽي ۽ هندو اڪثريت ۾ رهندا هئا ۽ اهي انگريزن جي تاريخي بنگلن ۾ مزدوري وغيره به ڪندا هئا.

انگريزن جي تاريخي بنگلن ۾ انگريزن جي دؤر جو ريسٽ هائوس به تعمير ٿيل آهي، ريسٽ هائوس ۾ پنج ڪمرا آهن ۽ وچ ۾ وڏو حال آهي، جتي آفيسر ويهي ڪچهري ڪندا هئا، ۽ مختلف وفدن سان ملي مسئلا حل ڪندا هئا، ان کان علاوه چار ڪمرا ٻيا به تعمير ٿيل آهن، جتي انگريزن جي دؤر ۾ موجود آفيسرن لاءِ آفيسون ٺاهيون ويون هيون.

انگريزن جي دؤر جا تاريخي بنگلا 6 ٺهيل آهن، جن ۾ هرهڪ بنگلي ۾ 5 دروازا ۽ 8 دريون آهن، هي بنگلا وڏين ٿلهين سرن سان ٺهيل آهن. سرن جي ڊيگهه هڪ فوٽ، ويڪر ڇهه انچ ۽ ٿولهه چار انچ آهي. انگريزن جي تاريخي بنگلن ۾ ڪيترائي سربراهه ۽ ناميارا سياستدان قيام ڪري چڪا آهن، انگريزن جي دؤر جي ريسٽ هائوس اڳيان ڪونڊيون ٺهيل آهن، ڪونڊيون سهڻي نموني سان رکيل آهن، ۽ ڪونڊين جي ٻاهران چٽسالي ٿيل آهي.

بنگلن جي اڳيان هڪ پارڪ آهي، جنهن ۾ ڇٻر پوکيل آهي، ڇٻر هنن تاريخي بنگلن جي خوبصورتي جو سبب آهي. انگريزن جي بنگلن کان ڪجهه مفاصلي تي دادو ضلعي جو وڏي ۾ وڏو قبرستان آهي، انهيءَ ۾ ڪيترائي مقبرا ۽ قبرون آهن، جن ۾ منگو پير جتوئي ۽ شهداد فقير لانگاهه جا مقبرا مشهور آهن.

ٻئي طرف انگريزن جي دؤر جا تاريخي بنگلا حڪومت جي لاپرواهي ۽ بي ڌيانيءَ سبب هنڌان هنڌان ٽٽي پيا آهن ۽ انهن مان ڪجهه بنگلا پنهنجي اصل خوبصورتي وڃائي رهيا آهن. جيڪي بنگلا سياحت جو مرڪز بڻيل هوندا هئا، سي اڄ ويران پيل آهن.

اسان کي هن تاريخي ماڳن جي مالڪي ڪرڻ کپي، آرڪيالاجي وارن جي بي ڌيانيءَ سبب تاريخي ماڳ پنهنجي سڃاڻپ وڃائي رهيا آهن. اڄ به اسان اک نه پٽي ته هي تاريخي انگريزن جي دؤر جا بنگلا مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويندا. سنڌ جي ساڃاهه وندن کي گذارش آهي ته تاريخي ماڳ بچايو! ائين نه ٿئي ته اسان تاريخي ماڳن کان محروم رهجي وڃون.*